خاص

ڪراچي چونڊن ۾ بي ضابطگي تي رٽرننگ آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي: چيف اليڪشن ڪمشنر

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٽي رڪني بينچ ڪراچي بلدياتي چونڊن متعلق جماعت اسلامي جي درخواست تي سماعت ڪئي. جماعت اسلاميءَ جي وڪيل دليل ڏنا آهن ته اليڪشن ۾ وڏي پئماني تي بي ضابطگي ٿي آهي، پريزائڊنگ آفيسرن طرفان ووٽن جي ڳڻپ ۾ ئي غلطي ڪئي وئي، هڪ يوسي ۾ فارم 11 مطابق جماعت اسلاميءَ جا 2088 ۽ پيپلز پارٽي جا 546 ووٽ هئا، پر آر او رزلٽ ۾ پيپلز پارٽي جا ووٽ 1988 ڪيا ويا، آر اوز ۽ پولنگ عملي ڏاڍيون ذيادتيون ڪيون، ٽن پولنگ اسٽيشنن تي اهي پوليس سان گڏ آيا ۽ دٻا کڻي ڀڄي ويا. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته توهان شڪايت درج ڪرايو اسان اليڪشن ٻيهر ڪرائنداسين.