سنڌ هڪ ثقافتي لحاظ سان گهڻي ورثي، تاريخي اهميت ۽ قدرتي وسائل سان مالا مال صوبو آهي، جنهن ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل ڪلچر جو مسئلو ڪيترن ئي سالن کان هڪ دفعو ٻيهر سامهون اچي ويو آهي ۽ ها! اهي مسئلا ڪنهن هڪ خاص عرصي يا دور سان جڙيل نه آهن، بلڪه وقفي وقفي هڪ طويل مدت کان سامهون اچي رهيا آهن ۽ ان جا ڪيترائي سبب ۽ اثرات آهن، جيڪي اڄ تائين چٽا نظر اچن ٿا. سنڌ ۾ بدامني جي صورتحال ۽ ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو هڪ ڏکيو، پيچيده ۽ گهڻ طرفي چئلينج آهي. سنڌ ۾ بدامني جو مسئلو ۽ ان جو تعلق مختلف عنصرن سان جڙيل آهي، جن ۾ مقامي سماجي حالتون ۽ اقتصادي حالتن جو گهرو تعلق آهي. ڌاڙيل ڪلچر، جنهن ۾ بدنامي واريون سرگرميون، قتل، اغوا، جهيڙا ۽ تشدد شامل آهن، انهن مسئلن کي صرف مقامي سطح تي نه، بلڪه عالمي سطح تي پڻ ڏٺو ويو آهي، جتي سنڌ جي بدامني جي حالت ڪيترن ئي بين الاقوامي تجزيا نگارن ۽ سيڪيورٽي ماهرين جي توجهه جو مرڪز بڻيل رهيا آهن.
سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل ڪلچر جو جڙڻ ڪيترن ئي عوامي، سماجي ۽ سياسي سببن سان جڙيل آهي. سنڌ ۾ سياسي افراتفري، جهڙوڪ: ڌرين جي وچ ۾ طاقت جي جنگ ۽ اڻ برابري، اونچ نيچ، خودي اناپرستي جو عروج ڪيترن ئي سنڌ جي علائقن ۾ بدامني کي وڌائڻ جو سبب بڻجي چڪو آهي. سنڌ ۾ سياسي جماعتن جي وچ ۾ طاقت جي مقابلي سبب، مخصوص گروهن ۽ ڌرين لاءِ معاشرتي ۽ اقتصادي فائدن حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ قانوني انتظام جو فقدان پيدا ٿيو آهي، جنهن سبب بدامني ۽ ڌاڙيل ڪلچر جنم ورتو. سنڌ ۾ وڌندڙ غربت ۽ اقتصادي تفاوت پڻ بدامني جو سبب بڻجن ٿا. جڏهن ماڻهو اقتصادي عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويندا آهن ته اهي پنهنجي زندگيءَ ۾ خطرناڪ طريقن سان آمدني حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. خاص طور سنڌ ۾ هيٺين ڪلاس کان وٺي مڊل ڪلاس جي ماڻهن تائين امن چاهين ٿا ۽ پنهنجي زندگين کي بهتر بڻائڻ لاءِ قانونن جي پابندي ڪري رهيا آهن، پر جن وٽ سگهاري قوت آهي، قبيلن جا سربراھ آهن اهي سنڌ ۾ امن قائم ڪرائڻ بجاءِ هو پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ڏوهارين، ڌاڙيلن جي سپورٽ ڪندا آهن اهوئي سبب آهي جو بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي. پوءِ ڪيترائي افراد ان صورتحال ۾ ڌاڙيلن جو حصو بڻجن ٿا. افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سنڌ ۾ سياسي طاقتن قانون جي پاسداري ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ قانون کي ڪمزور ۽ ضعيف ڪرڻ جو پڻ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پوليس ۽ ٻين قانوني ادارن جي ڪمزوري ۽ رشوت خوري ۽ سياسي مداخلت انهن ادارن جي فعاليت ۽ ايمانداري ۾ رڪاوٽ آهن، جنهن سبب بدامني ۾ اضافو ٿي ويو آهي. جڏهن قانون جو نفاذ صحيح طور تي ناهي ته اهو انارڪي ۽ جرائم جي شرح ۾ اضافو هر صورت ۾ ٿيڻو آهي. سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ جهڙوڪ: گهوٽڪي، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ ٻين علائقن ۾ انتهائي هڪ مضبوط قبائلي ۽ سماجي ڍانچو موجود آهي، جتي ماڻهن جي تعلقات ۽ سرگرمين جو انداز وڏن وڏن خاندانن ۽ گروهن سان جڙيل آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڪنهن کي معاشرتي طور ذليل ڪيو وڃي يا انهن سان ظلم ڪيو وڃي ته ان جو رد عمل گهڻو ڪري گروهن يا ڌاڙيلن جي صورت ۾ ٿيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪيئن ٿو جيءُ سگهجي ۽ ڪيئن ٿو امن قائم ٿي سگهي. ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جي سرگرمين جي خاتمي لاءِ، سڀ کان اهم ضرورت قانون جي عملدرآمد ۽ انصاف جي فراهمي آهي. سنڌ ۾ پوليس، فوج ۽ عدليه کي مضبوط ڪرڻ ۽ حڪومتي ادارن جي مدد سان قانون کي اوليت ڏيڻ ضروري آهي. هڪ فعال ۽ بااختيار عدالتي نظام، جيڪو مجرمان کي سخت کان سخت سزا ڏئي، ان مان ڏوهارين ۾ خوف پيدا ڪري ڏوهن جي شرح ۾ گهٽتائي آڻي سگھجي ٿي. ٻئي طرف اقتصادي ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙڻ جي اهم ضرورت آهي، جيئن ماڻهن کي بهتر روزگار جا موقعا فراهم ٿي سگهن ۽ ڌاڙيلن جي سرگرمين ۾ مشغول ٿيڻ جا سبب گهٽ ٿين. معاشي طور ماڻهو سک جو ساھ کڻن ۽ ترقياتي منصوبن تي ڌيان ڏيڻ سان ماڻهن کي نئين زندگي جا موقعا ملي سگهن، جيڪي انهن کي ڌاڙيلن جو حصو بڻجڻ کان روڪي سگهن، پر افسوس سان اهڙو عمل ٿيندي نظر نٿو اچي. سنڌ جي سياسي ڌرين کي گهرجي ته تعليم ۽ سماجي شعور ۾ واڌاري سان گڏ، ماڻهن کي اخلاق ۽ انساني حقوق جي اهميت بابت آگاھ ڪري ۽ غريب ماڻهن کي روزڱار جا موقعا فراهم ڪن. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جديد ۽ بامقصد تعليم کي فروغ ڏيڻ جي جستجو ڪن ته پوءِ نوجوان نسل جو توجهه ڌاڙيلن ۽ ڏوهن کان هٽي ڪري مثبت سرگرمين طرف منتقل ٿي سگهن ٿا. ثقافتي طور تي، سنڌ جي عوام ۾ امن، محبت ۽ سماجي هارموني جي اهميت بابت شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي.
سنڌ ۾ سياسي استحڪام پيدا ڪرڻ به ضروري آهي. جڏهن سياسي جماعتون ۽ قيادت پنهنجي توجهه عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏينديون ته اها سماجي امن ۾ واڌارو آڻي سگهن ٿيون. انهيءَ سان گڏ، سياسي قيادت جي وچ ۾ اتحاد ۽ احترام جي اهميت وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، جيڪا بدامني کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو هڪ طويل ۽ پيچيده عمل آهي، جنهن ۾ مختلف ادارن، حڪومتن ۽ سماجي تنظيمون گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿيون. قانوني، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي سڌارن جو هڪ مضبوط مرڪب ان مسئلي جو حل پيش ڪري سگهي ٿو. جڏهن حڪومت، عوام ۽ ادارا هڪ گڏيل مقصد سان ڪم ڪندا ته سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته ماڻهن ۾ ايمان، انصاف ۽ امن جي ضرورت بابت شعور پيدا ڪيو وڃي ۽ هڪ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي.