ايڊيٽوريلنئون

سڄي ملڪ ۾ 6 کان 10 جولاءِ جي وچ ۾ تيز بارشن جو امڪان

بارشن جو ٻڌي جتي خوشي ٿيڻ گهرجي اتي هينئر سڄي ملڪ جي عوام ۽ ادارن جي دل ۾ خوف پيدا ٿيو وڃي ته خبر ناهي برساتون ڪهڙي صورتحال پيدا ڪنديون. ڇو ته هاڻي برساتن جي ڪري اربن فلڊنگ اڻٽر ٿي چڪي آهي، ڇو ته سڄي ملڪ ۾ اسان پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن کي تبديل ڪري انهن کي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن وهڪرن تي طاقتور طبقي جي آشيرواد سان مختلف قسمن جون تعميرات ٿي چڪيون آهن، جنهن جي ڪري اربن فلڊنگ کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، جيڪا هن ملڪ جي لاءِ ڄڻ ته موت جو سبب بڻجي رهي آهي.

ان ۾ ادارتي ناڪامي سان گڏوگڏ سماجي زندگيءَ جو ڍانچو تباهيءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي ۽ عام ماڻهو جيڪو پنهنجي جمع پونجي سان پنهنجا اثاثا ٺاهي ٿو اهي تباهه ۽ برباد ٿي رهيا آهن. تازوئي سوات ۾ هڪ حادثو ٿيو، جنهن ۾ هڪ پاڻيءَ جي وهڪري کي ڪچي مٽيءَ سان بند جوڙي پاڻيءَ جا رستا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، ڪيترن ئي ماڻهن جي اکين اڳيان هڪ ئي خاندان جا 18 ماڻهو پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا. ڇو ته پاڻيءَ جو قدرتي رستو بند ڪيو ويو هو، جنهن اها تباهي آندي. پاڻي پنهنجا رستا چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو، ان جي رستن کي بند ڪرڻ سان پاڻي ڪڏهن به پنهنجن رستن کي ڇڏي ناهي ڏيندو ۽ نتيجي ۾ تباهي ۽ بربادي آڻيندو آهي.

هينئر نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ 6 جولاءِ کان وٺي 10 جولاءِ جي وچ ۾ تمام تيز برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. بارشون انسان جي زندگيءَ جي لاءِ جياپو آهن. زمين هيٺ پاڻيءَ جي سطح مسلسل استعمال ڪرڻ سبب گهٽجي وڃي ٿي، برساتن جي ڪري ان جي سطح وري مٿي چڙهي بهتر ٿي وڃي ٿي. برساتن جي ڪري گرميءَ جو زور ٽٽي پوي ٿو، فضا ۾ موجود گدلاڻ مينهن جي ڪري صاف ٿي وڃي ٿي. جنهن سان نه صرف انسان، بلڪه جانور، پکي پکڻ ۽ مختلف قسمن جا جيت جڻا به خوش ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي زندگيءَ ۾ به واڌ ويجهه ٿئي ٿي، جيڪي اسان جي ايڪو سسٽم جي لاءِ تمام اهم آهن، پر ڇا اسان پنهنجي ارد گرد پنهنجي زندگيءَ کي بچائڻ جي لاءِ فطرت جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ ڪا پلاننگ ڪري رهيا آهيون يا نه؟

هن وقت لڳي ٿو ته پوري ملڪ ۾ انڌاڌنڌ غير قانوني تعميرات جاري آهن. پشاور کان وٺي بلوچستان، بلوچستان کان وٺي ۽ پنجاب کان وٺي سنڌ تائين اهو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ برسات هڪ عذاب بڻجي سڀني صوبن جي زندگيءَ کي متاثر ڪري رهي آهي ۽ اسان کي سنڌ سطح تي به ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جو ڪوبه کنيل قدم نظر نٿو اچي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، شڪارپور، دادو جهڙا شهر اربن فلڊنگ جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب کي ڇڏي سڀ کان وڌيڪ گليشيئر پاڪستان جي اترئين علائقن گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ آهن، جتي دنيا جا ڪجهه بلند ترين جبل موجود آهن. هن وقت اهي گليشيئر موسمياتي تبديلين سبب تيزيءَ سان ڳري پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، جيڪو پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ جڏهن گرمي جي موسم اچي ٿي ته گليشئرن جي تيزي سان ڳرڻ جي ڪري ادارا پاڻيءَ جو درست انتظام نٿا ڪري سگهن، جيڪا ادارن جي غفلت جو نتيجو آهي.

سبب مسلسل پاڪستان ۾ قدرتي آفتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، لينڊ سلائيڊنگ وڌي رهي آهي، دريائن ۾ ٻوڏن جي ڪري بندن جي حالت خراب هجڻ سبب حادثا پيش اچن ٿا. 2010 واري ٻوڏ سنڌ جي سڄي سماج کي تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري هڪ علائقي کان ٻي علائقي ڏانهن لڏپلاڻ ٿيڻ سبب شهرن تي تمام گهڻو دٻاءُ وڌي وڃي ٿو ۽ پوءِ شهرن جي اندر هڪ ئي وقت ۾ غير متوقع طور تي آباديءَ جي دٻاءُ سبب ڪيترائي منفي اثر پون ٿا.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صوبائي ۽ وفاقي سطح تي هڪ مڪمل پلان ٺاهي ان تي عمل ڪيو وڃي. پاڻيءَ جا پراڻا وهڪرا بحال ڪيا وڃن. اربن فلڊنگ کي روڪڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نوان وهڪرا تيار ڪيا وڃن، جنهن ۾ پاڻي گذرڻ جي وڌيڪ صلاحيت هجڻ گهرجي. ان کان علاوه جيڪو هن وقت انفرااسٽرڪچر موجود آهي ان کي وقت ۽ حالتن جي ضرورتن جي مطابق سڌاريو وڃي. ان سان گڏوگڏ اسان جا جيڪي ننڍا ننڍا ڳوٺ آهن انهن جي اندر به ڊرينج جا بهتر ۽ وڌيڪ پاڻيءَ جي گذرڻ جا بندوبست هاڻي کان ئي ڪيا وڃن.

هر صوبي اندر برساتن جي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا ڊيم تيار ڪيا وڃن ته جيئن اهو پاڻي جيڪو شهرن ۾ ڪاهي پوي ٿو ان کي ڊيمن جي اندر ذخيرو ڪري انهن مان زراعت جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن. ان کان علاوه اسان کي پنهنجي زراعت ۾ به وقت ۽ حالتن جي مطابق تبديلي ڪرڻي پوندي. اربن فاريسٽنگ جيڪا هاڻي وقت جي تمام اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي ان طرف عوام کي مختلف مهمون هلائي شامل ڪري شهرن جي اندر مختلف جاين تي وڻ پوکڻا پوندا جيڪي اتان جا مقامي وڻ هجن ته جيئن اهي ڳرين برساتن جي پاڻيءَ کي روڪي سگهن.

ان کان علاوه جڏهن برسات جي موسم اچي ٿي ته عوام جي اندر آگاهي مهم جي ذريعي عوام کي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ پنهنجي بچاءُ بابت آگاهي ڏيڻ به حڪومت جو ئي ڪم آهي. جيڪڏهن انهن چند ڳالهين تي حڪومت پنهنجو جامع پلان ٺاهي عمل ڪرڻ شروع ڪيو ته چند سالن جي اندر اسان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي قابل ٿي پونداسين.