پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ڪينيڊا ۾ 6.8 ڪلوگرام جي ٻار جي پيدائش

ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو ۾ هڪ جوڙي وٽ 6.8 ڪلوگرام جي ٻار جي پيدائش ٿي آهي. غير ملڪي ميڊيا مطابق 23 آڪٽوبر تي آپريشن ذريعي ٻار پيدا ٿيو. رپورٽن مطابق والدين وٽ هي پنجين ٻار جي پيدائش آهي ۽ ان ڳالهه کان وڌيڪ کين سندس وزن تي حيراني ۽ خوشي آهي. نه صرف مائٽن کي، پر ڊاڪٽرن کي به ٻار جي ايتري گهڻي وزن تي حيراني ٿي رهي آهي.