رائونتي: 5 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث انعام يافته بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله شر گرفتار
گھوٽڪي پوليس بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله عرف ثنو شر کي رائونتي واري ڪچي مان مبينا مقابلي بعد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، بدنام ڌاڙيل کي پوليس جي سخت پھري ۾ ايس ايس پي آفيس آندو ويو. ايس پي انور کيتران پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله شر کي رائونتي ڪچي مان مقابلي بعد ڪلاشنڪوف سميت گرفتار ڪيو ويو آھي. سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا آھن، ايس ايس پي موجب ته ثناءُ الله عرف ثنو شر مٿان ھڪ ڪروڙ انعام جي سفارش ٿيل ھئي. مٿس 20 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جا ڪيس داخل آھن. ڌاڙيل ھڪ سال اڳ رائونتي ۾ شھيد 4 پوليس اھلڪارن جي شھادت واري ڪيس ۾ گھربل ھو، جنھن ۾ ھڪ ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو، 2 ايس ايڇ او ۽ 2 اھلڪار شھيد ڪيا ويا ھئا.

