پروفيسر ڊاڪٽر انور “فگار” هَڪڙو، موجوده دور جو هڪ معتبر ترين ۽ سنڌي ادب ۾ مٿانهون مقام رکندڙ استاد ۽ اديب واري حيثيت ۾ منفرد شخصيت جو مالڪ آهي. سنڌ جي نالي واري اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر انور “فگار” جو اصل نالو محمد انور ولد محمد صديق هَڪڙو جو جنم 12 اپريل 1961ع تي شڪارپور شهر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1976ع ثانوي تعليم شڪاپور مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ايم. سنڌي 1986ع ۾ ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پي ايڇ ڊي 1996ع ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي نگراني ۾ شروع ڪيائين. 1996ع کانپوءِ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي نگراني هيٺ “شڪارپور جو سنڌي ادب ۾ حصو” جي عنوان سان سند حاصل ڪيائين. جيئن ته پاڻ سن 1978ع کان نوڪري جي شروعات پرائمري استاد کان ڪيائين، تنهن کانپوءِ پاڻ هاءِ اسڪول ۾ استاد رهيو، اهڙيءَ طرح 1990ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1997ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ڪندي پروفيسر تائين پهتو. اهڙيءَ طرح پاڻ سنڌي شعبي جو چيئرمين ۽ آخر ۾ ڊين فيڪلٽي آف آرٽس جي اهم عهدي تان 2021ع ۾ خير خوبي سان پنهنجي عمر عزيز جا سٺ سال پورا ڪري رٽائر ٿيو. جيئن ته پاڻ ٻالجتي کان علم ادب سان عشق ڪندي ڪيترن ئي موضوعن تي طبع آزمائي ڪندو پيو اچي، الله پاڪ کيس صحت جي سلامتيءَ سان وڏي ڄمار ڏئي جو هُو سنڌي زبان جا گهڙا ڀريندو رهي. سائين ڊاڪٽر محمد انور “فگار” هَڪڙي صاحب استاد جي حيثيت سان ٻائيتاليهن سالن جي درس و تدريس جي وسيع تجربي دوران ماهر تعليم جي حيثيت سان ڪيترن ئي شاگردن جي ذهني ۽ فڪري اوسر ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو آهي، جو سندس شاگرد مُلڪي خدمتن کان علاوه ادبي دنيا ۾ تخليق، تنقيد ۽ تحقيق جي شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. سائين ڊاڪٽر انور محمد انور “فگار” هَڪڙي صاحب جي علمي ۽ تحقيقي حيثيت کي اهي ئي سمجهي سگهن ٿا جيڪي سندس تخليقي، تنقيدي، تحقيقي ڪم کان واقف ۽ مطالعو ڪندڙ هُجن ۽ ٻيا اهي جن کانئس تربيت حاصل ڪئي هُجي ۽ ساڻس علمي ادبي رهاڻيون ڪيون هجن ۽ وري جن سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ هن علمي گوهر جي سنجيده گفتگوءَ کي ٻڌو ۽ سمجهيو هجي. سائين ڊاڪٽر انور “فگار” هَڪڙو صاحب، کي سنڌ جي ادبي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ بابت گونا گون مَلڪو حاصل آهي جنهن تي هي تمام گهڻي دلچسپي سان ڪم ڪري رهيو آهي. وٽس جيڪي اڻکٽ موضوع آهن تن مان نوجوان محقق تمام گهڻو استفادو حاصل ڪري هلندڙ توڙي ايندڙ دور ۾ ٿيندڙ نت نون قدرن واري معياري تحقيق ۽ تخليق وارو ڪم ڪري سگهن ٿا. سائين انور “فگار” هڪ برجُستو عالم آهي وٽس سيني ۾ وڏو علم جو خزانو موجود آهي. سائين انور صاحب وٽ تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي نوان خيال آهن ۽ انهن خيالن ۾ وسيع موضوع آهن جن تي هو خاموش خدمتگار جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ادبي تحقيق کان علاوه تاريخ، سوانح نگاري، لغت نويسي ۽ شاعرن جي ڪلام تي ماهرانه راءِ قائم ڪري ۽ معياري تحقيق جا بهترين ڪارناما سرانجام ڏئي رهيا آهن. آئون سائين کي خاموش خدمتگار ان لاءِ چئي رهيو آهيان جو هُو ظاهري ڏيکاءُ واريُن محفلن، مجلسن، سيمينارن، ڪانفرنسن، ورڪشاپن ۽ ادبي ميلن ۾ نظر ڪونه ٿو اچي. حالانڪه سائين جهڙي ريت سموري ڄمار علم ادب جي خدمت ڪئي آهي، شايد قدردانن جو ڏُڪار پئجي ويو جو ادبي ادارن توڙي سيمينارن ۾ عالمن کي جاءِ ڏيڻ لاءِ ڪو تيار ڪونهي جو انهن کان خدمتون حاصل ڪرڻ جي سگھ ساري سگهن. سائين ڊاڪٽر انور “فگار” هَڪڙي جون ادبي خدمتون پنهنجي علمي جوهر سان نروار آهن، ڪو ڀلي انهن کي فراموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، پر سندس سنجيده نوعيت جو ڪم سدائين نون رنگن ۽ روشنيُن سان نروار رهندو. سائينءَ جي شخصيت، علمي خدمتن جي اعتراف ۾ وڏن وڏن ناميارن شاعرن، محققن ۽ نقادن گهڻو ڪجھ ڳالهايو ۽ لکيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: “فداءِ شڪارپور ۽ هڪ نوجوان محقق انور فگار هر پل انهيءَ ڌن ۾ هوندو آهي ته منجهيل ڳالهه کي سلجهايان. شيخ اياز جي جنم جي تاريخ به اسڪول جي رجسٽر مان تحقيق ڪري انور درست ڪئي اها 23 مارچ نه 2 مارچ 1923ع هئي.” (جوڻيجو: 2006ع ص، 244)، شيخ اياز لکي ٿو ته، “انور فگار هڪڙو، شڪارپور جو عاشق ۽ منهنجي استاد کيئلداس “فاني” جو وڏو مداح آهي، جنهن هن جي ڪلام کي ترتيب ڏنو آهي ۽ اهو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي. انور فگار جا جاکوڙ ڪئي آهي، سا نهايت قابلِ تحسين آهي. اهو ٿورو ڄڻ مون تي ڪيو اٿائون، ڇو ته اصل ۾ اهو فرض مون تي عائد پئي ٿيو. هن ئي منهنجي ڄم جي تاريخ ۽ “سدرشن” رسالي مان منهنجي پهرين شعر جي فوٽو ڪاپي موڪلي هُئي.” (ڪتاب: مُنهنجو جبرِيل قَلَم، مُنهنجو پَيمبرَ ڪاغَذ: شيخ اياز جو ورهاڱي کان اڳ جو چيل ڪلام، 2023ع)، نوجوان محقق ۽ جاکوڙي جوان لاءِ اهڙِي آفرين ڪيترو نه خوشيءَ جو سبب بڻجي ٿي. ڊاڪٽر قمر جهان مرزا لکي ٿي ته: “شڪارپور ڄائو ڊاڪٽر انور “فگار” هَڪڙو هڪ سٺو محقق آهي. شڪارپور جي ادبي خدمتن تي مقالو لکي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتي اٿائين. شڪاپور شهر سان عشق اٿس، پر شيخ اياز جو به چاهيندڙ آهي، اياز جي سوانح عمري “جنم جنم جي جيت اياز” ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل اٿس، ڪيترائي مضمون ۽ مقالا به لکيا اٿائين، جيڪي مختلف رسالن ۾ به ڇپيا آهن. انور هڪ مٺڙو ماڻهو آهي دوستن جي اکين جو تارو آهي، هنئين جو ٺار آهي ۽ بيحد قربائتو ماڻهو آهي ڳالهين جو ڳهير ۽ ماڻهوءَ کي جهٽ ۾ پنهنجو سڄڻ ڪري وٺندو آهي. رهي ڄامشوري ۾ پر هن جو روح شڪارپور جي گهٽين ۾ رلندو وتندو آهي.” (هَڪڙو: 2005ع: ص بيڪ ٽائيٽل).