پاڪستان ڪنهن ٺاهيو؟
گريٽ گيم ۾ برطانوي اسٽيبلشمينٽ جو ڇا ڪردار هو؟
پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل
(حصو ٽيون)
محمد علي جناح آخري گول ميز ڪانفرنس کان پوءِ هندستان نه آيو ۽ لنڊن ۾ رهي پيو. محمد علي جناح پنهنجي زندگي جا چار اهم سال برطانيا ۾ گذاريا. هن وچ ۾ هو سياسي طور ڇا ڪندو رهيو، ڪنهن کي به صحيح علم ناهي. تاريخي واقعن مان لڳي ٿو ته محمد علي جناح فيصلو ڪري چڪو هو ته هو هندستان واپس نه ويندو، ڇو ته ڪجھ تاريخدانن جو خيال آهي ته محمد علي جناح برطانوي پارليمينٽ جو ميمبر ٿيڻ چاهي پيو، پر هن ڪنهن سبب جي ڪري هندستان واپس ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ان وچ ۾ محمد علي جناح ۽ اقبال جي خطن ذريعي به ڳالھ ٻولھ هلندي رهندي هئي. هن وچ ۾ مسلم ليگ پڻ غير متحرڪ ٿي وئي هئي. جڏهن ته مسلمانن جي اڪثريت ڪانگريس ڏانهن اميد جي نظر سان ڏسي رهي هئي، ڇو ته ڪانگريس ۾ مولانا ابو الڪلام آزاد جهڙا ماڻهو به شامل هئا ۽ ڪانگريس هندستان جي عام ماڻهن تائين رسائي رکندي هئي. بهرحال! محمد علي جناح لنڊن ۾ ڪهڙي منصوبي تي 4 سال ڪم ڪندو رهيو، اهو ته ڪنهن کي علم نه ٿي سگهيو آهي، پر جيئن ئي هو هندستان موٽيو ته سندس اندر هڪ الڳ قسم جو جنون پيدا ٿي چڪو هو، جيڪو پهرين سندس شخصيت ۾ ڏسڻ ۾ نه آيو هو. هن جنون جو ڪارڻ شايد 1937 جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ جي بدترين شڪست هئي، يا لنڊن ۾ جوڙيل منصوبي تي ڪم جي شروعات هئي. اهو چوڻ مشڪل آهي.
گول ميز ڪانفرنس کان ڪجھ وقت اڳ اڃا سائمن ڪميشن به هندستان نه آيو هو ته نهرو رپورٽ سامهون آئي، وري جناح جا ان جي جواب ۾ مشهور 14 نڪتا سامهون آيا، جيڪي نهرو رپورٽ جو جواب سمجهيا ويندا هئا، ٻنهي تجويزن کي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ٻنهي پارٽين رد ڪيو ڳالھ وڃي مضبوط وفاق ۽ لچڪدار وفاق تي اٽڪي پئي، جڏهن هندستان آزاد ٿيو ۽ پاڪستان به ٺهي ويو ته هندستان جو آئين ٿوري گهڻي فرق سان نهرو رپورٽ تي ئي ٺاهيو ويو، نهرو رپورٽ کي سمجهڻ ضروري آهي، اهڙو فارمولو تيار ڪرڻ ڪانگريس جي وڏي ڪاميابي هئي ڊاڪٽر اشتياق احمد پنهنجي ڪتاب “جناح ” ۾ نهرو رپورٽ تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي، جيڪو سڀ کي پڙهڻ گهرجي. نهرو رپورٽ جهڙو فارمولو جديد رياست لاءِ ضروري هو، ان ۾ سڀني مذهبن جي ماڻهن کي برابر جو حق ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ شهري کي انسانيت جا تمام حق ڏنا ويا هئا. ياد رکڻ گهرجي ته جنهن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ جتي ڪانگريس جي دعوت تي گهڻيون ئي سياسي پارٽيون ۽ تنيظمون شريڪ ٿيون هيون ۽ جنهن جا مختلف اجلاس ٿيا، جنهن مان هڪ اجلاس ۾ ڊاڪٽر مختار احمد جيڪو ڪانگريس طرفان اجلاس جي سربراهي ڪري پيو. ان موتي لال نهرو کي ڪميٽي جو هيڊ ڪري رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ ڏني. جنهن مشاورت سان هڪڙي رپورٽ تيار ڪئي جنهن کي نهرو رپورٽ چيو ويو. گول ميز ڪانفرنس جي ناڪامي کان پوءِ برطانوي حڪومت انڊين ايڪٽ 1935 پاس ڪيو، جنهن ۾ برما کي برطانوي هندستان کان الڳ ڪيو ويو ۽ سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪري الڳ صوبو ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ بهار ۽ اوڙيسه کي پڻ الڳ الڳ ڪري صوبائي حيثيت ڏني وئي، سنڌ کي الڳ صوبو ڪرڻ جي سفارش نهرو رپورٽ ۽ جناح جي 14 نڪتن ۾ به ڪئي وئي هئي. 1935 جي ايڪٽ ۾ صوبن جي اسيمبلين کي اهو اختيار ڏنو ويو ته جنهن جي گهڻي تعداد آهي، اهي حڪومت ٺاهي سگهن ٿا، پر صوبن ۾ گورنر جي اخيتارن کي باقي رکيو ويو. گورنرن کي لامحدود اختيار پوءِ به حاصل رهيا.
1935 جي ايڪٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ جلد ئي اليڪشن ڪرايون ويون، جنهن ۾ ڪانگريس اڪثريتي پارٽي ٿي سامهون آئي ۽ هن صوبن ۾ وزارتون پڻ ٺاهيون، پر مسلم ليگ کي شڪست آئي، دلچسپ ڳالھ اها ٿي جو ڪانگريس کي مسلمانن جا ووٽ به مليا، ٻي پاسي جناح صاحب الڳ رخ اختيار ڪندي، ڪانگريس کان پاسو ڪيو ۽ ٻئي پارٽيون هڪ ٻي کان گهڻو پري هليون ويون، جنهن جو فائدو ظاهر آهي ته برطانيا جي حڪومت کي ملي رهيو هو، ڇو ته مسلمان ۽ هندو ليڊرن جي اتحاد سان سڀني کان وڏو نقصان برطانوي سامراج کي هو.
1937 جي اليڪشن جي شڪست کان پوءِ محمد علي جناح ٻيهر متحرڪ ٿيو ۽ هن مسلم ليگ کي عام مسلمان جي پارٽي ٺاهڻ جي ڪوششن ڪئي، جنهن ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب به ويو، پر هڪڙو مسئلو اهو هو ته محمد علي جناح وٽ محض مذهبي ڪارڊ هو، جڏهن ته ڪانگريس وٽ مڪمل منشور هو. بهرحال! جناح صاحب مسلمانن جي مذهبي جذبن کي گرم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هن اهو برملا چيو ته ڪانگريس مسلمانن جي دشمن جماعت آهي ۽ ان جو ڪم رڳو اسلام کي هندستان مان ختم ڪرڻو آهي، جڏهن ته حقيقت ان کان مختلف هئي، ڪانگريس ۾ ته مولانا ابو الڪلام آزاد جهڙا انسان به هئا.
1940 ۾ مسلم ليگ پنهنجي لاهور واري اجلاس ۾ مسلمانن لاءِ الڳ رياستن جو تصور ڏنو، جنهن کي قرارداد لاهور چيو ويو ۽ پوءِ قرارداد پاڪستان چيو ويو، جڏهن ته پاڪستان جو نالو قرارداد ۾ شامل نه هو، بلڪه خودمختيار رياستن جو ذڪر هو، بهرحال! قرارداد جو موسودو فضل الحق پڙهيو، پر اسٽيج تي موجود ماڻهن مان ڪنهن کي به اهو علم نه هو ته هي مسودو ڪنهن تيار ڪيو آهي، پوءِ خبر پئي ته هن کي محمد ظفرالله خان تيار ڪيو هو. ظفرالله جو نالو ان لاءِ سامهون نه آندو ويو ڇو ته سندس تعلق احمدي فرقي سان هو. قرارداد پيش ڪئي وئي، پر اهو واضح نه هو ته اهي رياستون ڪيئن هونديون ۽ انهن جون سرحدون ڪيئن هونديون ۽ ان ۾ مسلمانن لاءِ ڇا هوندو؟ ڇو ته مسلمان ته سڄي هندستان ۾ آباد آهن ۽ پوءِ انهن جو ڇا ٿيندو؟
قرارداد لاهور کان اڳ برطانيا ۾ رهندڙ چوڌري رحمت علي هڪ پمفليٽ Now or Never جي عنوان سان تيار ڪري گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ سياستدانن ۾ ورهايو، جنهن ۾ پهريون دفعو “پاڪستان” جو نالو استعمال ڪيو ويو هو، هن ۾ جن حرفن کي استعمال ڪندي نالو رکيو ويو هو، اهو ڪجھ ائين هو (پ) سان پنجاب (ا) سان افغان مطلب سرحد صوبو (س) سان سنڌ ۽ (بلوچستان) جي آخري ستان مان ستان ورتو ويو. رحمت علي پنهنجي بلوغت وارو زمانو برطانيا ۾ گذاريو. برطانيا ۾ شاگردي واري دور ۾ هن جا گهڻا ئي انگريز دوست به هئا، جيڪي سندس خيالن کان واقف هئا ۽ اهو به ممڪن آهي ته هن پمفليٽ جو خيال ڪنهن برطانوي دوست کان ورتو هجي، ڇو ته ڪمال عزيز پنهنجي ڪتاب هندستان جي ورهاڱي جي تاريخ ۾ انهن خطن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي رحمت علي هائوس آف لارڊز جي ميمبرن ڏانهن پنهنجي منصوبي بابت لکيا هئا ۽ ڪجھ برطانوي ان وقت به هندستان ۾ آزاد رياست جا خواهشمند هئا، جن جو ذڪر ڪمال عزيز پڻ ڪيو آهي. جيئن ٿيوڊور بيڪ جيڪو سر سيد احمد خان کان گهڻو متاثر هو، ياد رکڻ گهرجي ته رحمت علي پاڪستان سان گڏو گڏ گهڻن ئي مسلم رياستن جو تصور ڏنو، جيئن دکن لاءِ هن چيو ته عثمانستان مسلم رياست ٺاهي وڃي، رحمت علي کي مسلم ليگ خاص اهميت نه ڏني، لاهور جي هڪڙي جلسي ۾ پوليس هن جي پنجاب اچڻ تي پابندي هڻي ڇڏي هئي، اهڙي طرح پاڪستان ٺاهڻ کانپوءِ هن پنهنجي پاڪستان جي تصور بابت ٻيهر سوچڻ شروع ڪيو ۽ جناح جو سخت مخالف ٿي ويو. لياقت علي بطور وزيراعظم هن کي پاڪستان کان بيدخل ڪري ڇڏيو ۽ هن جي سڄي ملڪيت ضبط ڪئي وئي هئي. رحمت علي کي جڏهن برطانيا جلاوطن ڪيو ويو ۽ اتي هو ڪجھ وقت کان پوءِ وفات ڪري ويو. هن جو جسم 15 ڏينهن تائين اسپتال ۾ رکيو ويو ته ڪير اچي ۽ هن جي ذميواري کڻي ۽ مالڪي ڪري پر ڪير به نه آيو. جڏهن ته ان وقت به برطانيا ۾ پاڪستان جو سرڪاري عملو برطانيا ۾ ئي موجود هو. بهرحال! 15 ڏينهن کان پوءِ جڏهن ڪير نه آيو ته هن کي ڪاغذن ۾ لاوارث قرار ڏئي دفنايو ويو.
محمد اقبال جنهن کي علامه اقبال چيو ويو. سندس الله آباد وارو خطبو ڏاڍو مشهور ٿيو. جنهن ۾ هن هندستان جي ڪجھ علائقن ۾ جتي مسلمانن جي اڪثريتي آبادي هئي، اتي آزاد رياستن جي ڳالھ ڪئي، پر اهو تصور ايترو واضح نه هو. ياد رکڻ گهرجي ته ٻين مسلم ليگين جيان علامه اقبال برطانوي راڄ جو حامي هو، هو ڪا به اهڙي ڳالھ نه ڪندو هو جنهن سان برطانوي حڪمران ناراض ٿين. اقبال جڏهن هندستان ۾ مسلم رياستن جي ڳالھ ڪئي ته بعد ۾ برطانوي تاريخدان صحافي ۽ ٽائمز آف لنڊن جي ايڊيٽر پروفيسر ايڊورڊ جان ٿامپسن کي لکيل خط ۾ هن پنهنجي خطاب جي وضحات ڪئي، ڇو ته ايڊيٽر ٿامپسن اقبال جي خطاب بابت ڪجھ تنقيدي مواد لکيو هو، جنهن جي اقبال وضاحت ڪرڻ ضروري سمجهي، ڇو ته علامه اقبال برطانوي مخالفت نه پيو برداشت ڪرڻ گهري. ان وضاحت ۾ علامه اقبال واضح ڪيو ته هن جي چوڻ جو مقصد برطانوي نو آبادين کان ٻاهر مسلم رياست جو قيام نه هو، پر ممڪنه طور ڪجھ اهڙيون رياستون قائم ٿي سگهيون ٿي، جيڪي مسلم اڪثريتي رياستون هجن ۽ اهي هندستاني مسلم صوبا هجن. جيئن اهي صوبا ٻين هندستان جي صوبن جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. علامه اقبال برطانيا جي ناراضگي جو وڏو خيال رکندو هو. هندستان ۾ ٿيندڙ برطانوي جبر ۽ تشدد خلاف هن ڪڏهن نه ڳالھايو ۽ برطانوي حڪومت علامه اقبال کان خوش به هئي ۽ هن کي “سر” جو لقب ڏنائين. ڪنهن دور ۾ اقبال تي هندستان جي قومپرستي جو به اثر هو جيڪو هن جي شاعري مان پڻ ظاهر ٿيندو هو جيئن:
سارے جہاں سے اچھا ہندوستان ہمارا۔
ہم بلبلیں ہیں اس کی، یہ گلستاں ہمارا۔
ہندی ہیں ہم وطن ہے ہندوستان ہمارا۔
علامه اقبال جو هي تمام بهترين نظم آهي، جنهن کي پورو پڙهڻ کپي هي انٽرنيٽ تي موجود آهي. علامه اقبال پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان 7 سال اڳ وفات ڪري ويو، پر پوءِ محمد علي جناح هن جي تصور کي پنهنجي تصور سان هم آهنگ ڪري ان کي پنهنجي جلسن ۾ بيان ڪندو رهيو ۽ ائين علامه اقبال موجوده پاڪستان جي بانين مان هڪ ٿي ويو، جيڪر هو وڌيڪ زنده رهي ها ته پنهنجو تصور پاڪستان وضاحت سان بيان ڪري سگهي ها.
جنگ عظيم ٻين جي شروع ٿيڻ سان هندستان جي سياست ۾ وڏي تبديلي آئي هڪ ته وائسراءِ هندستان جنگ ۾ هندستاني فوج کي شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻيو وري ڪانگريس جنگ جي مسئلي تي برطانوي حڪومت سان الجهي پئي، ان وقت جناح ۽ للنتهگو جون به ملاقاتون شروع ٿين ٿيون ياد رکڻ کپي ته جناح کي هن کان اڳ هندستان جا وائسراءِ ايتري اهميت نه ڏيندا هئا، بلڪه گانڌي کي اهميت ڏيندا هئا، پر جڏهن جنگ شروع ٿي ته گانڌي جيڪو پهرين کان ئي برطانوي حڪومت لاءِ مسئلو بڻيل هو، هاڻي ته جنگ به شروع ٿي چڪي هئي ۽ جنگ لاءِ افرادي قوت پڻ کپي پئي ۽ هندستان ۾ اهڙو، پر سڪون ماحول کپي. جيئن برطانيا هندستان بدران يورپ ۾ هلندڙ جنگ ڏانهن توجهه ڏئي سگهي، پر جيڪڏهن هندستان ۾ برطانوي حڪومت اندروني مسئلن ۾ الجهي وئي ته تباهي ۽ شڪست سلطنت جو مقدر ٿي پوندي، ان لاءِ گانڌي ۽ ڪانگريس برطانيا لاءِ مٿي جو سور بڻجي چڪا هئا ۽ وري جنگ به شروع ٿي چڪي هئي، جنهن ۾ نازي جرمني بي قابو جانور جيان سڀني کي لتاڙيندو پئي ويو، موقعي جو فائدو ڏسندي جناح وائسراءِ هند سان ملاقات ڪئي، پيغام ڏنو ته جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ مسلم ليگ جي برطانوي حڪومت کي ضرورت آهي، مطلب ته ڪجھ بنيادي شرطن سان جناح برطانيا جي جنگ ۾ ان سان گڏ هو، جڏهن ته ڪانگريس جنگ ۾ هڪڙي ئي شرط سان برطانيا سان هلڻ لاءِ تيار هئي ته پهرين برطانيا هندستان کي آزادي ڏي، پوءِ ان جي جنگ ۾ مدد ڪئي ويندي، برطانيا لاءِ اهو ضروري هو ته هو ان وقت هندستان کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي ڇو ته ان وقت برطانيا جي بقا ئي ان ۾ هئي ته هو ان وقت هندستان کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي ها ۽ برطانيا هندستان جي مستقبل بابت ڪو فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هو، جڏهن ته ڪانگريس پنهنجي موقف تان نه هٽي ۽ غير لچڪدار رويو جاري رکيو، اهو ئي وقت هو جڏهن برطانيا جي اسٽيبلشمينٽ جناح ڏانهن متوجهه ٿي ۽ جناح سان برطانيا جي اهم ماڻهن رابطو شروع ڪيو. بلڪه جناح پاڻ پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو هو ته جنگ کان پهرين برطانيا جو مون ڏانهن خاص توجهه نه هو ۽ هاڻي برطانيا کي احساس آهي ته مسلم ليگ جي حمايت ضروري آهي. بنيادي طرح جناح برطانيا جي جنگ ۾ مدد ڪري ان سان هڪ ڊيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ۽ هن جو زور هو ته مسلم ليگ کي هندستان جي سڀني مسلمانن جي نمائنده جماعت سمجهيو وڃي ۽ جناح کي سڀني مسلمانن جو ليڊر سمجهيو وڃي، جڏهن ته حقيقت ۾ ائين نه هو، ڇو ته 1937 جي اليڪشن ۾ واضح ٿي چڪو هو ته مسلم ليگ هندوستان جي سڀني مسلمانن جو ووٽ نٿي رکي. بهرحال! ڪانگريس جي سخت ۽ غير لچڪدار ورتاءُ جناح کي ۽ برطانوي اسٽيبلشمينٽ کي ويجهو آندو ۽ پوءِ ائين گريٽ گيم جي شروعات ٿي. ياد رکڻ کپي ته لاهور جي قرارداد به ٻي جنگ عظيم شروع ٿيڻ کان پوءِ پيش ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ پاڪستان جو غير واضح تصور ڏنو ويو هو. جنهن وقت لاهور جي قرارداد پيش ڪئي پئي وئي، ان وقت تائين برطانيا جي اسٽيبلشمينٽ ۽ جناح ۾ رابطا تيز ٿي چڪا هئا. برطانيا ۾ ان وقت چرچل وزيراعظم هو، چرچل ڪانگريس ۽ گانڌي کان نفرت ڪندو هو. هو گانڌي لاءِ توهين آميز رويو رکندي ان کي “ننگو فقير” چوندو هو، پر پوءِ به اڃا برطانيا اهو طئي نه ڪيو هو ته جناح کي پاڪستان ڏنو وڃي يا نه. جناح کي يقين هو ته برطانيا هندستان کي ٽڪڙا ڪري پنهنجي تاريخ تي شب خون جا داغ هڻندو. اصل ۾ جنگ جي ختم هجڻ تائين برطانيا ڪو به فيصلو نه پئي ڪرڻ چاهيو. ان لاءِ برطانوي حڪومت ڪانگريس کي پنهنجي حد ۾ رکڻ لاءِ مسلم ليگ کي اهميت ڏئي رهي هئي. انهن جو مقصد هو ته ڪانگريس کي پريشر ۾ رکيو وڃي، ڇو ته هندستان ۾ برطانوي راڄ کي محض ڪانگريس کان ئي خطرو محسوس ٿي رهيو هو، جيڪا حقيقت به هئي ڇو ته ڪانگريس هڪ سيڪيولر ۽ لبرل پارٽي هئي، جنهن ۾ هر مذهب، هر رنگ ۽ هر ذات جا ماڻهو شامل هئا.
ڊاڪٽر اشتياق احمد پنهنجي ڪتاب ”جناح“ جي اردو ايڊيشن ۾ ڪتاب جي 166 ۽ 167 نمبر پنن تي هن بابت ڪمال عزيز جي ڪتاب ۽ گوهر رضوي جي ڪتاب جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته جڏهن جناح ڪانگريس جي وزيرن تي مذهب جي بنياد تي حملا شروع ڪيا ۽ پنهنجن جلسن ۾ مسلسل اهو الزام هنيو ته ڪانگريس جون وزارتون اسلام خلاف ڪم ڪن پيون ۽ انهن جو ڪم اسلام ۽ مسلمانن کي هندستان مان ختم ڪرڻ آهي ۽ هندو راڄ قائم ڪرڻو آهي، پوءِ ڪانگريس جي اڳواڻ محمد علي جناح ڏانهن هڪ ڊگهو خط لکيو ۽ چيو ته اسان تيار آهيون، توهان جيڪي الزام هڻو ٿا، انهن جي مڪمل ۽ آزاد جانچ ڪرائي وڃي، پر جناح بعد ۾ هن مسئلي کان لنوائي ويو، ڇو ته جناح کي خبر هئي ته عدالتي ڪارروائي ۾ الزامن کي ثابت نه ڪري سگهي ها. ان وقت جڏهن جناح ان قسم جي سياست ڪري رهيو هو ۽ محض الزامن جي بنياد تي تقريرون ڪيون پئي ويون، ان وقت اهو ماحول برطانوي حڪومت جي مفاد ۾ هو ۽ ڪو به رياستي ادارو فرقي واراڻي ۽ شدت پسند ۽ اشتعال انگيز بيانن کي روڪڻ جي ڪوشش نه پيو ڪري. جڏهن ته ماضي ۾ ڪانگريس جڏهن به ان قسم جو احتجاج يا راج جي ظلم خلاف اشتعال انگيز بيان ڏنا ۽ انقلابي روش رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته برطانوي حڪومت فوري ڪارروائي ڪري ڪانگريسي اڳواڻن کي نظربند يا حراست ۾ وٺي ڇڏيندي هئي، پر هن دفعي حڪومت ان لاءِ خاموش هئي ڇو ته اهو سڀ ڪجھ برطانيا جي سڀ کان وڏي سياسي مخالف ڪانگريس خلاف ٿي رهيو هو ۽ ڪانگريس ان وقت برطانوي راج جي سڀني کان وڏي حريف هئي. برطانيا ڪانگريس سان هندستان اندر پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي هئي. وائسراءِ هندستان للنتهگو اهو واضح ڪري چڪو هو ته جيڪڏهن مسلم ليگ برطانيا جي حمايت نه ڪري ها يا ڪانگريس ۽ مسلم ليگ گڏجي راج جي خلاف متحد ٿين ها ته هلندڙ جنگ ۾ برطانيا جو هندستان ۾ رهڻ مشڪل ٿي وڃي ها. بهرحال! جنگ جاري هئي ۽ برطانيا کي افرادي قوت جي ضرورت هئي ڪجھ خبر نه هئي ته اڳتي ڇا ٿيندو جرمني ۽ جاپان جنگ ۾ هن وقت تائين ته ڪاميابي سان يورپي ملڪن تي ڪنٽرول جاري رکندا اچن پيا. جرمني جو حدف لنڊن هو ۽ هٽلر جهڙي ليڊر کان ڪجھ به توقع ڪري سگهجي پئي. برطانوي انٽيليجنس ۽ جنگ ۾ اتحادي ملڪن کان ايندڙ خبرن مان اندازو ٿي ويو هو ته هٽلر جو ڇا مقصد آهي. پريشاني ته بهرحال برطانيا جي سلطنت کي هئي. جرمني جو فرانس تي مڪمل قبضو ٿي چڪو هو. ياد رهي ته فرانس ۽ برطانيا گڏجي جرمني سان وڙهي رهيا هئا. جڏهن جرمني فرانس تي حملو ڪيو ته برطانيا مدد لاءِ جهاز موڪليا، پر پوءِ به هو جرمن کي روڪي نه سگهيا، جيڪا هڪ وڏي شڪست هئي ۽ هاڻي ائين لڳڻ لڳو ته برطانيا جنگ ۾ ڪمزرو ٿيو آهي ۽ عين ممڪن آهي ته جرمني لنڊن تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. چرچل به جنگ جي دوران ئي وزير اعظم ٿيو هو، ان کي احساس هو ته حالات ڪيترا خراب ٿي چڪا آهن ۽ جنگ برطانيا جي هٿن مان نڪري رهي آهي. برطانيا جيڪو عالمي سپر پاور هو جنهن جي هڪ تمام وڏي سلطنت هئي، ان جو ائين جرمني اڳيان ڪمزور پوزيشن ۾ اچڻ ۽ ان جي آرمي جو فرانس مان زندگي بچائي نڪري اچڻ. يقينن پريشان ڪن صورتحال هئي، جنهن کي برطانيا منهن ڏئي رهيو هو. بهرحال! جرمني برطانيا تي فضائي حملو ڪيو ۽ ڪافي حد تائين انهن فضائي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو هو، پر انهن جي ڪوشش هئي ته هاڻي زمين تي ڪامياب قبضو ڪجي. هٽلر برطانوي حڪومت سان ڳالھين لاءِ تيار ٿي چڪو هو، پر برطانيا ان پوزيشن ۾ نه هو ته هو ڳالھيون ڪري ڇو ته ڳالھيون ڪرڻ مطلب ته برطانيا جرمني آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ۽ پوءِ سلطنت برطانيا باضبطا طور جنگ هارائي وئي. هٽلر برطانيا سان نفسياتي جنگ وڙهي پيو سمجهي ته هو به ويو ته برطانيا تي زميني قبضو ڪرڻ آسان نه ٿيندو ڇو ته چرچل به ڪمال جي مهارت سان فيصلا وٺي پيو. هٽلر برطانيا تي مڪمل قبضي لاءِ هڪ آپريشن به سوچي ڇڏيو هو ۽ جرمني فضائي ۽ بحري فوج به ان لاءِ تيار ڪئي، پر عين وقت حملي کي رد ڪيو ويو ۽ توجهه سوويت يونين ڏانهن ڪئي وئي. مقصد جرمني جو اهو هو ته برطانوي سپلائي لائين کي ختم ڪجي ۽ انهن جي فضائي ۽ بحري فوج کي ناڪام ڪيو وڃي، پر هٽلر جو اهو آپريشن عمل نه وٺي سگهيو ڇو ته هن پاڻ ان کي منسوخ ڪري ڇڏيو. هن آپريشن کي خفيه لفظن ۾ ”Operation Sea Lion “ چيو ويو.
***