ابراهيم حيدري جي مهاڻن وڏي تعداد ۾ ناياب سوا مڇي پڪڙي ورتي
ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ مهاڻن سوا مڇي جنهن جي ماليت 70 ڪروڙ رپيا آهي وڏي انگ ۾ پڪڙي ورتي. ڪوسٽل ميڊيا سينٽر مطابق وڏي انگ ۾ مڇي ڄار ۾ ڦاسي پئي جنهن جي ڪري مهاڻن ۾ خوشيءَ جي لهر پيدا ٿي وئي آهي. ڪوسٽل ميڊيا سينٽر مطابق سوا مڇي جي پيٽ مان نڪرندڙ چرٻيءَ مان آپريشن ۾ استعمال ٿيندڙ ڌاڳو ٺاهيو ويندو آهي ۽ هيءَ هڪ ناياب مڇي آهي. هيءَ مڇي هڪ هزار في ڪلو جي اگهه تي وڪامجي ٿي.