پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

ايف اي ٽي ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ ايڪشن پلان تي عمل درآمد متعلق  ڳالهيون بينڪاڪ ۾ ٿيون آهن. جنهن ۾ پاڪستان جي ٽيم جي قيادت اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير حماد اظهر ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته ايف اي ٽي ايف جي ٽيڪنيڪل ٽيم سان ڳاله ٻوله ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ايف اي ٽي ايف کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان ٽيڪنيڪي سطح تي گذريل 4 کان 5 مهينن ۾ پنهنجي حدفن کي حاصل ڪيو آهي. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف کي ڏنل بريفنگ پهريان کان بهتر رهي آهي. حماد اظهر وڌيڪ چيو ته ايف اي ٽي ايف جو وفد پاڪستان جي بريفنگ  تي پنهنجي رپورٽ تيار ڪندو. جيڪا ايندڙ مهيني ايف اي ٽي ايف جي ميمبر ملڪن کي پيش ڪئي ويندي. جنهن جي روشنيءَ ۾ ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان جي اسٽيٽس جو فيصلو ڪيو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *