ڪراچي ۾ 16 ڄڻڻ جي فوت ٿيڻ جي واقعي جو نوٽيس متاثرن جي طبي معائني جو فيصلو

پُراسرار بيماري يا فيڪٽرين جو دونهون؟ ڪراچي جي ڳوٺ علي محمد ۾ هڪ مهيني دوران 10 ٻارن سوڌو 16 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 20 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا اسپتالن ڀيڙا، صحت کاتي جي سفارش تي انتظاميا 10 فيڪٽرين کي سيل ڪري ڇڏيو، 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. صحت کاتي جي ٽيم پاران اڄ متاثرعلائقن جي دوري جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڳوٺاڻن جي چڪاس لاءِ جزا ورتا ويندا. شروعاتي جاچ موجب علائقي ۾ فيڪٽري اندر پلاسٽڪ سوڌو ٻيو سامان ساڙيو ويندو هو، ان جي دونهين سبب ماڻهن جا ڳلا خراب ٿين ٿا ۽ نمونيا ٿئي ٿي، ليبارٽري رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪياماڙي ضلعي ۾ مبينا زهريلي گيس پکڙجڻ سبب فوتگين واري واقعي جو وڏي وزير طرفان نوٽيس ورتو ويو آهي، ڊي جي صحت ڪمشنر ڪراچي ۽ ليبر کاتي کان ڌار ڌار رپورٽون طلب ڪيون ويون آهن، واقعي جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments