اسڪن ڪينسر خلاف 100 سيڪڙو ڪم ڪندڙ دوا تيار
طبي ماهرن پاران اسڪن ڪينسر جي علاج لاءِ هڪ نئين دوا تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جنهن جي آزمائش ڪوئن تي ڪئي وئي، جيڪا ڪامياب رهي. اسڪرپس ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ماهرن پاران ويڪسين جي تجربي دوران ڏٺو ته هن دوا جي استعمال بعد ڪينسر ٻيهر واپس نه آيو جڏهن ته اڳ ۾ ٿيندڙ علاج ۾ ڪينسر واپس اچي ويندو آهي. ماهرن پاران ڪوئن تي دوا استعمال ڪرڻ بعد هڪ عرصي تائين انهن ڪوئن کي جائزي هيٺ رکيو جنهن ۾ ڪينسر واپس نه آيو. ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ماهر ڊيل بوگر پاران چيو ويو ته نئين علاج ۾ ڪينسر جي مڪمل علاج جي راهه کلي وئي آهي. هن چيو ته هي دوا هڪ ئي وقت ۾ جسم کي بيماري خلاف وڙهڻ سيکاري ٿي ۽ ڪينسر جي رسولي کي به ختم ڪري ٿي.