بلاگنئون

سنڌ ۾ امن امان ڪيئن ٿيندو؟

سڄي ملڪ ۾ امن امان جو مسئلو آهي، پر سنڌ ۾ اهو مسئلو وڌيڪ ڳنڀير آهي. سنڌ صوبو پاڪستان جي معيشت، زراعت ۽ صنعت، وڻج ۽ واپار ۽ صوبي جي گادي جي هنڌ ڪراچي ۾ سامونڊي بندرگاهه هجڻ جي ڪري ڏيساور سان به درآمد ۽ برآمد جو ڪاروبار ڪري ٿو. اسان جي ملڪ کي هميشه ناڻي جي ضرورت درپيش رهي آهي ۽ سنڌ صوبو ئي آهي جيڪو ان ضرورت جو پورائو ڪندو رهيو آهي. سنڌ جو بين الاقوامي واپار قيامِ پاڪستان کان به گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ۽ سنڌ جو امن پوين دورن ۾ گهڻو ڪري مثالي رهيو آهي، جنهن سبب اسان جي صوبي ۽ انهي جي گادي جي هنڌ ڪراچي گهڻي ترقي ڪئي آهي. سنڌ جو گادي وارو هي شهر ملڪ جي معاشي شهه رڳ آهي. سنڌ جو عام شهري صوبي ۾ امن امان جي ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتيءَ ۾ آهي. ڪالهه زرائع ابلاغ ۾ انهيءَ خبر عوام کي حيران ڪري وڌو آهي ته گاديءَ واري شهر جو ايس ايس پي عمران قريشي ۽ ڊي ايس پي عمير طارق باجاري شهر جي هڪ واپاري جي گهر ۾ ڌاڙو هڻي هڪ ڪروڙ 90 لک رپيا روڪ ۽ 80 تولا سون ڦري ويا. هتي ضمني ڳالهه اها به ڪجي ته ڊي ايس پي عمير باجاري تازو انهيءَ عهدي تي مقرر ٿيو آهي ۽ اڃا انڊر ٽريننگ آهي. جيڪڏهن انڊر ٽريننگ آفيسر جيڪي عام ماڻهوءَ جي نظر ۾ انتهائي تعليم يافته سمجهيا وڃن ٿا، اهي پنهنجي ملازمت جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ڌاڙا هڻڻ شروع ڪن ته پوءِ امن امان ڪٿان ايندو؟ جڏهن ڌاڙي ۾ سرڪاري گاڏيون ۽ سرڪاري هٿيار استعمال ٿيندا ته صوبي جو ڪوبه امير غريب محفوظ ڪونه رهندو. 2023 جي سنڌ ۽ انهيءَ جا اهڙا آفيسر جيڪي سنڌ ڄاوا پڻ آهن، انهن جو پنهنجي صوبي جي بيوس ماڻهن سان ڌاڙيل وارو ڪردار سمجهه کان مٿي آهي. انهيءَ ڳالهه کي مڃيندي انتهائي ڏک ٿو ٿئي ته اسان جو محافظ، پوليس کاتو جنهن مان اسان کي اميد آهي ته اهو ڏوهن جو خاتمو ڪندو، پر انهيءَ جي جاءِ تي اهو کاتو ۽ ان جا عملدار جيڪڏهن سڌو سنئون ڌاڙيلن وارو ڪم ڪندا هجن ته پوءِ عام ماڻهو ڪنهن وٽ دانهن کڻي وڃي؟ ان کي تحفظ ڪير ڏيندو؟ ڏک سان اها ڳالهه ڪجي ٿي ته جتي اسان جي سرڪاري نظام کي ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. انهيءَ جاءِ تي اهو نظام ماڻهوءَ کي ڊيڄاري رهيو آهي، ڦُري رهيو آهي، ڌاڙا هڻي رهيو آهي. اسان جا شهر ۽ ٻهراڙيون ڏوهارين جي حوالي ڪيا ويا آهن، سنڌ جي شهرن جا اهي ماڻهو جن جو صوبي ۽ ملڪ جي صنعتي ۽ زرعي ترقي ۾ وڏو حصو آهي. اهي وڻج ۽ واپار، درآمد ۽ برآمد ۾ مصروف آهن ته جيئن سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ترقي ٿئي ۽ عام ماڻهو پنهنجو روزگار ڪري پنهنجن ٻچن جو گذر ڪري. انهيءَ جاءِ تي اهو انسان دشمن سرڪاري نظام پوليس جي طاقت جي زور تي انهن پُرامن ماڻهن کي ڊيڄاري رهيو آهي ته اهي پنهنجي صوبي جي ترقيءَ ۾ حصو نه وٺن ۽ اها سڌي طرح ڌمڪي آهي، پُرامن شهرين کي ته اوهان جيڪو به ڪمايو آهي، اهو ڏاڍي ماڻهو ۽ ڏوهارين جي حوالي ڪريو. ڪير آهي جو اهڙي خوف جي ماحول ۾ ڪم ڪندو، وڻج واپار ڪندو، درآمد، برآمد جو ڪاروبار ڪندو. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ پئسا سيڙائيندو. هتي ته هر پُرامن شهري ڊپ ۾ لڪندو وتندو. ڪنهن به صوبي ۽ ملڪ کي ترقي کان روڪڻو آهي ته سولو طريقو اهو آهي ته اتي ڊپ جو راڄ مسلط ڪيو وڃي ۽ انتظامي اهلڪار ماڻهن جي گهرن ۾ ڪاهي پون ۽ اتان پئسا ۽ سون ڦريندا نظر اچن. پوليس تي الزام آهن ته هو ڏوهارين جي سرپرستي ڪندي آهي، پر ڊي ايس پي ۽ ايس پي رينڪ جا آفيسر سڌا ڌاڙا هڻندا اهڙو مثال هن ڪيس ۾ نظر اچي ٿو. سنڌ ۾ امن امان کي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ڪڏهن سنجيدگي سان وٺندي. سنڌ صوبو هن وقت بدامني، لاقانونيت جي ور چڙهيل آهي. قتل و غارت، ڌاڙا، چوريون، اغوا، اسٽريٽ ڪرائم ڄڻ روز جي ڳالهه آهي. صوبي جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ به بدامني چوٽ تي آهي، ڪو ڏينهن ڪونهي جو شهر ۾ لکين رپين جي ڦر جون وارداتون نه ٿينديون هجن. ماڻهو اهو سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب آهن ته ڇا ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جي بدامني ۾ پوليس خود ته ملوث ڪونهي. سنڌ جي عام عوام جي پاران اسان جو مطالبو آهي ته سنڌ ۾ اهڙن انتظامي اهلڪارن سخت پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ انهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. جيڪي ڏوهن ۾ ملوث آهن ۽ اسان کي موجود نگران حڪومت کان اها اميد هئي ته اها سنڌ ۾ امن امان قائم ڪندي، پر ائين نه ٿي سگهيو. انهيءَ تي به الزام اچن پيا ته نگران حڪومت به هلندڙ سسٽم جو حصو بڻجي وئي آهي ۽ انهيءَ سسٽم مان فيضياب ٿي رهي آهي. پوءِ عوام آخر ڪنهن مان اميد رکي؟ اهڙي صورتحال ۾ امن امان بهتر ٿيڻ جي ڪابه اميد نظر نه ٿي اچي.