سنڌ جو آواز گُهٽبو ۽ دٻايو ويو آهي، سنڌ جي شعور کي صليبن تي لٽڪائي، انهن جي سينن ۾ خنجر کوڙي حادثا ڄاڻايو ويو آهي، سڄي سنڌ ناانصافي جي خنجر سان ڪٺل آهي، سنڌ جي سياست ڄڻ نابين آهي، اهو ئي سبب آهي سنڌ سان الميا گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن. اهي الميا رهزن آرين جي رهزني هجن، مدد خان پٺاڻ جا وحشي گهوڙا هجن يا ارغونن ۽ ترخانن جي لٽ مار جتان سنڌ سان عشق ڪندڙ فردن جون اکيون ڪڍيون ويون، جلاوطني جو احساس جاڳيو، مُغليہ سلطنت ۾ پنهنجن جي فريب جي خبر پئي اهو فريب جيڪو تاريخ سان گڏ اسان جو تعاقب ڪندو رهيو آهي. ان غداري جي بوءِ اڄ به اچي رهي آهي…
آڪاش صرف شاعر نه، پر هر باشعور فرد جي دل جو ديوتا هو. وڃي ڪير ملڪ الموت کي ٻُڌائي ته هن ڌرتي تي سامراجي خُدائن موت جي ذميداري سنڀالي ورتي آهي. والٽيئر موت کي فطري حق سڏيو ۽ سنڌ جو هر باشعور فرد مرڻ کان به محروم آهي. ڌرتي جي آواز کي خاموش ڪري اُن سان جبري طور ريپ ڪرڻ آهي، هي ته آهن ئي اصل کان زاني جيڪي جسمن ۽ ذهنن کي اذيت ڏيڻ جا پيروڪار آهن. مذهبي بنياد تي بيٺل سامراج انسانيت جا حامي نٿا بڻجي سگهن. مارڪس ننڊ ۾ مذهب کي آفيم نه چيو هو، ٿامس جيفرسن ننڍڙو ٻار نه هو جنهن مذهبن ۽ رياستي قانونن کي الڳ ڪرڻ جو چيو، رسل هِنن جي فرسوده ۽ غير عقلي درسي ڪتابن کي پڙهي ائين نه چيو ته اهڙيون رياستون ڪُند ذهن، انتهاپسند ۽ ڪٽرپڻي جو مثال هونديون آهن، اسپنوزا چريو نه هو جنهن چيو اهڙا سماج آزاد خيالي/شعور جا دشمن هوندا آهن.
مَزاحمتي شاعر قوم جو روح ٿيندا آهن، شعور جو پڙاڏو ۽ اُميد جو ڪرڻو هوندا آهن، اهڙي فرد جو قتل شعور جو قتل آهي، سچ جو قتل آهي. فن/فنڪار کي خاموش ڪرڻ مطلب فرد کان ان جي آزادي کسڻ آهي، انفرادي خودمختياري کان محروم ڪرڻ آهي. مزاحمتي شاعر کي مارڻ مطلب بغاوت جي روح سان جبر ڪرڻ آهي. اسان وٽ اُها پڻ روايت رهي آهي مختلف حُربا هلائي، مختلف سازشون رٿي سنڌ جي شعور کي بيدردي ۽ بيرحمي جو نشانو بڻايو ويو آهي اهو مصنوعي ذهانت جو ماهر اجمل ساوند هُجي، جاويد ڀٽو هجي، فاضل راهو هجي، ڊاڪٽر شاهنواز هجي يا مزاحمتي شاعر آڪاش انصاري هجي. اصل ۾ اهو پڻ ڪنهن به وطن، خطي کي ڪالوني بڻائڻ جو ذريعو هوندو آهي.
شاعري رڳو محبوب جا زلف، سينو، ڇاتيون ۽ لبڙا ته ناهي، هڪ شاعر جڏهن ڊسٽوپيائي رياست اندر سماجي تضادن اڳيان انفراديت پسندي ۽ ذات ۾ مُبتلا هجي اُهو منهنجي نظر ۾ دانشگرد آهي. جڏهن سماج ظلمن، اذيتن، جبر ۽ بربريت جي نشاني تي هُجي، قومي شناخت کي خطرو هُجي، اجتماعي شعور مٿان يلغارون هجن، ڏاڍ، ڦرلٽ، خونريزي ۽ قتل عام هجي، خودڪشيون، جهيڙا، مذهبي انتهاپسندي، سياسي پروپيگنڊا، ٽريڊيشنل ميڊيا جو هڪ طرفو بيانيو هجي اُتي باشعور فرد جو آواز بغاوت جو ٻج بڻجي سماج اندر ماڻهن جي دلين ۾ ڦٽڻ لڳندو آهي. آڪاش انصاري صرف خيالي شاعر نه هو، هُن جي شاعري سنڌوءَ جي سينڌ ۾ سندور جيان هُئي، هُن وٽ شعور جي بارود سان ڀريل لفظن جا اهڙا گولا هئا جيڪي جابر سامراج لاءِ خطري جي گهنٽي هئي. آڪاش انصاري جو قتل نه هڪ فرد جو قتل آهي نه ئي هڪ قاتل جو اُهو ڪم آهي، اُن پويان اُهي ئي قوتون آهن جن جو منشور لٽيري بن قاسم سان جڙيل آهي. تڏهن ته هُن اهڙيون سِٽون لکيون ته؛
ھي خوشين جي خالق خدائن جا قاتل،
ھي ڌرتيءَ جي سونھن، جوڀن جا قاتل،
ھي سنڌوءَ جي آب زم زم جا قاتل،
ھي آزاد ڌرتين، زمينن جا قاتل،
شاعري ۾ مزاحمتي جوهر ضعيف ٿي چڪو آهي، آڪاش انصاري کان پوءِ ڄڻ هڪ خال پئدا ٿيو آهي، جنهن جو نعم البدل موجود ناهي. هِن وقت مزاحمتي ادب ۽ مزاحمتي شاعري جي وڌيڪ ضرورت آهي، سامراجي سازشن کي للڪارڻ اُن جي غير منصفاڻه، غير جمهوري ۽ غير آئيني منصوبن جي مخالفت وقت جي ضرورت ۽ قومي شعور جو فرض آهي. آڪاش انصاري اُن ڏس ۾ سرگرم سپاهي هو. بقول هربرٽ مارڪيوزي جي “فن ۾/شاعري ۾ اها طاقت آهي ته مٿان مڙهيل سازشن خلاف شعوري سوچ کي تيز ڪري حقيقي ۽ سماج جي تلخ حقيقتن کي عوام اڳيان آڻي” ان سان هڪ خاڪو جڙندو، هڪ تسلسل قائم ٿيندو، هڪ آواز گونجڻ لڳندو، هڪ للڪار اڀامندي، هڪ لهر اٿندي، ڌرتي جي پاتال ۾ ضمير ۽ بي ضمير جي رڙ گونجندي، آزادي جا علم کڄندا، برابري جا سڏ ٿيندا، عوام جا نعرا گونجندا ۽ وطن جي ڌرتي تي اڏيل ناجائزي، لوگهن، لوٺين، ڦورن، حرامخورن، ضمير فروشن ۽ قلم فروشن جا ڪوٽ ڊهي ڀسم ٿيندا ۽ مُحبتن جي سرهاڻ سان قوم جي خوشحالي جا نوان ساز گونجندا جن ۾ آڪاش انصاري جون اهي سٽون به ڪنهن گائڪ جي جي سُر جو سينگار بڻبيون ته؛
جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا
ھن ڀونءَ سڄيءَ جا ڀاڳيا،
پوءِ سور نه رھندا ساڳيا،
ڪندا جي مست قلندر،
هڪ آواز جيڪو خاموشين ۾ ٻُڏي ويو، اُهو شاعر جيڪو جذبن جي اظهار جو پيغمبر هو، ان جي موت سان ڪيترائي اڻ اظهاريل خيال پڻ مري ويندا. جڏهن دل جي ڪاريڊور اندر جذبن، امنگن، ڪيفيتن، حسرتن، چاهتن، هجتن، سِڪ، درد ۽ تڙپ جو زهر پکڙجي ويندو ته انسان مايوسين جي گهنگهور گهٽائن ۾ وڃائجي ويندو، انهن کي لفظن جو روح ڦوڪي صفحن جي ڪائنات ۾ جنم ڏيندڙ شاعر آهي شاعر جو موت انساني ڪيفيتن جو سڀ کان وڏو الميو آهي. هُنن جي ڏات، جذبات، خيال، خواب، دل جون دانهون، ذهني اذيتون، ڏک ۽ سُک سڀ اڪيلا وقت جي گئلري ۾ رهجي ويندا.
هڪ شاعر جو جسم جڏهن تبديلي مان گذري ٿو، ان وقت ان جا لفظ پڙهندڙن جي دلين ۾ ساھ کڻندا آهن، اهڙي شاعر جي موت سان دنيا هڪ خوبصورت ابدي لائيبريري جي مالڪ بڻجي ٿي، هُن جون تخليقون جذبن جون تصويرون بڻيل رهن ٿيون، ان جي موت سان ڌرتيءَ جي دل جو ڌڙڪڻ ۽ ان جي دانهن ڄڻ دٻجي وڃي ٿي، اهڙا شاعر اجتماعي درد کي اظهاريندڙ هوندا آهن. انساني ڏک، پيڙا، اهنجن، غمن، سهپ ۽ سُڏڪن جا سڏ ڄڻ دل جي قبر ۾ دفن ٿي وڃن ٿا، ذهني دٻاءُ ۽ اذيت وڌي وڃڻ سان انفرادي طور اهي اڪيلائي جي رِڻ ۾ رُلي ڏک جي يُڌ شروع ڪن ٿا.
هڪ فرد جنهن کي اظهارڻ ۽ داخليت کي بيان ڪرڻ جا گُر ناهن، چنڊ سان ڪچهري ڪرڻ جو ڏانءُ ناهي، جابر کي تخليق ذريعي ڀونڊو ڏئي اُن جي ضمير کي چِٿڻ جو فن ناهي، سامراج جي بربريت اڳيان مزاحمت اختيار ڪرڻ جو طريقو ناهي، هو پنهنجي سوچ ۽ ذات جو باندي بڻيل هوندو آهي، هو ڏکن ۽ ڏولائن جي وزن هيٺان دٻجي ويندو آهي، ڪيترائي لفظ هن جي چپن جي چوکٽ تي لفظن جي شڪل بڻجڻ کان محروم بڻيل هوندا آهن، روح ۾ کُتل خنجر، ان جي پاتال مان ايندڙ آواز جِن کي هو اظهارڻ جي اهليت ناهي رکندو، هُن جي اکين ۾ ڪيترائي خواب ۽ خواهشون مرڻ لڳندا آهن، سِڪ جا زنجير دل کي قيدي بڻائي ڇڏيندا آهن. اهو شاعر ئي هوندو آهي جيڪو حساس فرد جي اندر ۾ متل قهرام، جذبن جي رقص، مرجهايل مسڪراهٽن، گونگي ڪيفيتن، سِڪ سان زخمي ٿيل ساهن، وجود جي سماجي تضادن سان جنگ، نفسياتي پيچيدگين کي تخليق ذريعي اظهارڻ ۽ احساسن جي لغت جو خلقڻهار هوندو آهي.