بلاگنئون

لفظن سان سماج ٺاهيندڙ عورت: باک پيرزاده

اڄ جي ميڊيا واري دنيا ۾ جتي واڪا، ڏمر ۽ تڪرار رڳو ريٽنگ حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ويا آهن، اتي ڪجھ اهڙيون شخصيتون به اُڀري آيون آهن، جيڪي خاموش لهجي، خوبصورت گفتگو ۽ سنجيده روين جي ذريعي دلين تي راڄ ڪن ٿيون. باک پيرزادہ، هڪ اهڙي ٽي وي ميزبان، جنهن نرميءَ، وقار ۽ علميت سان ڀرپور گفتگوءَ کي ميڊيا ۾ نئون روپ ڏنو آهي. باک جي شخصيت ۾ هڪ اهڙي سادگي آھي، جيڪا سندس سُڌريل مزاج، گھري علم ۽ تهذيبي پس منظر جو ثبوت ڏئي ٿي.

باک پيرزاده پنھنجي ابتدائي تعليم سنڌ جي راڄڌاني شھر ڪراچي مان حاصل ڪئي، گريجوئيشن فائن آرٽ شعبي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪيائين. باک جو ننڍپڻ کان مصوريءَ طرف لاڙو رھيو آھي، جيڪو ھن وقت تائين به سندس شوق بڻيل آهي. ٽي وي تي ميزبان کان علاوه ھڪ ڊيڊيڪيٽڊ ڪيوريٽر به آھي. ثقافت ۽ اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ جي سھڪار سان نوجوانن جي لاءِ سکيا ورڪشاپ پڻ ڪرائي رھي آھي. سندس ميزباني ۾ سوال ڪرڻ جو انداز تنقيد کان پاڪ، پر تجسس سان ڀرپور هوندو آهي. هوءَ مهمان کي ڳالهائڻ جو موقعو به ڏئي ٿي ۽ احترام سان سندس نقطهءِ نظر کي سامهون آڻي ٿي. سندس ٽي وي پروگرامن ۾ سماجي، ادبي، نفسياتي ۽ سياسي موضوعن تي ٿيندڙ بحث، نه فقط ڄاڻ وڌائين ٿا، پر ناظرين لاءِ فڪري غذا جو ڪم به ڏين ٿا. باک جي ميزبانيءَ ۾ جيڪي خوبيون آهن، سي اڄ جي ميڊيا ۾ گهٽ نظر اچن ٿيون مثال طور: ٻوليءَ جي سادگي، لهجي جو توازن ۽ گفتگوءَ دوران ڪنهن به شخصيت کي هيٺ نه ڏسڻ وارو رويو. ميڊيا جو ميدان رڳو آواز ۽ چهرو نه، پر ذميواري، شعور ۽ سچائي جو امتحان به هوندو آهي. اسان هن وقت اهڙي دور ۾ رھون پيا جتي شُهرت ته جلدي ملي ٿي، پر وقار گهٽ نظر اچي ٿو، اتي باک پيرزاده جهڙيون سنڌ جون سورميون اميد جو ڪرڻو بڻجي سامهون اچن ٿيون. هڪ عورت جي حيثيت سان باک پيرزادو سنڌي عورت جي شعور، فڪر ۽ عزت جي نمائندگي ڪري ٿي. هوءَ عورت جي آواز کي ميڊيا ۾ عزت سان آڻڻ ۽ سماج جي حساس موضوعن کي شائسته انداز سان کڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي رهي آهي. باک پيرزاده هڪ اهڙي باوقار، ذهين ۽ پُر اعتماد شخصيت آهي جيڪا پنهنجي نرمي، سنجيدگي ۽ مُثبت سوچ سان هر دل ۾ جاءِ بڻائي ٿي. سندس گُفتگو ۾ سچائي، انداز ۾ سادگي ۽ رويي ۾ وقار نمايان نظر اچي ٿو. هوءَ ڳالهائڻ کان اڳ سوچي ٿي ۽ جڏھن ڳالھ شروع ڪري ٿي ته ان ۾ لفظن جي وزن جي خبر پوندي آهي. اها باک جي ڪاميابي ئي چئبي ته هوءَ تماشبين ميڊيا جي بجاءِ، فڪر جي ميڊيا کي هٿي ڏئي رهي آهي. سندس گفتگوءَ ۾ جتي ٻوليءَ جي لطافت آهي، اتي سوالن جي پويان فڪر جي گهرائي به نظر اچي ٿي.

باک پيرزاده جي شخصيت جو سڀ کان وڏو حُسن سندس اصليت ۽ ايمانداري آهي. موجوده دور جي گوڙ گهمسان ۾ به هوءَ مقصد سان ڳالهائي ٿي، احساس سان پيش اچي ٿي ۽ ماڻهن سان دل جوڙڻ جو به وڏو فن ۽ فڪر رکي ٿي. اسڪرين تي هجي يا پُٺتي پيل ڪردار ۾ باک پيرزاده هميشه ذميواري ۽ وقار جو مظاهرو ڪيو آهي. ميڊيا ۽ تخليقي دنيا ۾ سندس خدمتون قابل تعريف آهن. هوءَ صرف ميزبان نه، پر سماج جي آوازن جي نمائندگي ڪندڙ آهي. سندس ڪم ۾ سوچ، سمجھ ۽ حساسيت صاف ظاهر ٿئي ٿي، جيڪا نون نوجوانن خاص ڪري نياڻين لاءِ هڪ روشن مثال پڻ آهي. باک پيرزاده نه رڳو ميزباني جي دنيا ۾ سنهري نالي طور سامهون آئي آهي، پر هوءَ اُن نئين نسل لاءِ به مشعل راھ بڻجي سگهي ٿي، جيڪا ميڊيا کي هڪ تعليمي، مهذب ۽ مثبت اوزار طور ڏسڻ ٿي چاهي. سندس علم، لهجي، شخصيت ۽ گفتگوءَ ۾ جيڪا سنجيدگي ۽ وقار آهي، سا اڄ جي گوڙ گهمسان واري دور ۾ گهٽ نظر اچي ٿي. باک پيرزاده يقين سنڌي ميڊيا جي لاءِ فخر ۽ نون ايندڙن لاءِ هڪ اُتساھ جو نالو آهي. سندس اها ئي خاصيت کيس ٻين کان ڌار ڪري بيهاري ٿي. ميڊيا ۾ ڪم ڪندي باک پيرزاده هميشه سماجي قدرن، عورتن جي تعليم، عورتن سان روزمره جي زندگي ۾ درپيش مسئلن بابت، نوجوانن جي شعور ۽ مثبت سوچ کي اهميت ڏني آهي. سندس انداز ۾ سنجيدگي، حساسيت ۽ ذميواري صاف محسوس ٿئي ٿي. هوءَ صرف سوال نٿي ڪري، پر مسئلن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش پڻ ڪري ٿي. باک پيرزاده کي سي ايس آر طرفان پراميزنگ ميزبان (ھوسٽ) جو اعزاز سندس محنت، مستقل مزاجي ۽ لڳن جي اعتراف طور 2025ع ۾ ڏنو ويو. گذريل سال 2024ع ۾ آئيڪن آف دي نيشن ٽي وي اينڪر طور ايوارڊ سان نوازيو ويو. سندس ميڊيا ۾ اچڻ محض اتفاق هو. کيس بين الاقوامي سطح تي ڪاميابي اوچتو حاصل نه ٿي آهي، پر گھڻن سالن جي خاموش جدوجهد، سچائي ۽ اصولن سان جُڙيل سفر جو نتيجو آهي. هن رڳو پنهنجي لاءِ سچائي سان محنت ڪري رستو نه ٺاهيو، پر ٻين لاءِ به اميد ۽ حوصلي جا در کوليا آهن.

***