بلاگنئون سنڌي صحافت جو وھائو تارو، اسحاق مڱريو July 2, 2024 Zahida Abro شايد ئي گذريل پنجاھ سالن ۾ ڪنھن صحافي سنڌ کي ائين ووڙيو ۽ ڦلھوريو ھجي جيئن اسحاق مڱريو ڪري ڏيکاريو. سنڌو درياءَ، سنڌو جو ڊيلٽا، سنڌ جا ٻيٽ، سنڌ جون ٻوڏون، سنڌ جا ٿر بر، ڪچا ۽ ڪاڇا، سنڌ جا واھڻ ۽ وسنديون ھن شخص ائين اٿلائي پٿلائي ڏٺا، جنھن ڳالھين شخص کي سنڌ شناسي جو سونھون ۽ سنڌي صحافت جو نرالو ڪردار بڻائي ڇڏيو، پر اسحاق مڱريو جي صحافتي سٿ جي خيال ۾ سندس تاريخي ڪم اھي اسٽوريون آهن جيڪي لاڙ پٽ ۾ 1999ع جي سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ايل بي او ڊي جي نالي جي ابتي وھڻ جي تباھي ۽ بربادي تي لکيون ويون. اسحاق مڱريو سان منھنجي پھرين ملاقات جوھي ۾ ٿي جڏھن ھو انگريزن جي دور ۾ قائم ٿيل حرن جي لوڙھن جي سلسلي ۾ اسٽوري ڪري رھيو ھو. پاڪستان ٺھڻ کان ڪيئي سال اڳ پير پاڳاري صبغت اللہ جي اڳواڻي ۾ انگريز والار خلاف حرن بغاوت ڪئي ھئي، جنھن جي جواب ۾ رياستي بربريت ھيٺ حرن کي دھشتگرد قرار ڏيئي کين خاندانن سميت سنڌ جي مختلف کليل جيلن ۾ واڙيو ويو ھو. حرن جو اھڙو ئي ھڪ لوڙھو حر ڪئمپ جي نالي سان جوھيءَ شھر جي اتر ۾ چند ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موجود آھي. حرن جا لوڙھا سنڌ جي ھڪ اونداھي ۽ بربريت جي عھد جي علامت آھن تنھن سان اسحاق مڱريو جي انسيت جو ھڪ ڪارڻ سندس خاندان جو حر تحريڪ سان لاڳاپيل ھجڻ به ھو. ان بعد ھن جي جوھي اچڻ، واھي پانڌي وڃڻ ۽ گورک پنڌ جو ڏس پيو. تنھن وقت گورک جبل جو پنڌ، اٺ، گڏھ، موٽرسائيڪل يا وري پنڌ ذريعي ڪبو ھو. واھي پانڌي مان ھو واھي پانڌي جي سنگت سان گڏجي گورک لاءِ اسھيو. واھي پانڌي کان گورک جبل جي پاڙ جنھن کي مقامي ماڻھو “پنجٽيھ” سڏين، تائين موٽرسائيڪل تي سفر ڪيائين جڏھن ته چاڙھيءَ لاھيءَ تي مشتمل اٺ ڪلاڪ اڻانگو پنڌ پيادل سر ڪيائين. اھو 1997ع ۾ جون مھيني جو ڏينھن ھو. گورک چوٽيءَ تي پھچڻ لاءِ کاول لڪ استعمال ٿيندو ھو ليڪن اسحاق مڱريو گورک جي چوٽي تي پھچڻ لاءِ چُوڪڙيءَ جهڙي انتھائي اڻانگي لڪ ذريعي گورک چوٽي تي پھتو. چُوڪڙيءَ جي معنيٰ سنھڙو ۽ اڻانگو آھي. ھڪ ڀيري اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائبريري جوھي جو نالو ٻڌي ڏسڻ آيو. جڏھن ته ھڪ ڀيرو منھنجي لکيل ڪتاب “سنڌ جا سياسي ڪردار” جي مھورت جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي سنگت سان جوھي اچي نڪتو. گورک وڃڻ لاءِ سندس پنڌ پيا ٿيندا ھئا ۽ سندس جوھي اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو ھو. جوھي ۾ اسحاق مڱريو جون اسٽوريون دلچسپي سان پڙھيون ۽ بحث ھيٺ آنديون وينديون ھيون. جوھي ۾ ھر ساڃاھ وند سان اسحاق مڱرئي جي ڏيٺ ويٺ ھوندي ھئي، ليڪن اڳتي ھلي خبر پئي ته جوھي جيان سنڌ جي ھر شھر ۽ وڏي ڳوٺ، وسنديءَ ۾ سندس اچڻ وڃڻ ۽ سلام عليڪ ھئي، کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ سڃاتو ويندو ھو ۽ جھڏي کان ڪشمور، ننگر پارڪر کان اوٻاوڙو تائين ھر ھنڌ کيس ڄاتو ويندو ھو. ھُو ننگر پارڪر ۾ مسڪين جھان خان کوسو سان وڃي ملندو ھو ته ماٿيلي ۾ مانڌل شر سان به سندس اچڻ وڃڻ ھو. سنڌ جي ھر علائقي جا سياسي، سماجي، ادبي ڪردار سندس ھٿ تريءَ تي پيل ھوندا ھئا. سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند لڏي جي ڪارڪنن سان سندس ڪچھريون رھنديون ھيون. ھڪ ڀيري ڪچھري ۾ ٻڌايائين ته جھڏي، نئون ڪوٽ ۾ زرعي پاڻي جي اڻاٺ سبب جڏھن زميندارن جو اوج نه رھيو ۽ اھي بدحال ٿي ويا، پر سندن ڪپڙو لٽو ۽ ظاھري شان شوڪت برقرار رھي. انھيءَ حال ۾ اتان جا زميندار گهران نڪرڻ وقت ڏند کوٽيندي نڪرندا ھئا ڄڻ ڪجھ چڱو چوکو کائي ٻاھر نڪتا ھجن. ائين سنڌ جي اڪثر علائقن ۽ ذات جي ماڻھوءَ جي الڳ الڳ نفسيات جو کيس بخوبي اندازو به ھوندو ھو. اسحاق مڱرئي جو جنم 1955ع ۾ سانگهڙ جهول روڊ تي موجود بس اسٽاپ اڇي مسيت لڳ ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ ٿيو. حرن جي تاريخ سان لاڳاپيل سانگهڙ ۾ تنھن وقت قومپرست سياست ھئي ته ترقي پسند تحريڪ جا ڪارڪن به موجود ھئا جن جا اسٽڊِي سرڪل ھلندڙ ھئا. سانگهڙ واسي سوشلسٽ پارٽي جي اڳواڻ حسن عسڪري جو نالو ملڪ ۾ کاٻي ڌر جي حلقن ۾ پنھنجي سڃاڻ رکندو ھو، جتي اسحاق جو اچڻ وڃڻ ۽ اسٽڊِي سرڪل سميت مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺڻ عام ھو. اتان اسحاق مڱرئي جي سياست، صحافت جي ور چڙھي ته ھن وري ڪڏھن پٺتي ورائي نه ڏٺو ۽ پوءِ ھن جي سڃاڻ ھڪ صحافي واري ٿي وئي. روزاني جاڳو، روزاني ڪاوش، روزاني سنڌ، روزاني سنڌ ايڪسپريس سان سندس خاص تعلق رھيو. انھيءَ دوران سنڌ جي شھرن، وسندين، اتان جي مامرن سميت، سنڌ، دنيا جھان جي مامرن تي اسٽوريون ڪيائين. رشيد راڄڙ جي ادارت ۾ نڪرندڙ سنڌ اخبار ۾ ھن صحافي سميت ھڪ بي لوث ڪارڪن طور ڪم ڪيو. ائين جڏھن سنڌ ايڪسپريس نڪتي ته ھن جي صحافتي سرگرمين کي چار چنڊ لڳي ويا. انھيءَ محنت جي نتيجي ۾ اسحاق مڱريو سنڌ جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ جي سياسي سماجي معاملن جي باري ۾ معلومات لاءِ ھڪ حوالو بڻجي سامھون آيو. 2010ع ۽ 2022ع جون ٻوڏون ھجن، سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ ھجي، ان جو ڊيلٽا ۽ ٻيٽ ھجن، ٿر جو ڏڪار ھجي، ڪڇ، بدين جو 2002ع وارو زلزلو ھجي اسحاق مڱريو اسٽوري ڪرڻ لاءِ اتي پھچي ويندو ھو. ھڪ وقت ته اھڙو به آيو ته سنڌ ۾ ڪٿي ڪو سياسي سماجي مامرو ٿي پوي ھن کي جاءِ واردات تي وڃڻ جي ضرورت به نه پوندي ھئي. کيس خبر ھئي ته سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ وٽ ٽوڙي بند کي جيڪڏھن گهارو لڳندو ته اھو بيگاري واھ جو الھندو ڪنارو ڏيئي ڪيئن ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند وچ ۾ وھايو ويندو ۽ ان جا ڪھڙا اثر ٿيندا. ائين نئين گاج جيڪڏھن 20 فوٽ وھي آئي ته اھو پاڻي ڪيتري وقت ۾ منڇر پھچندو ۽ ايتري پاڻي کي برداشت ڪرڻ جي ايف پي بند ۾ سگھ آھي يا نه آھي. 2022ع ۾ چوماسي جي ٻوڏ کانپوءِ جنھن طريقي سان برساتي ٻوڏ جي پاڻي جھڏي شھر جون ھيٺانھون ٻوڙي ڇڏيو، ٺيڙھي کان ٻانڌي سميت ساھتِيه پرڳڻي ۾ پاڻي ھيٺانھين ۾ بيھي ويو ۽ ان جي نڪرڻ جي ڪا سبيل ئي ڪانه پئي ٿي ته ان باري ۾ به وٽس سموري ٽوپوگرافي، جاگرافي معلوم ھئي جيڪا ڪچھرين ۾ ھو ونڊ ڪندو رھندو ھو. جڏھن به اليڪشن ٿيندي ھئي ته ھن کي ھر تعلقي سطح تي موجود وڏيرڪي ۽ برادرين جي اتحادن جي پوري ڄاڻ ھوندي ھئي ۽ ائين کيس نتيجن جي سڌ ٿي ويندي ھئي جيڪي اڪثر صحيح ثابت ٿيندا ھئا. سانگهڙ مان حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ جتي ھو ھڪ برجستو جاکوڙي صحافي ٿي اڀريو اتي ھو حيدرآباد جي ھر ادبي سياسي ڪچھري جو اھم حصو ھوندو ھو جتي مختلف معاملن ۾ سندس راءِ ڏاڍي وزندار ھوندي ھئي. سندس صحافتي زندگي جو آخري پڙاءُ سنڌ ايڪسپريس اخبار ھئي. بدقسمتي سان انھيءَ اخبار ۾ ئي ھن جي ڪل وقتي صحافت جز وقتي صحافت ۾ تبديل ٿي ويئي، جيڪا آخر وقت تائين جاري رھي. جتي ھن جو ڪم مختلف مامرن تي صرف مضمون لکڻ تائين رھجي ويو ليڪن ان دوران به ھن جيڪو لکيو اھو ڪمال جو لکيو. اسحاق مڱريو پنھنجي صحافتي عھد ۾ لاتعداد پروفائل به لکيا ته سنڌ سميت ملڪ جي سياسي مامرن تي به خوب لکيو ۽ گهڻي تعداد ۾ اسٽوريون به ڪيون جنھن دوران ڪڏھن لکا به ڪونه ڏنائين ته سندس ذات ڪيتري پيڙا مان گذري رھي آھي. سنڌ جو ايڏو وڏو صحافي جنھن سنڌي صحافت کي نوان اسلوب ڏنا جنھن کي سڀ ڪو سڃاڻندو ھو ان جي زندگي ھڪ کليل ڪتاب، “جھڙا آيا جڳ ۾ تھڙا ويا موٽي”، جيان ھئي. اڀري سڀري حال ۾ خوش رھڻ وارو، پنھنجي دنيا ۾ مگن اسحاق مڱرئي کي پھريون وڏو گهاءُ 2021ع ۾ تڏھن لڳو جڏھن سندس نوجوان نياڻي جي ور جو سانگهڙ ۾ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ موت ٿيو، ٿوري عرصي ۾ گهاءُ مٿان گهاءُ سندس نوجوان پٽ حسن جو ڪينسر وگهي موت ھو. جنھن جي گهر واريءَ ۽ نياڻي جي پالنا ۽ تعليم جي ذميواري به سندس ڪلھن تي اچي پئي. نوجوان ناٺي ۽ نوجوان پٽ جي موت جو غم لڪائي چپن تي مرڪ سجائي ھو لکندو رھيو، پروگرامن ۾ شرڪت ڪري پنھنجا خيال ۽ تجربا ونڊ ڪندو رھيو ۽ جيئندو به رھيو ليڪن غم لڪائڻ کيس اندران کوکلو ڪري ڇڏيو جيڪو ئي سندس موذي مرض بڻجي ساڻس جهيڙيندو رھيو ۽ پوءِ سندس اسپتالن جا چڪر، اسريٰ کان آغا خان جا پنڌ شروع ٿيا، ليڪن سندس مرض سڃاپجڻ ۾ نه پئي آيو. 16 جون جي اڀاڳي ڏينھن کان ڪي ڏينھن اڳ سندس گهر ملڻ ويس. سندس ھڏي جي ٽي بي جو علاج ھلي رھيو ھو، ليڪن سندس رپورٽون ۽ طبيعت نه سڌرڻ ٻيو قصو ٻڌائي رھيون ھيون. سندس علاج منجھان به لڳو پئي ته سندس مرض جي پڪي تشخيص شايد اڃان نه ٿي سگهي آھي. ملاقات ۾ مون کيس ھٿ ۾ ھٿ ڏيئي چيو ته اسحاق سائين، مرض توکي کٽ ڀيڙو ڪري ڇڏيو آھي، ليڪن تنھنجي چپن جي مُرڪ ۽ حوصلو ٻڌائي ٿو ته توکي اڃان زندہ رھڻو آھي. جنھن جي جواب ۾ صرف مسڪرائي ھٿ کي جوابي زور ڏنائين. اسحاق مڱريو سان آخري مکاميل تي پھريون رد عمل سندس مسڪرائي ملڻ ھو جيڪا سندس غير معمولي ۽ انوکي خاصيت ھئي. سندس مرڪ ۾ سندس ڳاڙھا چپ ۽ ڳاڙھا ڳل ڏاڍو ٺھندا ھئا. 16 ۽ 17 جون واري رات جڏھن عيد جي آمد ٿي رھي ھئي، ڳوٺ گل حسن سريوال جي مسجد جي ڀرسان احاطي ۾ آڌي رات جو سندس جنازي نماز ٿي چڪي ۽ سندس منھن ڏيکارڻ جي ويلا آئي ته ھن جي مُک، ڳاڙھن چپن ۽ ڳٽن تي اھائي پُرسڪونيت سجيل ھئي جيڪا سندس شخصيت جي سڃاڻپ ھئي. سانگهڙ جهول روڊ تي اڇي مسيت واري اسٽاپ وٽان اتر طرف ڳوٺ گل حسن سريوال ڳوٺ منجھ 69 سال اڳ ھڪ شخص جنم ورتو، سياسي ڪارڪن بڻيو، پڙھڻ سان گڏ ڪڙھيو، سموري سنڌ گهميو، سنڌي صحافت جو ھڪ وڏو نالو بڻجي سنڌ جي صحافتي دنيا جو وھائو تارو بڻجي الوپ ٿي ويو، جنھن جي زندگي لطيف جي ھن بيت جي تشريح بڻجي سنڌ جي پولارن ۾ ھميشه گونجار ڪندي رھندي. “نڪو کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻن پاڻ، اھي جن اھڃاڻ، آءُ نه جيئندي ان ري.” *** Post Views: 89