اتر ڪوريا جي ميزائيل تجربن آمريڪا کي پريشان ڪري ڇڏيو

اتر ڪوريا ۾ پيانگ يانگ کان اولهه طرف ٻه ميزائيل فائر ڪيا ويا آهن. جنهن  تي آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران شديد رد عمل جو اظهار ڪيو ويو آهي. اتر ڪوريا جي خابرو اداري مطابق اتر ڪوريا کليل سمنڊ ۾ ٻه ميزائيل فائر ڪيا آهن.  ٻئي طرف آمريڪا به اتر ڪوريا جي هن قدم تي سخت رد عمل جو مظاهرو ڪيو آهي. آمريڪا پاران هنن تجربن کي ناقابل قبول قرار ڏنو ويو آهي. آمريڪا جي صدر ٽرمپ چيو آهي ته اتر ڪوريا کي پنهنجي ايٽمي هٿيارن ۽ ان سان جڙيل خطري بابت سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو. ياد رهي ته ڪجه هفتا اڳ به اتر ڪوريا گڏيل قومن جي پابندين کي نظر انداز ڪندي شارٽ رينج ميزائيلن جا تجربا ڪيا هيا. جڏهن ته سيپٽيمبر جي شروع وارن ڏينهن ۾ اتر ڪوريا آمريڪا سان ايٽمي معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ جي مشروط پيشڪش ڪئي هئي. جنهن تي ڪا به پيش رفت نه ٿي هئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *