خاص

خبر ناهي ته اسحاق ڊار کي ڇو واپس آڻي ملڪ کي نقصان پهچايو ويو: مفتاح اسماعيل

نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان ۾ عجب نظام قائم ٿي ويو آهي، اسان جا سمورا فيصلا اشرافيه ڪري رهي آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته اسان وٽ درست گورننس ناهي، اِن ڪري پاڪستان پوئتي ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ ترقي ڪندي اڳتي وڌي رهيا آهن، افسوس آهي ته اسان به ملڪ جو نظام تبديل نه ڪري سگهياسين. اسحاق ڊار کي پاڪستان آڻڻ بابت سوال تي مفتاح اسماعيل چيو ته اسحاق ڊار عوام ۾ منهنجي خلاف ڳالهايو ۽ منهنجي قابليت تي سوال اٿاريا جنهن تي مون جواب ڏنو، خبر ناهي ڊار صاحب کي ڇو آندو ويو، پر ڊار صاحب جي ڪري پاڪستان کي وڏو نقصان پهتو، حڪومت هاڻي آءِ ايم ايف جا سخت شرط مڃڻ تي راضي ٿي وئي آهي.