سنڌ سرڪار عذير بلوچ جي اصلي جي آءِ ٽي رپورٽ جاري نه ڪئي آهي، چيف جسٽس نوٽيس وٺي.
بحري معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته سنڌ سرڪار پاران عذير بلوچ بابت گڏيل تحقيقاتي ٽيم (جي آءِ ٽي) جي رپورٽ نامڪمل آهي، چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي علي زيدي چيو ته سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل رپورٽ اصل رپورٽ ناهي، اهو پارٽ ون آهي جيڪا اصل رپورٽ هئي اها 43 صفحن تي ٻڌل هئي. هن رپورٽ تي ڪنهن جي به دستخط ناهي، هن ۾ فريال ٽالپر، عبدالقادر پٽيل، شرجيل ميمڻ، يوسف بلوچ، ذوالفقار مرزا ۽ نثار مورائي جا نالا آهن. وفاقي وزير علي زيدي چيو ته ڪالهه پيپلز پارٽي جو اڳواڻ نبيل گبول چئي رهيو هو ته سموري جي آءِ ٽي اڳيان نه آئي آهي. هن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته ملڪ جي وڏي ۾ وڏي شهر ۾ ٿيندڙ قتل ۽ وڳوڙ تي سيڪشن 184-III تحت پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي. علي زيدي چيو ته سانحو بلديه جي (جي آءِ ٽي رپورٽ) سنڌ پوليس جي ايس پي رضوان ڪڍي ته ان جو شڪارپور ٽرانسفر ڪيو ويو، صوبائي وزير سعيد غني جي ڀاءُ فرحان غني ايماندار پوليس آفيسر کي هٽايو. وفاقي وزير علي زيدي جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلديه فيڪٽري سانحو پوليس جي لاپرواهي سبب ٿيو. هن اهو پڻ چيو آهي ته ڪالهه پيپلز پارٽي جو اڳواڻ نبيل گبول چئي رهيو هو ته پوري جي آءِ ٽي سامهون نه آئي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اڃان تائين نه ٻڌايو ويو آهي ته ڪنهن جي چوڻ تي قتل ڪيا ويا. علي زيديءَ اهو به چيو ته وزيراعظم عمران خان هن کي ان ڳالهه تي يقين ڏياريو هو، اهي هن مسئلي تي ساڻس گڏ آهن. علي زيدي چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ملزم ماڻهن کي مارڻ جو اقرار ڪيو، پر اهو ظاهر نه ڪيو ويو ته ڪنهن جي درخواست تي ڏوهه ڪيو ويو. هن چيو ته جي آءِ ٽي جي اصل رپورٽ 43 صفحن تي هئي جنهن ۾ فريال ٽالپر، عبدالقادر پٽيل، شرجيل ميمڻ، يوسف بلوچ، ذوالفقار مرزا ۽ نثار مورائي کي نامزد ڪيو ويو آهي. علي زيدي چيو ته جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عذير بلوچ جليل ۽ رزاق ڪمانڊو جي ڀاءُ کي قتل ڪيو، ايجنسين پاران دستخط ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عبدالقادر پٽيل 2011 ۾ جليل جي قتل جو ذميوار هو. وفاقي وزير چيو ته رپورٽ واضح طور تي چوي ٿي ته ذوالفقار مرزا پارٽي ڇڏڻ کانپوءِ شرجيل ميمڻ ۽ ٽپي به سندس لاءِ ڪم ڪندا هئا. علي زيدي وڌيڪ چيو ته شيون سنڌ سرڪار جي رپورٽ ۾ “غائب” آهن، ضرب عضب دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف هو، پر هاڻي ڪيترائي سهولتڪار گڏجاڻين ۾ ويٺا آهن. هن چيف جسٽس کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته چيف جسٽس مون کي به فون ڪري سڀني دستخط ڪرڻ وارن کي فون ڪري گهرائي ڪارروائي ڪري.

