ڍڳيون هڪ ٻئي سان جذبات ۽ موسم جو احوال بيان ڪنديون آهن

هڪ ڍڳي ٻي ڍڳي سان بک، پريشاني، موسم ۽ ٻي معلومات ونڊي ٿي، جنهن جو اظهار آواز يا اوگرائي جي مختلف ڪيفيت ۽ Pitch مان لڳايو ويندو آهي. هن ڳالهه جو انڪشاف يونيورسٽي آف سڊني جي سائنسدانن جي سائنٽيفڪ رپورٽ ۾ شايع هڪ تحقيق ۾ ٿيو آهي. تحقيق ۾ 333 ڍڳين جي آوازن جو ڌار ڌار جائزو ورتو ويو. تحقيق جي سربراهه اليگزينڊر گرين جي مطابق ڍڳي ميل جول رکڻ واري مخلوق آهي ۽ انهيءَ سبب سڄي زندگي ڍڳي پنهنجي انفرادي سڃاڻپ برقرار رکندي آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿيو آهي جو اسان ڍڳين جا مختلف آواز رڪارڊ ڪري ڍڳين جي جذبات جو ثبوت پيش ڪيو آهي. ان تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته ڍڳي پنهنجي آواز سان پريشاني، خوشي، خوف يا جذباتيت جو اظهار ڪندي آهي ۽ پنهنجي ساٿي ڍڳين سان به رابطو برقرار رکندي آهي. اليگزينڊر ڍڳين جو آواز ٻڌندي ٻڌندي ايتري ماهر ٿي چڪي آهي جو هوءَ ڍڳين جي ڌڻ طرف ڏسڻ بنا ٻڌائي سگهي ٿي ته ڪهڙي ڍڳي پڪاري رهي آهي.