29 آڪٽوبر 2024 تي سپريم ڪورٽ پاڪستان جي بار ڪائونسل جون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ عاصمه جيلاني گروپ جنهن کي آزاد گروپ چيو ٿو وڃي جنهن جي حمايت پيپلز پارٽي جي احسن ڀون ۽ (ن) ليگ جو اعظم تارڙ ڪري رهيا هئا ان گروپ جي صدر ميان رئوف عطا ڪاميابي حاصل ڪئي. سندس مقابلي ۾ منير ڪاڪڙ جيڪو حامد خان گروپ جو اميدوار هو ۽ ان جي حمايت پي ٽي آءِ ڪري رهي هئي، کي شڪست ملي. آزاد گروپ جي صدر ميان رئوف عطا 1552 ووٽ حاصل ڪري چونڊ کٽي ورتي. جڏهن ته حامد خان گروپ جي منير ڪاڪڙ 1395 ووٽ حاصل ڪيا، يعني ميان رئوف عطا 157 ووٽن جي برتري سان صدارتي عهدو ماڻي ورتو. انهن چونڊن جي خوبصورتي اها آهي ته سيڪريٽري جي اهم عهدي تي حامد خان گروپ جو سلمان ڪامياب ٿيو ۽ کيس 400 کان وڌيڪ ووٽن جي برتري حاصل هئي. اليڪشن کان پهرين حامد خان گروپ جي وڪيلن يعني پي ٽي آءِ جي حمايت يافته وڪيلن جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي هن وقت جو جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا هي چونڊون 26 هين آئيني ترميم کي نشانو بڻائيندي وڙهي رهيا هئا ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته پوري پاڪستان جا وڪيل 26 هين آئيني ترميم جي خلاف آهن اليڪشن کٽڻ کانپوءِ پاڪستان جا وڪيل وڏي تحريڪ هلائيندا ۽ ان تحريڪ جي نتيجي ۾ 26 هين آئيني ترميم کي واپس ورتو ويندو.
ٻئي طرف پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ جا وڪيل، جيڪي 26 هين آئيني ترميم جي حق ۾ هئا انهن جو چوڻ هو ته آئيني ترميم ڪرڻ پارليامان جو حق آهي ۽ پارليامان اهو حق استعمال ڪري ٺيڪ ڪم ڪيو آهي. ايئن چئجي ته غلط نه ٿيندو ته پي ٽي آءِ انهن چونڊن مان تمام گهڻيون اميدون رکيو ويٺي هئي، پر پوري پاڪستان جا رزلٽ جڏهن سامهون اچن ٿا ته سواءِ ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جتي حامد خان گروپ جي نامزد صدر منير ڪاڪڙ کي کٽيندڙ صدر ميان رئوف عطا کان وڌيڪ ووٽ مليا. باقي پوري ملڪ ۾ لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، ملتان، بهاولپور، سکر حيدرآباد مان ميان رئوف عطا وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا. ڳالهه صرف اتي ختم نٿي ٿئي، پر خيبر پختونخواهه اندر جنهن کي پي ٽي آءِ پنهنجو مضبوط قلعو چئي رهي آهي اتي پڻ پي ٽي آءِ جي حمايتي يافته اميدوار منير ڪاڪڙ کي شڪست ملي، پشاور، ايبٽ آباد، سوات ايستائين جو ڊي آءِ خان جيڪو گنڊاپور جو گهر آهي اتي پڻ پي ٽي آءِ جو حمايت يافته اميدوار شڪست کائي ويو. هڪ طرف ڏسجي ته جيڪو بيانيو پي ٽي آءِ کڻي هلي ٿي ته پوري ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ کيس 180 کان وڌيڪ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون مليون آهن، ان بياني جي حقيقت کلي ٿي، پر ٻئي پاسي ڏسجي پي ٽي آءِ حمايت يافته سيڪريٽري جو عهدو حامد خان گروپ کي ملي ويو. هتي به اسان کي عابد زبيري جيڪو حامد خان گروپ جو ۽ پي ٽي آءِ جو به وڪيل آهي ميڊيا سان ڳالهائيندي عجيب منطق وٺي ٿو جنهن ۾ هو چوي ٿو ته ميان رئوف عطا کي اسٽيبلشمينٽ، حڪومت ۽ پئسن کٽرايو آهي، ملطب هو پنهنجي شڪست تسليم نٿو ڪري. ساڳئي پروگرام ۾ وري پنهنجي حمايت يافته سيڪريٽري جي تعريف ڪري ٿو ته هن 400 کان وڌيڪ ليڊ حاصل ڪري اليڪشن کٽي آهي. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته اسٽيبلشمينٽ ميان رئوف کي اگر کٽرايو ته پوءِ سيڪريٽري کي کٽرائڻ کان ڪنهن منع ڪيو؟ هي بيانيو اسان کي پي ٽي آءِ جي اندر پي ٽي آءِ جي ٻاهر سندس حمايت ڪندڙن ذريعي هر وقت ملندو رهي ٿو، جتي کين شڪست ملي ٿي ته هڪدم الزام تراشي ڪندا آهن ته سندن شڪست جي ذميواري اسٽيبلشمينٽ جي مٿان آهي، پر جيڪڏهن ڪا اليڪشن کٽن ٿا ته پوءِ چون ٿا ته اسان پنهنجي زور تي اليڪشن کٽي آهي. پي ٽي آءِ جي اها ريت اڄ جي نه آهي، پر 2002 ۾ جڏهن باني پي ٽي آءِ ان وقت جي آمر پرويز مشرف جي ريفرنڊم مهم هلائي هئي ۽ کيس آسرو هو ته پرويز مشرف 100 سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏياريندو ۽ هو وزيراعظم ٿي ويندو، جنهن جو اظهار پرويز مشرف پنهنجي حياتي ۾ ڪري چڪو هو، پر 2002 ۾ پي ٽي آءِ کي صرف هڪ سيٽ ملي، 2008 ۾ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيائين، 2013 ۾ اسٽيبلشمينٽ جي سپورٽ سان 30 سيٽون حاصل ڪيائين ۽ 2018 ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهي وزيراعظم ٿيو، پر پنهنجي ضد، انا ۽ بيوقوفي جي ڪري اسٽيبلشمينٽ انڊر پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺو ۽ حڪومت کان ٻاهر نڪري ويو. هاڻي هو پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪنهن به نموني ڊيل ٿئي پوءِ اها وڪيلن معرفت ڇو نه هجي، پر کين هاڻي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل نه آهي. اهو ئي سبب آهي ته پشاور اندر ضمني چونڊ هجي يا سپريم ڪورٽ ۾ بار جي چونڊ هجي کين مڪمل ڪاميابي نٿي ملي.
هيءَ اليڪشن واضح ڪري ٿي ته پي ٽي آءِ ۽ ان جي حمايتين کي عوام طرفان ۽ وڪيلن طرفان ڪيتري موٽ ملي ٿي، سندس مقبوليت جو گراف آهستي آهستي هيٺ اچي رهيو آهي. يقينن هاڻي حڪومت به ان خوف کان نڪري چڪي هوندي ته پي ٽي آءِ جي پذيرائي ملڪ اندر روز بروز گهٽجي رهي آهي.