بلاگنئون

سنڌ جي سيڙپڪار کي ڪراچي جو رُخ ڪرڻ گهرجي

شهرِ ڪراچي جيڪو صوبي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي، ان سان گڏوگڏ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شهر ۽ صنعتي ۽ معاشي حب پڻ آهي، اتي روزگار جا ذريعا موجود آهن، ڪراچي شهر ۾ صنعتڪار، سيڙپڪار ۽ سرمائيدار پوري ملڪ مان اچي صنعتون لڳائي ٿو. سيڙپ ڪري ٿو ۽ سرمايو وڌائي ٿو.
صنعتڪار ۽ سرمائيدار ۾ جتي پنجابي ڳالهائيندڙ، اردو ڳالهائيندڙ، پشتو ڳالهائيندڙ موجود آهن، اتي بدقسمتي سان اسان کي سنڌي ڳالهائيندڙ صنعتڪار، سرمائيدار ڳولهيندي نظر نه ٿو اچي. سنڌي ڳالهائيندڙ امير طبقو ڪراچي ۾ موجود ته آهي، ان جا تمام وڏا وڏا بنگلا، ڊفينس، ڪلفٽن ۽ بحريه ٽائون ۾ موجود آهن. هي سنڌ جو زميندار طبقو آهي، يا وري پوليٽيڪل آهي يا ڪامورو آهي. صنعتون نه لڳائڻ جي ڪري سنڌ جي سنڌي ڳالهائيندڙ مزدور کي انهن ڪارخانن ۾ مزدوري ڪرڻ جي سهولت نه ٿي ملي، جيڪي ڪارخانا ٻين ٻولي ڳالهائيندڙ مالڪن جا آهن، انهيءَ جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ اهو آهي ته سنڌي ڳالهائندڙ امير طبقي کي واپار جي ڄاڻ حاصل نه آهي، انهيءَ جي ڪري هو واپار ۾ ايندي خوف محسوس ڪري ٿو ته متان سندس سرمايو ٻُڏي وڃي. ٻيو سبب اهو آهي ته هو زمينداري مان، سياست مان يا وري ڪامورا شاهي مان جائز يا ناجائز طريقي سان ايترو ڪمائي ٿو، جو کيس اها ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي، ته هو شهر ۾ اچي صنعت لڳائي جنهن سان نه صرف سندس فائدو آهي، پر سنڌ جو بيروزگار ماڻهو به روزگار سان لڳندو، ٻچن جو پيٽ پاليندو، شهر ۾ ايندو، ٻار پڙهائيندو ۽ ترقيءَ جي سرشتي ۾ شامل ٿي ويندو، وقت اچي ويو آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ خوشحال ۽ پئسي وارو ماڻهو صنعت ۾ اچي پنهنجو پاڻ کي مڃرائي، وڌيڪ رقم جائز طريقي سان ڪمائي ان سان گڏ پنهنجي علائقي جي ڪيترن ئي بيروزگار ماڻهن کي روزگار ڏئي انهن جي معاشي حالت کي بهتر بڻائي. صنعتي شعبي کي خام مال زراعت مهيا ڪري ڏيندي آهي.
مثال طور جيڪڏهن اوهان فلور مل لڳايو ٿا ته ڪڻڪ زميندار پيدا ڪري ٿو، پر اهو زميندار شهر ۾ اچي، فلور مل نه ٿو لڳائي. جڏهن شهر جا هول سيلر کنڊ جي اگهه کي پنهنجي مرضيءَ مطابق مقرر ڪن ٿا ته ان ۾ زميندار جو ڪوبه عمل دخل نه آهي، جڏهن ته ڪمند جي پيداوار سنڌ جو زميندار ڪري ٿو. ڌاڳي جون ملون هجن يا ڪپڙي جون ملون هجن، انهن جو خام مال ڦٽيءَ جي فصل مان حاصل ٿئي ٿو، وري جيڪڏهن کاڄرو تيل تي اچون ته سرنهن، ڪڪڙو، سورج مکي، اهي سڀ فصل سنڌ جو زميندار پيدا ڪري ٿو، پر انهن ڪارخانن ۾ سندس حصو نه آهي، زميندار کان وڌيڪ ڪارخانيدار ڪمائي ٿو. سبزي منڊي ۾ سبزي سندس اچي ٿي، پر سبزي منڊي اندر توهان کي سنڌي ڳالهائيندڙ ڳولهيو نه لڀندو ۽ انهي کان علاوه واپار جا ڪيترائي ذريعا آهن، جنهن ۾ کاڌي پيتي جون هوٽلون، چانهه جون هوٽلون، اهي ڪاروبار جن ۾ لاڳت به گهٽ آهي، منافعو وڌيڪ آهي، انهن کان سنڌ جو سرمائيدار پري آهي، هاڻي سنڌ جو زميندار، سرمائيدار يا رٽائرڊ بيوروڪريٽ جنهن چڱا خاصا پئسا گڏ ته ڪري ورتا آهن، پر هو بينڪن ۾ رکي ان تي منافعو حاصل ڪري پنهنجي زندگي گذاري رهيو آهي، ان کي واپار جي سڀني شعبن ۾ اچڻو پوندو، ان سان گڏ سنڌ حڪومت اهڙا قدم کڻي، شهرن ۾ خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ نوان نوان واپاري زون ٺاهي جتي سنڌ جو پڙهيو لکيو ماڻهو ۽ سرمائيدار اچي، پنهنجو سرمايو لڳائي، واپار ڪري، ننڍا ننڍا ڪارخانا لڳائي.
سنڌ جي ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهن جي معاشي حالت تڏهن بهتر ٿيندي، جڏهن اهي شهرن ۾ ايندا ۽ انهن کي روزگار جا موقعا ملندا. ڪراچي يا ٻين شهرن تي نظر ڦيرائجي ته افغان مهاجر جيڪو ننڍن ڪاروبارن ۾ مشغول هو، حڪومتي پاليسين جي ڪري هاڻي اهو مارڪيٽ مان غائب ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، انهي موقعي مان سنڌي ماڻهو فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ته اهو موقعو غنيمت آهي. سنڌ حڪومت کان اهو مطالبو ڪجي ٿو ته اهي اهڙا پروگرام کڻي اچن، جن سان سرمائيدار کي ڪشش محسوس ٿئي ۽ اهو ڪراچي ۾ اچي سيڙپ ڪري، جنهن سان سنڌ جي ترقي ٿئي ۽ ملڪ جي ترقي ٿئي.