پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

کير ٿر ۾ پيل برسات سان زندگي ڊانواڊول ٿي وئي

کير ٿر واري علائقي ۾ برساتن سبب 100 ڳوٺن جو رابطو جوهي ٽائون سان ٽٽڻ سبب کاڌ خوراڪ جو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي. علائقي جي رهائشين جو چوڻ آهي ته ضلعي ايڊمنسٽريشن جو ڪوبه اهلڪار اسان جي حالت کي ڏسڻ نه آيو آهي. ٻئي طرف وڏي وزير جي صلاحڪار اشفاق احمد چيو آهي ته برسات جي پاڻي کي نئي گاج ڏانهن موڙيو ويو آهي ۽ حالتون هن وقت ڪنٽرول ۾ آهن. گورک هل اٿارٽي جي چيئرمين پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي چيو ته گورک هل اسٽيشن تي موجود مسافر بلڪل ٺيڪ آهن. انهن کي هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته برسات جي پاڻي کي ايندڙ ڪجهه هفتن لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهبو. انهن چيو ته انهن جي مال کي به ڪجهه ڏينهن کانپوءِ گاهه کائڻ لاءِ ملي ويندو جنهن سان زمينون به پوک لاءِ تيار ٿي وينديون.