پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ڪانگو وائرس کان متاثر ڊاڪٽر ڪوئٽا کان ڪراچي منتقل ڪندي جان جي بازي هاري ويٺو

اطلاعن موجب ته هن موت حڪومت بلوچستان جي واسطيدار ادارن کي وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ الرٽ جاري ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. بلوچستان جي صحت واري کاتي مطابق فوت ٿيڻ وارو ڊاڪٽر انهن صحت جي عملي جي 11 ماڻهن مان هڪ هو جيڪي ان وائرس کان متاثر ٿيا آهن. اطلاعن موجب ڊاڪٽر شاهه رخ لانگو کي روڊ ذريعي ڪراچي آندو پئي ويو ۽ سندس انتقال ٿي ويو.