يوسف شاهين فن ۽ شخصيت
يوسف شاهين ولد عبدالله دائود پوٽو 3 اپريل 1939 ۾ سنڌ جي مشهور تاريخي شهر نصرپور ۾ جنم ورتو. سنڌ جي هن سٻاجهي انسان سان منهنجي ويجهڙائيءَ جو هڪڙو وڏو سبب اسان جي علائقي جو هڪ هجڻ آهي، ٽنڊوالهيار ۽ نصرپور ويجها ۽ گڏيل شهر آهن ۽ هن تعليم پڻ ٽنڊوالهيار جي ايس ايم هاءِ اسڪول مان ورتي، نصرپور جو شهر جتي منهنجو اچڻ وڃڻ اڪثر دوستن وٽ رهيو. جن ۾ ممتاز درس، محمد خان سمون، سائين خليل دائود پوٽو ۽ امان الله پانڌياڻي هئا. منهنجي والد صاحب جا وري نصرپور جي ڀرسان ويٺل رندن ۽ تاجپور جي نوابن سان نينهن جا ناتا رهيا.
يوسف شاهين سان منهنجي واقفيت به ڪا گهڻي ڪانه رهي آهي، پر اسين صرف زندگيءَ ۾ هڪڙو ڀيرو PECH ڪراچيءَ ۾ ظفر اڄڻ جي گهر تي مليا آهيون، جتي هن ٻڌايو ته هو ان کان هڪڙي رات پهرين اسڪاٽلينڊ يارڊ ۾ هو ۽ هن اتي سنڌ تي هڪڙو آزاد نظم لکيو هو، ان محفل ۾ هن اسان کي اهو نظم ٻڌايو هو ۽ مان پهريون ڀيرو سندن عالمانه گفتگو مان محفوظ ٿيو هئس، ان بعد 1995 ۾ دستگير ڀٽيءَ جي چوڻ تي اسلام آباد مان سندس اجازت سان مون يوسف شاهين صاحب سان فون تي ڳالهايو ۽ سندس گهر اسلام آباد برسات اخبار جي بيورو آفيس ۾ ڪجهه ڏينهن ترسيس.
پاڙي ويڄ هيام، تان مون مور نه پڇيا،
تيلاهين پيام، موريسر اکين ۾!
يوسف شاهين سنڌ جو اهو عالم آهي، جنهن تي جا بجا سنڌ فخر ڪري ٿي، هن جي شخصيت ۾ هڪڙو شاعر، اديب، تاريخدان محقق عالم ۽ صحافي موجود آهي، پر انهن سڀني حوالن کان جيڪو سندس وڏو حوالو آهي سو آهي ”سنڌ پرستي“
سنڌ جو هيءُ برجستو ڏاهو، جنهنجو نالو سندس تحقيق ۽ ڪتابن جي حوالي سان ايمازون کان وٺي نوبل پرائيز لاءِ شارٽ لسٽ ٿيڻ جي ڪري دنيا جي ايوانن ۾ گونجندو ٿو رهي، تنهن جي لکيل جن ڪتابن جا مون کي حوالا ملي سگهيا آهن، سي هيٺيان آهن:
(1) اناالحق، (2) فاتحن جي دنيا، (3) قديم سنڌو ماٿر، (4) اندر ۾ اهاءُ ٿيو، (5) انگريز سرڪار ۽ شاهه عبداللطيف آف ڀٽ، (6) شاهه لطيف آزاديءَ جو علمبردار، (7) حق موجود، (8) يوناني ڏند ڪٿائون، (9) خدا، انسان ۽ جانور (10) عالمي تاريخ جو مطالعو (هي ڪتاب بقول پبلشرز جي هن ڪتاب جا ڏهه جلد لکجڻا آهن)،
(11) world confideration of the people, (12) Rise & Fall of Languages, (13) Truth untold, (14) The world of Conquerors, (15) Tracherous role of Armies, (16) Rise and Fall of Gods, (17) Fall of Native Languages of Americans, (18) Rise and Fall of Sanskrit, (19) William the Bastard, (20) Land of Wisdom, (21) The Story of the Ancient Indus People, (22) Slave Nations under British Monarchs, (23) Artificial Borders of the World.
يوسف شاهين صاحب سنڌ جي سمورن تاريخدانن توڙي محققن مان پهريون ترقي پسند ليکڪ آهي، جيڪو بين الاقوامي حيثيت جو درجو رکي ٿو، ننڍي کنڊ کان وٺي يورپ ۽ آمريڪا جي تاريخ توڙي قديم ۽ جديد مذهبن تي ڄاڻ جو عبور رکي ٿو. اهڙي طرح هو دنيا جي جنگين ۽ قديم سوشلسٽ توڙي جمهوري تاريخ مان پڻ مطمئن ناهي، جيڪا قومن کي پنهنجين ٻولين ۽ وسيلن جا حق نٿي ڏياري سگهي، گڏوگڏ مرد توڙي عورت کي برابري ۽ انسان هئڻ جا حق به نٿي ڏياري سگهي! دنيا ظلم ۽ اڻ برابريءَ جي جڳهه آهي. مختلف ٿيوريز آهن: ڪي دنيا جي وجود جي ڳولا ”ڪن فيڪون“ ۾ ڪن ٿا ۽ ڪي ”بگ بينگ“ جي لفظ ۾ ۽ هاڻ وري ڪن چوڻ شروع ڪيو آهي ته ”دنيا چپ چپات لکين سالن جي پراسيس ۾ وجود ۾ آئي!“
دنيا کي وجود ۾ آئي 14.8 ارب سال ٿيا آهن ۽ ڌرتيءَ کي وجود ۾ آئي 4.6 ارب سال ٿيا آهن ۽ ڌرتيءَ تي زندگيءَ لاءِ موافق حالتون 4.3 ارب سال پهرين پيدا ٿيون ۽ زندگي Microscopic Organism جي صورت ۾ شروع ٿي. ڌرتيءَ تي انسانن کان پهرين جيت جڻيا ۽ پوءِ ڊائناسار رهندا هئا، جن کي آسمان مان ڪريل هڪڙي “Asteroid” تباهه ڪيو. جنهن ڪري ڌرتيءَ تان ڊائناسارن جو وجود ختم ٿي ويو. قصو مختصر ته جديد انسان صرف ٻه لک سال پهرين آفريقا کنڊ ۾ پيدا ٿيا.
انسان جو تهذيبي دور 3000 سال يا 4000 سال B.C کان شروع ٿئي ٿو، يعني پنجن کان ڇهه هزار سالن کان انسان غارن مان نڪتو ۽ گهر گهاٽ ٺاهي رهڻ لڳو.
تاريخ جي شاگردن لاءِ انساني تهذيب ۽ انساني سماجي سڌاري (Development) ۾ جيڪي پنج عنصر ڳڻيا ويا، سي (1) شهرن جو اڏجڻ، (2) انهن ۾ خاص ڌنڌوڙي ڪاريگر، (3) هٿ جا هنر، جهڙوڪ: ڪنڀر، لوهر، ڪوري، گڏيل ادارا، (4) حساب ڪتاب رکڻ جا ماهر ۽ (5) جديد ٽيڪنالاجي جو اڳتي اچڻ شامل آهن. مونکي هتي موضوع کان هٽي ڪجهه وقت ڳالهائڻو آهي:
روس جي مهان اديب دوستو وسڪي جي ناول ايڊيٽ جو ذڪر ڪندس جنهن ۾ سندس ڪردار پرنس مشڪن جيڪو بيمار آهي، چوي ٿو:
“Pain and Suffering are always inevitable for a large intelligence and a deep heart. The reality great men must. I Think, have grerat sadness on earth”
دردمند دل ۽ وڏي ذهانت رکندڙ شخص لاءِ ڏک ۽ تڪليفون اڻٽر آهن. وڏي ماڻهوءَ لاءِ ڌرتيءَ تي رڳو گهري اداسي جهڙو ماحول آهي.!
مون جڏهن يوسف شاهين صاحب جا ڪتاب پڙهيا ته محسوس ٿيم هر وڏي ماڻهوءَ جيان هو پڻ ان سوچ، تڪليف ۽ پريشانيءَ ۾ آهي ته هيڏي ترقي ماڻڻ ۽ تهذيب يافتو هجڻ باوجود انسان اڃان انسانيت جي منزل کي نه پهچي سگهيو آهي ۽ هو دوستو فسڪي جي ناول ”ايڊيٽ“ جي هيري پرنس مشڪن جهڙو بيوقوف ئي آهي.
يوسف شاهين صاحب جي هر ڪتاب جو محور دراصل سنڌ شناسي آهي. سن چار هزار پنج سو قبل مسيح جي ويجهو ميسوپوٽيميا ۾ ماڻهن تهذيبي زندگي گذارڻ شروع ڪئي ۽ چار هزار سال قبل مسيح پهرين جتي پٿر جي لوحن تي دنيا جو پهريون ڪتاب لکيو ويو. “Epic of Gilgamesh” ”گل گامش جو قصو“ ۽ سنڌ ۾ رگويد آرين جي لڏپلاڻ کانپوءِ 1500 قبل مسيح ۾ لکيو ويو، پر سنڌ ۾ تهذيب جو شعور ميسوپوٽيميا کان به گهڻو اڳ آيو. سنڌ 7000 قبل مسيح ۾ اها منزل حاصل ڪري چڪي هئي، ان ڪري اهو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته سنڌ ميسوپوٽيميا کان به ٽي هزار سال پهرين شعور جا اهي ڏاڪا طئي ڪري چڪي هئي، تنهنڪري دنيا جي تاريخ ۾ “Cradle of Civilization” دراصل سنڌ آهي جنهن کي 1947 جي ورهاڱي ڌنڌلائي ڇڏيو آهي!
اسان جي ادارن، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۽ ٻين عالمن ۽ اديبن کي ان ڏس ۾ سنجيده ڪوششون وٺي تحقيق ڪري انگريزيءَ ۾ ڪتاب ڇپائي دنيا اڳيان سنڌ جي قدامت کي ظاهر ڪرڻ گهرجي.
يوسف شاهين اسان کي نه رڳو تاريخ ۽ سياست کان واقف ڪيو، بلڪه هن سنڌ کي قديم ڪلاسيڪل ادب، يوناني ديوتائن، مصري ديوين ديوتائن ۽ دنيا جي قديم ادب ۽ سنڌ شناسي سان روشناس ڪرايو آهي، جنهن لاءِ کيس جس هجي.
يوسف شاهين جي هيستائين ڪيل ڪم کي خراج تحسين پيش ڪندي آخر ۾ مان پنهنجي دوست شاعر ”سرواڻ سنڌيءَ“ جو هيءُ شعر پڙهي ختم ڪندس جيڪو موقعي جي مناسبت سان آهي. جنهن هي نظم 5 سيپٽمبر تي اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جي پاڪستاني زبانون ڪا ملي مشاعره ۾ پڙهيو هئو:
سنڌ مون لئه دعا سنڌ مون لئه امان
سنڌ تو لئه وڇاڻو هجي ڀل هجي،
سنڌ مون لئه دعا، سنڌ مون لئه امان!
سنڌ مون لاءِ ڪلمه شهادت جيان،
سنڌ قرآن جي هر ڪنهن آيت جيان،
سنڌ ياسين، ڪوثر ۽ فاتح جيان،
سنڌ زيتون، اخلاق، سوره جيان
سنڌ مريم جي ميراث، عيسيٰ جيان،
سنڌ هارون، يحيٰ ۽ موسيٰ جيان،
سنڌ هابيل، قابيل آدم جيان،
سنڌ تو لئه وڇاڻو هجي ڀل هجي،
سنڌ مون لئه دعا، سنڌ مون لئه امان.
سنڌ ڌارين لئه جنت جيان آ سدا،
سنڌ پنهنجن لئه دوزخ جي آتش جيان،
سنڌ غدار لئه ڪوڪ وانگر سدا،
سنڌ حقدار لئه ميخ وانگر سدا،
سنڌ عاشق لئه معشوق ماڻي جيان
سنڌ خوابن ۾ ريشم وهاڻي جيان،
سنڌ اجري بدن تي آ بخمل جيان
سنڌ تولئه وڇاڻو هجي، ڀل هجي،
سنڌ مون لئه دعا، سنڌ مون لئه امان
سنڌ پيرن لئه سڻڀو سدائين ٽڪر،
سنڌ ميرن لئه بالي جي ٻولي جيان
سنڌ عورت لئه شام غريبان جيان
سنڌ مردن لئه خيمن ۾ باهين جيان،
سنڌ مظلوم ڪارڻ آ ڪربل جيان،
سنڌ ظالم لاءِ تخت يزيدي جيان،
سنڌ ترخان لئه ماٺ مڪليءَ جيان
سنڌ دودن لاءِ روپا جي ماڙي جيان
سنڌ تولئه وڇاڻو هجي ڀل هجي،
سنڌ مون لئه دعا، سنڌ مون لئه امان
سنڌ سرواڻ لاءِ تلاوت جيان
سنڌ زندان راتين ۾ راحت جيان
سنڌ هوشو جي سهڻي ڪهاوت جيان
سنڌ مسجد جيان، سنڌ سجدن جيان
سنڌ تسبيح جي منزل ۽ داڻن جيان
سنڌ ڄامن لئه نوري مهاڻي جيان
سنڌ پٿر جيان سنڌ پاڻيءَ جيان
سنڌ مخدوم صالح لاءِ سوريءَ جيان
سنڌ جوڌن لئه رت جي مزدوريءَ جيان
سنڌ تولئه وڇاڻو هجي ڀل هجي،
سنڌ مون لئه دعا، سنڌ مون لئه امان