انسان جڏھن 21 ھين صديءَ ۾ داخل پئي ٿيو ته اها ڳالهھ سامھون آئي ته 20 ھين صدي جي سالن ۾ دنيا ۾ مختلف ميدانن ۾ جيڪا ترقي ٿي آھي، سا ايندڙ 10 سالن ۾ ٻيڻي ٿي ويندي ۽ 10 سالن جون ترقيون وري 2- 3 سالن ۾ ٻيڻيون ٽيڻيون ٿي وينديون. ھاڻ ھڪ صديءَ جي ترقي ھڪ ڪلاڪ ۾ ٻيڻي پئي ٿئي، اھڙيءَ طرح ترقيءَ جي رفتار اڃان به تيز ٿيندي ويندي، جڏھن ترقي جي رفتار تيز ٿيندي آھي ته ان سان گڏ ازخود تنزليءَ جي رفتار به وڌندي آھي.
ھر شعبي ۾ بي پناھ ترقيون ۽ انھن ۾ اضافا ٿيا آھن، انسان ڪائنات ۾ ڪاھي پيو آھي، اھڙا راز ڳولهي لڌا آھن جن جو تصور به نه ھو، جڏھن انسان پيرن تي بيٺو ته ان جا ھٿ آجا ٿيا جنھن سان ھو تمام تيزيءَ سان اڳتي وڌيو ۽ ٻي مخلوق تي حاوي به ٿيو. ڦيٿي جي ايجاد کانپوءِ ريڊيو سڄي تاريخ جي پھرين سڀ کان وڏي اھڙي ايجاد هئي، جنھن ماڻھن کي تمام گھڻو حيران ڪيو. لائوڊ اسپيڪر ايجاد ٿيو ته به خلق حيران ٿي ۽ اھا ڳالھه سمجھه کان وڏي ٿي پئي ته انسان جو آواز انسان جي زبان ۽ وات کانسواءِ ڪنھن ٻي شيءِ مان ڪيئن ٿو اچي سگھي؟
تاريخ ٻڌائي ٿي ته مواصلات جي محدود وسيلن باوجود لائوڊ اسپيڪر جي خلاف به ھزارين ماڻھن جون گڏيل فتوائون آيون ته اھو دجال جو آواز آھي، ريڊيو جي ايجاد، جنھن آواز کي برقي لھرن ۾ تبديل ڪري ھڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين رسايو ان ته ماڻھن کي اڃان به وڌيڪ حيران ڪيو. ان بعد ھِن وقت جي سائنسي ترقي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ايجاد ٽي وي هئي، جنھن ۾ آواز سان گڏ تصوير به هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين پھچڻ لڳي، جنھن انسانن کي وڌ ۾ وڌ حيران ڪيو، ٽي وي کي بليڪ اينڊ وائيٽ مان رنگين ٿيڻ، وڏي سائيز مان ننڍي سائيز ۾ اچڻ ۾ به ماڻھن جون عمريون لڳي ويون. سائنسي ترقي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ايجاد ٽي وي ھاڻ موڊيفاءِ ٿي پنھنجي نشريات جي رسائي جا سورس بدلائي طاقتور سورس استعمال ڪري، يڪطرفي شڪل مان بدلجي گھڻ رخي جھان ۾ داخل ٿي. جنهن کانپوءِ ڪمپيوٽر جو دور شروع ٿيو، جنهن ڊجيٽل دنيا جو بنياد وڌو ۽ دنيا يڪسر تبديل ٿي وئي.
ان کانپوءِ سيٽلائيٽ جو دور شروع ٿيو ۽ ان سڄي دنيا کي ڳنڍي گلوبل وليج بڻائي ڇڏيو، جنھن سان مواصلات جي وِٿي صفا گھٽجي وئي آھي. دنيا ھر ڪنھن جي مُٺ ۾ محسوس ٿيڻ لڳي آھي، ڪير به ڪنھن کان ھاڻ دوريءَ تي نه رھيو آھي.. اھا ته رڳو مواصلات جي ترقي جي ڪھاڻي آھي، پر ان کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ سائنسي ترقين جون ڪھاڻيون ٻين شعبن ۾ ٿيون آھن. اسان وٽ انسان طرفان چنڊ تي پھچڻ واري عمل کي اڄ به انساني ڪوششن جي مثالن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو جنھن کي 56 سالن جو عرصو گذري چڪو آھي. ايٽم بم کي وڏي طاقت جي مثالن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ٻي عالمي جنگ جي خاتمي تي جرمن سائنسدان آئن اسٽائن 27 جولاءِ 1945ع تي آمريڪي فوج کي ھينڊ اوور ڪيو ھو، جنھن جا پھريان استعمال 6 ۽ 9 آگسٽ 1945ع تي جاپان جي ٻن وڏن شھرن، ھيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ٿيا ھئا، جنھن جي ان پھرين استعمال کي به 80 سالن جو عرصو گذري چڪو آھي. ان وچ ۾ ٻيون ڪھڙيون ترقيون ٿيون ھونديون انھن بابت اسان عام انسانن جي گھڻائي بي خبر آھي. ھارپ ٽيڪنالاجي سان ھٿرادو مينھن وسائي سگھجن ٿا، ھٿرادو موسمون بدلائي سگھجن ٿيون ۽ ھٿرادو زلزلا آڻي سگھجن ٿا، ھٿرادو پيدا ڪيل موت مار وائرسن جا ڪيئي مثال به سامھون آيل آھن جنھن ۾ ڪورونا جي وائرس جو مثال نمايان آھي، جنھن دنيا جا ڪروڙين ماڻھو ماريا ۽ متاثر ڪيا، ھاڻ ته ڪروڙين زندگين کي ھڪ سيڪنڊ جي ڏھين حصي جيتري عرصي ۾ فنا ڪري سگھجي ٿو ته ٻئي طرف وري جينياتي سائنس جي ترقي سان انسانن جي عمرين کي سوين سالن تائين وڌائي به سگھجي ٿو، ھڪ طرف بُک ۽ بدحالي سبب نيڪولس جي ٽڪي جي اسپرو گوري نه ملي سگھڻ تي ماڻھو وقت کان اڳ مرن پيا يا زندگيءَ کي ھڪ عذاب جھڙو سمجھي ان مان ڇوٽڪارو حاصل پيا ڪن ته ٻئي طرف ھڪ زندگي جي ننڍين ننڍين خوشين تي يا زندگي بچائڻ ۽ عمر وڌائڻ تي اربين ڊالرن جا خرچ ٿين پيا.
خفيه سائنسي ترقي جا لکين مثال ته اڃان منظر تي ئي نه آيا آھن، دنيا جي ترقي يافته ملڪن انھن کي لڪائي رکيو آھي، ان سڄي صورتحال ۾ جيڪو نقصان ٿيو آھي سو اھو آھي ته انسان جي اھميت ۽ حيثيت ٻين شين جي اڳيان ڪري پئي آھي. بزرگي جي اھميت بلڪل ختم ٿي وئي آھي، ھڪ ئي وقت ۾ گھڻن موتن جي خبرن عام ماڻھن ۾ موت جي خوف کي تيزي سان وڌائي ڇڏيو آھي. …(جاري)…