بلاگنئون

پندنامي جو منظوم ترجمو

اخلاق ئي قومن کي ۽ انسانيت کي بُلند ۽ سرفراز ڪندو آھي. انھيءَ اخلاق جي وڌائڻ لاءِ دنيا ۾ انبياءِ ڪرام، اولياءِ عظام ۽ مفڪرين موڪليا ويا. افسوس جو ھن وقت جڏھن اسان جي سٻاجھي سنڌي قوم جي معيارِ اخلاق کي پرکيو وڃي ته مايوسي پلئه پوي ٿي. تعليم ۽ تدريس جو پڻ وڏو مقصد اخلاق جي سربُلندي آھي. پاڻ سڳورن کي پُڻ معلم اخلاق بڻائي موڪليو ويو. اخلاق جي اھڙي اھميت کي نظر ۾ رکندي، ِ ڇو نه قومي حيثيت ۾ ھميشه اخلاقي ڪمزورين کان پاڻ آجو ڪريون. وقت جي اھڙي نزاڪت کي ذھن ۾ رکندي، سنڌ جي دانا، دانشور، اُستاد، اسڪالر توڙي مغربي لٽريچر تي دسترس جي ڌڻي، مشھور ليکڪ، مترجم، شاعر ۽ نثر نگار پروفيسر نور احمد جنجھي جن مشھور عالم، بُزرگ، شيخ فريدالدين عطار، (جنم 1119ع) جو پند نصائح، تجربات ۽ مشاھدات، حڪمت ۽ دانائيءَ سان ڀرپور مشھور ڪتاب نادر روزگار پند نامه عطار فارسي منظوم جو سواد ڀري، سلوڻي سليس سنڌي شاعريءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي آھي، جنھن لاءِ اُھي جس لھن. ھي ترجمو علم العروض جي باريڪين کي ملحوظ خاطر رکندي سادي، عام فھم ۽ معنيٰ خيز، ضرب الامثال، چوڻين ۽ محاورن کي پڻ ذھن ۾ رکندي وڻندڙ انداز ۾ ڪيو ويو آھي. پند نامه عطار ھميشه تصوف ڏاھپ، حڪمت دانش، دانائي جي جھان ۾ مشھور معروف ۽ معروف ڪتاب شمار ٿئي ٿو. ڪنھن زماني ۾ پندنامو نصاب ۾ پڻ شامل ھو، بلڪه ھن کي برزبان ياد ڪرايو ويندو ھو. اھل تصوف جي جھان ۾ ھن کي “تازيانه اھل سلوڪ” پڻ سڏبو ھو. ڇو ته راھه تصوف جي پانڌيئڙن وٽ ھيءُ ڪتاب بنيادي اھميت رکندو ھو. ھڪ سئو چوڏھن سال عمر ۽ ايترين ئي تصنيفن جي مصنف وٽ توحيد، معرفت، طلب، عشق، استغناءَ، حيرت ۽ فناءَ، زندگيءَ جا بنيادي عنصر آھن.

ھن ڪتاب جي قدر ۽ قيمت جو اندازو ته ان وقت ئي لڳندو جڏھن اصل فارسي عبارت پروڙي پوءِ ھن جو منظوم ترجمو پڙھبو، تڏھن لائق مصنف ۽ مترجم جي جانفشاني، جاکوڙ، جو علمي اندازو ٿيندو. سندس لکڻ جي سگہه ۽ ندرت جو ڪاٿو لڳائي سگھبو ته ڪيئن نه ڪوزي ۾ سمنڊ سمايو ويو آھي. پند نامو ته بي خبريءَ کان شعور جي منزل جو پتو ڏئي ٿو. ھن جي ھر بند ۾ ھڪ وجدان جي موج آھي، لفظ لفظ، فڪر جي ڦرھيءَ تي لکيل، سُرت ۽ ساڃاھ جو سبق آھي، جنھن جو سفر روز اول کان ابد تائين باقي رھندو. ڪتاب ۾ محنت، مشقت، جفاڪشي، جھد مسلسل، اتساھ، انسانيت، عزم ۽ ديانتداري وسيلي ئي سڦلتا ماڻڻ جو سبق سيکاريل نظر اچي ٿو، جنھن ۾ عدم رواداري، اھنڪار، منڪرات، ڪم چوري، ڪاھلي، سھل پسنديءَ جي جا بجا مذمت نظر اچي ٿي. ترجمي بابت عرض آھي ته ڪتاب جي ترجمي واري شاعري پر تڪلف، مصنوعي جوڙيل ناھي. بلڪه اندر جو لاشعوري آواز محسوس ٿئي ٿي. دراصل عطار جھڙي عميق ڏاھي جي فڪر ۽ فھم کي سادي ۽ سليس سنڌيءَ ۾منتقل ڪرڻ ڪو آسان ڪم به ڪونھي. مختصر لفظن ۾ ته ھي ڪتاب سچ، سُپت، ساڃاھ، سُرت، امن آشتي، احسان ۽ انصاف پسنديءَ جو آئينيدار نظر اچي ٿو، جيئن تسبيح جي ڌاڳي ۾ پُويل موتي ھجن، ايئن ھڪ ٻئي پويان ابدي ادبي نصائح نظر اچن ٿا. ڪاش اسان ھنن جي پرک ۽ پروڙ رکون. يقينن ھي ڪتاب سلوڪ جي واٽ جي طالب لاءِ سفر جو ثمر بڻبو. پند نامي جو مطالعو ته اندر جي اونھائين سان ئي ڪرڻ کان بعد گوھر ملندا. ھن ڪتاب جو مطالعو ھر عام خاص، مرد عورت، ننڍي وڏي، مُبتدي توڙي مُنتھي لاءِ يقينن قيمتي ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو. تيزيءَ سان حياتيءَ جي گذرندڙ گھڙين ۾ ته زاد راھ ثابت ٿيندو. سنڌي ساھت لاءِ پڻ خوش نصيبي چئبي، جيڪو وقت جي وير ۾ وسري ويل فارسي ادب مان اھڙو علمي ارمغان آڻي سنڌ واسين جي جھوليءَ ۾ وڌو آھي. ڇو ته ڪنھن به ٻوليءَ جٽاءَ ۾ ان کي شاھوڪار بڻائڻ لاءِ ٻين ٻولين جي علم، ادب ۽ ثقافت کي پڻ پنھنجي ٻوليءَ ۾ آڻي ھن کي علمي موتين سان مالا مال ڪيو وڃي. سنڌ واسين کي سلام ھجي جن کي ھر جنم ڏينهن تي، سائين پروفيسر نور احمد جنجهي جھڙو جاکوڙي نادر ۽ ناياب مواد ماکي وانگي گلن ڦلن مان ميڙي سيڙي علم ۽ ادب جي اڃايلن جي آبياري جو فرض ادا ڪندو اچي. ھر سال مختلف صنفن ۾ ٻه ٻه معياري ڪتاب سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ آڻي، تشنگان علوم و اسرار جي اڃ اجھائڻ جو فرض ڏيندو اچي. اھا مٿن رب پاڪ جي رضا آھي.

ھن ڪتاب جي اصل عنوان يعني خرار مان ڪاسو قارئين ڪرام لاءِ عرض خدمت آھي. حمد، نعت، ائمه دين، مناجات قاضي الحاجات، نفس امارہ جي مخالفت، خاموش رھڻ، اعمال ۾ خلوص، عادات امراءَ، بلند اخلاقي، خوش نصيبي، بدنصيبيءَ جون عادتون، عافيت ۽ خوشحالي جا سبب، نياز ۽ نوڙت، صالحين جون صفتون، فقيري ۽ توڪل، ڇوٽڪاري جو گس، ذڪر ۽ فڪر، نيڪين ۽ بدين جو تذڪرو، بدنصيبي کان بچڻ، نفس امارہ، عمر عزيز جي قدر و قيمت، سخاوت و قناعت، زوال مملڪت جا سبب، عزت ۽ آبرو جي اھميت، بيوقوفن کان بچڻ، خوشگوار حياتي گھارڻ، نصيحت ۽ خير خواھي، ڌڻي پاڪ جون عنايتون، اجائي ڪاوڙ کان آجو ٿيڻ، فاني ڙي فاني دنيا دم نه ھڪڙو، پاڪيزگي، پرھيزگاري، اندر اجارڻ، تقويٰ، خلق خدمت، مھمان نوازي، من کي ميرو نه ڪرڻ، ھمدردي، غمخواري، مٽي مائٽي نڀائڻ، وغيرہ وغيرہ. ايئن سارو ڪتاب پڙھي پروڙيو وڃي ته اٽڪل سئو کن اھڙا گس ڏسيا ويا آھن جن تي عمل ڪرڻ وارو دنيا توڙي عقبيٰ ۾ ڪامراني ماڻيندو. ھن سوشل ميڊيا جي دور ۾ وقت ڪڍي، ھي ھيرا ۽ لعل پڻ ھٿ ڪيا وڃن ته ڪيڏو نه بھتر ٿيندو.

گر قبول افتند ز عز و شرف

ھي ڪتاب ظاھري توڙي باطني خوبين سان مُزين، ديدہ زيب اشاعت، اعليٰ طباعت، بلند پايه بائينڊنگ، سھڻي سرورق سان مشھور پبلشر سيون اسٽار پاران ڇاپي پڙھندڙن تائين پھچايو آهي. اھو سنيھو ڏنو ويو آھي ته سوشل ميڊيا ڪيترو به ساھ سان ھجي، مگر اڃان به لائق ۽ فائق پڙھندڙن جو ھڪ وڏو تعداد ڪتاب جي جڳ جھان ۾ لاڀ لاءِ اکيون اڙايو ويٺو آھي.

***