خاصنئون

 پاڪستان ڪشميرين کي ڪڏهن اڪيلو نه ڇڏيندو: آرمي چيف

آرمي چيف قمر جاويد باوجوه جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي ڏينهن جي تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي بقا جي سفر ۾ شهيدن جون قربانيون شامل رهيون آهن. ملڪ کي جڏهن به ضرورت پئي ته وطن جي پٽن لبيڪ چيو آهي، اسان وٽ جيستائين اهڙا سپوت آهن تيستائين پاڪستان کي ڪوبه نقصان نٿو پهچائي سگهي. ڪشمير بابت ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي عروج تي آهي. ڪشمير تڪميل پاڪستان جي نامڪمل ايجنڊا آهي. پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير کي حالتن جي رحم ۽ ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهي. پاڪستان ڪشمير ۽ ڪشميرين کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو. ڪشمير تي ٿيندڙ ظلم اسان جي صبر جو امتحان آهي. ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حل ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جون خلاف ورزيون عالمي تنظيمن لاءِ فڪر جوڳيون آهن.