بلاگنئون

جنگين جون خوفناڪ تباهيون نه… امن جون مرڪون گهرجن!

جنگ رتوڇاڻ، تباهي، بربادي اهي لفظ اسان جي شعور ۾ گهر ڪري ويا آهن، جيئن روزمره جا معمول، ڪڏهن غزه ۾ باھ جي برسات وسي ٿي، ڪڏهن يوڪرين ۾ گولين جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ڪڏهن ايران جي فضا ۾ جنگي جهازن جي گجگوڙ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. يعني اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ ساھ کڻي رهيا آهيون، جتي زندگيءَ جي قيمت ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿي رهي آهي ۽ موت جو ڪاروبار ڏينهون ڏينهن پکڙجي رهيو آهي ۽ مهانگو پڻ ٿي رهيو آهي.

جنگيون ڇو ٿيون ٿين؟ ڇا اها مذهب جي جنگ آهي؟ ڇا اها زمين جي ننڍڙي ٽڪري جي جنگ آهي؟ يا پوءِ اها صرف ڪجهه طاقتور رياستن جي معاشي مفادن، هٿيار ٺاهيندڙن ڪمپنين جي نفعي ۽ سامراجي طاقتن جي پکيڙ جي بک ۽ لالچ جون نشانيون آهن. انهن سوالن جا جواب ڳولها ڪندي اسان کي تاريخ جا ورق ورائڻا پون ٿا، جتي جنگين جي شروعات انهن ئي قوتن ڪئي جيڪي پاڻ کي مهذب دنيا جو ٺيڪيدار سڏين ٿيون.

آفريقا کان وٺي ڪري ايشيا تائين، لاطيني آمريڪا کان وٺي وچ اوڀر تائين، جتي جتي سامراجي ديو ويو، اتي پنهنجي طاقت جي ڏاڍ مڙسي تي انسان کي غلام بڻايائين، وسيلن جي بيدرديءَ سان ڦرلٽ ڪئي ۽ پوءِ جڏهن انهن زمينن جي مالڪن آواز اٿاريو ته انهن تي دهشتگردي جو ليبل هڻي انهن جون وسنديون موهن جي دڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيون. برصغير جي ورهاست هجي يا فلسطين جو زخم، عراق جي جنگ هجي يا افغانستان جي جنگ، انهن سڀني جي پٺيان جيڪڏهن ڪجھه آهي ته اهي سامراجي مفاد، سرمائيداراڻين پاليسين جو تسلط ۽ هٿيارن جو نه ختم ٿيندڙ واپار.

اسان ڪڏهن سڪون سان ساھ کڻنداسين؟ اهو سوال شايد ڪنهن فلسطيني ماءُ جي آهه ۾ لڪل هجي، جيڪا پنهنجي جگر جي ٽڪر جي لاش کي ڇاتيءَ سان لائي سوچي ٿي ته نيٺ اها رت جي راند ڪڏهن ختم ٿيندي. شايد ڪنهن يوڪريني بزرگ جي دل ۾ هجي جيڪو پنهنجي مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿيل گهر جي سامهون ويهي ماضيءَ کي ياد ڪري رهيو هجي يا پوءِ اهو سوال ڪنهن ايراني پيءُ جي اک ۾ هجي، جيڪو پنهنجي پٽ جي جنازي کي ڪلهو ڏئي رهيو هجي.

اسان هن دنيا ۾ تڏهن سڪون سان رهي سگهنداسين، جڏهن جنگ کي صرف جنگ جي ميدان ۾ ٿيڻ واري ويڙھ نه بلڪه هڪ منصوبابندي سرمائيداراڻي ڏوھ جي طور سڃاتو ويندو. جڏهن اسان اهو مڃي وٺنداسين ته ڪنهن به انسان کي صرف ان لاءِ ماري ڇڏڻ ته هو ڪنهن ٻي قوم مذهب يا رنگ سان تعلق رکي ٿو، هڪ ناقابل معافي ڏوھ آهي.

جڏهن اسان اهو سمجهي وٺنداسين ته دنيا جا سمورا ٻارڙا هڪ جهڙا هوندا آهن، انهن جو رت هڪ جهڙو ڳاڙهو هوندو آهي. انهن جي مرڪ هڪ جهڙي قيمتي آهي، پر ان کان اڳ اسان کي سچ جو سامهون ڪرڻو پوندو. اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته اڄ جي عالمي سياست، اخلاقيات، انسانيت يا انصاف تي نه، بلڪه طاقت جو توازن، تيل جي قيمتن ۽ هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپنين جي شيئرز تي مشتمل آهي. آمريڪا هجي يا روس، چين هجي يا اسرائيل هر وڏي طاقت پنهنجن مفادن جي پورائي جي لاءِ انسانن کي مهرو بڻائي ٿي.

هڪ پاسي اهي امن جي ڳالھه ڪن ٿا، ٻئي پاسي اربين ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪن ٿا ۽ اسان جيڪي هن دنيا جا عام ماڻهو آهيون، جيڪي هر ڏينهن زندگيءَ جي لاءِ جدوجهد ڪريون ٿا، ڪيستائين انهن جنگين جو ٻارڻ بڻبا رهنداسين؟ ڪيستائين اسان جا نوجوان فوجي ڀرتين ۾ پنهنجيون جانيون وڃائيندا رهندا؟ ڪيستائين اسان جون عورتون بيواهه ٿينديون رهنديون؟ ڪيستائين اسان جا ٻار يتيم ٿيندا رهندا؟

ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته اسان انهن قوتن کي وائکو ڪيون، جيڪي جنگ کي ضرورت ۽ دفاع جو نالو ڏئي اصل حقيقت لڪائين ٿيون. اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته ڪنهن قوم جي بقا ڪنهن سرحد جي حفاظت يا ڪنهن عقيدي جي برتري جي نالي تي جڏهن انسانيت جو قتل عام ٿئي ٿو ته اصل ۾ قاتل اهي  ئي آهن، جيڪي دنيا جي معيشت ۽ سياست جي مرڪز ۾ ويٺا آهن.

ڇا اسان هڪٻئي کي جيئڻ جو حق ڏيئي سگهون ٿا؟ ها ڏئي سگهون ٿا. جيڪڏهن اسان پنهنجين نفرتن کي سڃاڻون، انهن سازشن کي سمجهون جيڪي اسان کي پاڻ ۾ ويڙهائين ٿيون. جيڪڏهن اسان اهو مڃي وٺون ته مذهب، ٻولي، رنگ ۽ قوميت انسان کي ورهائڻ جا هٿيار ٺاهيا ويا آهن، جيڪڏهن اسان اهو ڄاڻي وٺون ته هر جنگ کان اڳ ڪوڙ گهڙيو ويندو آهي ۽ ميڊيا جي وسيلي فضا تيار ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ انسانن کي مارڻ جي لاءِ جائز بهانو گهڙيو ويندو آهي.

دنيا ۾ جيئڻ جو حق سڀني جو آهي، ڪنهن فلسطيني جو رت ڪنهن يهودي کان گهٽ قيمتي ناهي، ڪنهن ايراني جو ڏک ڪنهن آمريڪي ماءُ جي ڳوڙهن کان گهٽ ناهي، ڪنهن افغاني ٻار جي بک، ڪنهن يورپي ٻار جي بک جيتري ئي تڪليف ڏيندڙ آهي. فرق صرف ايترو آهي ته هڪ تصوير ميڊيا تي اچي ٿي ۽ ٻئي جو لاش ڍير هيٺان دفن ٿي وڃي ٿو.

اسان کي اهو ڏينهن آڻڻو پوندو، جڏهن جنگ کي ناڪامي سمجهيو ويندو فتح نه. جڏهن امن کي صرف ڳالهين سان نه بلڪه انصاف سان ڳنڍيو ويندو. اسان کي اها ويڙھ قلم سان وڙهڻي پوندي، شعور سان، علم سان، بيداري سان. اسان کي پنهنجن نسلن کي ٻڌائڻو پوندو ته جنگيون انسانن جو مقدر ناهن، پر مفادن جون سازشون آهن. اسان کي امن لاءِ چين جي ڀت جيان بيهي رهڻو پوندو. چاهي اهو امن فلسطين ۾ هجي، ايران ۾ هجي، ڀارت ۾، پاڪستان ۾ هجي يا ڪنهن آفريقي ملڪ ۾ ئي ڇو نه هجي.

دنيا سڪون جو گهر تڏهن ئي بڻجي سگهي ٿي، جڏهن اسين چاهينداسين، جڏهن اسان ان ڏينهن جي خواهش ڪنداسين، جڏهن ٻارڙا اسڪول وڃن نه ڪي پناھ گاهن ۾ لڪن. جڏهن ماءُ جي اکين ۾ خواب هجي ڳوڙهو نه، جڏهن پيءُ جي ڪلهي تي پٽ جو لاش نه ، پر ان جي ڪتابن جو ٿيلهو هجي، ڇا اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو؟ شايد اچي، جيڪڏهن اسان سوال سکي وٺون، جيڪڏهن اسان سچ ڳالهائڻ سکي وٺون، جڏهن اسان انسان کي انسان سمجهنداسين، جڏهن اسان جي قلم جو آواز سڀني ظلمن جي خلاف هڪ ٿي ويندو، تڏهن شايد اهو ڏينهن ايندو ۽ ها اهو ڏينهن ضرور ايندو، جڏهن اسان جنگ جي خلاف ۽ امن جي حق ۾ پنهنجي ساھ جي آخري تند تائين ڳالھائينداسين، لکنداسين. انهيءَ خواب کي فيض صاحب نهايت خوبصورت ۽ خوشبودار لفظن ۾ پوئيو آهي:

هم ديکين گي

لازم هي ڪي هم ڀي ديکين گي

وه دن ڪه جس کان وعده هي

جو لوحِ ازل مين لکا هي.