شايد ئي گذريل پنجاھ سالن ۾ ڪنھن صحافي سنڌ کي ائين ووڙيو ۽ ڦلھوريو ھجي جيئن اسحاق مڱريو ڪري ڏيکاريو. سنڌو درياءَ، سنڌو جو ڊيلٽا، سنڌ جا ٻيٽ، سنڌ جون ٻوڏون، سنڌ جا ٿر بر، ڪچا ۽ ڪاڇا، سنڌ جا واھڻ ۽ وسنديون ھن شخص ائين اٿلائي پٿلائي ڏٺا، جنھن ڳالھين شخص کي سنڌ شناسي جو سونھون ۽ سنڌي صحافت جو نرالو ڪردار بڻائي ڇڏيو، پر اسحاق مڱريو جي صحافتي سٿ جي خيال ۾ سندس تاريخي ڪم اھي اسٽوريون آهن جيڪي لاڙ پٽ ۾ 1999ع جي سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ايل بي او ڊي جي نالي جي ابتي وھڻ جي تباھي ۽ بربادي تي لکيون ويون. اسحاق مڱريو سان منھنجي پھرين ملاقات جوھي ۾ ٿي جڏھن ھو انگريزن جي دور ۾ قائم ٿيل حرن جي لوڙھن جي سلسلي ۾ اسٽوري ڪري رھيو ھو. پاڪستان ٺھڻ کان ڪيئي سال اڳ پير پاڳاري صبغت اللہ جي اڳواڻي ۾ انگريز والار خلاف حرن بغاوت ڪئي ھئي، جنھن جي جواب ۾ رياستي بربريت ھيٺ حرن کي دھشتگرد قرار ڏيئي کين خاندانن سميت سنڌ جي مختلف کليل جيلن ۾ واڙيو ويو ھو. حرن جو اھڙو ئي ھڪ لوڙھو حر ڪئمپ جي نالي سان جوھيءَ شھر جي اتر ۾ چند ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موجود آھي. حرن جا لوڙھا سنڌ جي ھڪ اونداھي ۽ بربريت جي عھد جي علامت آھن تنھن سان اسحاق مڱريو جي انسيت جو ھڪ ڪارڻ سندس خاندان جو حر تحريڪ سان لاڳاپيل ھجڻ به ھو. ان بعد ھن جي جوھي اچڻ، واھي پانڌي وڃڻ ۽ گورک پنڌ جو ڏس پيو. تنھن وقت گورک جبل جو پنڌ، اٺ، گڏھ، موٽرسائيڪل يا وري پنڌ ذريعي ڪبو ھو. واھي پانڌي مان ھو واھي پانڌي جي سنگت سان گڏجي گورک لاءِ اسھيو. واھي پانڌي کان گورک جبل جي پاڙ جنھن کي مقامي ماڻھو “پنجٽيھ” سڏين، تائين موٽرسائيڪل تي سفر ڪيائين جڏھن ته چاڙھيءَ لاھيءَ تي مشتمل اٺ ڪلاڪ اڻانگو پنڌ پيادل سر ڪيائين. اھو 1997ع ۾ جون مھيني جو ڏينھن ھو. گورک چوٽيءَ تي پھچڻ لاءِ کاول لڪ استعمال ٿيندو ھو ليڪن اسحاق مڱريو گورک جي چوٽي تي پھچڻ لاءِ چُوڪڙيءَ جهڙي انتھائي اڻانگي لڪ ذريعي گورک چوٽي تي پھتو. چُوڪڙيءَ جي معنيٰ سنھڙو ۽ اڻانگو آھي. ھڪ ڀيري اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائبريري جوھي جو نالو ٻڌي ڏسڻ آيو. جڏھن ته ھڪ ڀيرو منھنجي لکيل ڪتاب “سنڌ جا سياسي ڪردار” جي مھورت جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي سنگت سان جوھي اچي نڪتو. گورک وڃڻ لاءِ سندس پنڌ پيا ٿيندا ھئا ۽ سندس جوھي اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو ھو. جوھي ۾ اسحاق مڱريو جون اسٽوريون دلچسپي سان پڙھيون ۽ بحث ھيٺ آنديون وينديون ھيون. جوھي ۾ ھر ساڃاھ وند سان اسحاق مڱرئي جي ڏيٺ ويٺ ھوندي ھئي، ليڪن اڳتي ھلي خبر پئي ته جوھي جيان سنڌ جي ھر شھر ۽ وڏي ڳوٺ، وسنديءَ ۾ سندس اچڻ وڃڻ ۽ سلام عليڪ ھئي، کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ سڃاتو ويندو ھو ۽ جھڏي کان ڪشمور، ننگر پارڪر کان اوٻاوڙو تائين ھر ھنڌ کيس ڄاتو ويندو ھو. ھُو ننگر پارڪر ۾ مسڪين جھان خان کوسو سان وڃي ملندو ھو ته ماٿيلي ۾ مانڌل شر سان به سندس اچڻ وڃڻ ھو. سنڌ جي ھر علائقي جا سياسي، سماجي، ادبي ڪردار سندس ھٿ تريءَ تي پيل ھوندا ھئا. سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند لڏي جي ڪارڪنن سان سندس ڪچھريون رھنديون ھيون. ھڪ ڀيري ڪچھري ۾ ٻڌايائين ته جھڏي، نئون ڪوٽ ۾ زرعي پاڻي جي اڻاٺ سبب جڏھن زميندارن جو اوج نه رھيو ۽ اھي بدحال ٿي ويا، پر سندن ڪپڙو لٽو ۽ ظاھري شان شوڪت برقرار رھي. انھيءَ حال ۾ اتان جا زميندار گهران نڪرڻ وقت ڏند کوٽيندي نڪرندا ھئا ڄڻ ڪجھ چڱو چوکو کائي ٻاھر نڪتا ھجن. ائين سنڌ جي اڪثر علائقن ۽ ذات جي ماڻھوءَ جي الڳ الڳ نفسيات جو کيس بخوبي اندازو به ھوندو ھو.