جذباتي ذھانت ڪامياب زندگي جي ضمانت
جذبا انسان کي ھٿرادو ٺاھيل مشينن کان اتم ڪن ٿا. جيڪڏھن روئڻ، کلڻ، ڪاوڙ ڪرڻ ۽ ٻئين ڪيترن ئي جذبن جو اظھار اسين پنھنجن روين ۽ چھري جي تاثرات ذريعي نه ڪري سگھون ھا ته اسان ھڪٻئي جي مزاجن کي ڪيئن سمجھي سگھون ھا؟ جذبا انسان کي قدرت طرفان عنايت ڪيل نعمت آھن. انسان جي ڪامياب زندگي جو دارومدار صحيح وقت تي ڪيل صحيح انداز ۾ صحيح جڳھ تي صحيح ماڻھو سان ڪيل صحيح جذبن جي اظھار تي آھي. پوءِ اھو جذبو ڪاوڙ، پيار يا ڪو ٻيو به ٿي سگھي ٿو. پنھنجن ۽ ٻين جي جذبن کي سمجھڻ، پنھنجن جذبن جو سوچي سمجھي استعمال ڪرڻ، ذھني دٻاءَ ۽ زندگي سان لاڳاپيل ٻين مونجھارن کي مثبت انداز ۾ حل ڪرڻ، مثبت تعلقات ٺاھڻ ۽ قائم رکڻ، ٻين جي جذبن ۽ احساسات کي نه فقط سمجھڻ بلڪه محسوس ڪرڻ، مشڪل حالتن کي ھمٿ ۽ حوصلي سان قابو پائڻ کي جذباتي ذھانت چئبو آھي. جذبات ۽ ذھانت جي لاڳاپي ۽ ٻنھي جي وچ ۾ ڪنھن تعلق جي ھجڻ جي بحث جي تاريخ پراڻي آھي. بقراط ۽ ارسطو مطابق گھٽ جذبات جو ڪو رُخ نه آھي، انھن کي منطق سان ڪو رُخ ڏئي سگھجي ٿي. فلاسافر ريني ڊيڪارٽس جو اھو يقين ھو ته ڇاڪاڻ جو مان سوچان ٿو تنھنڪري مان آھيان، ۽ سوچون ۽ جذبا گڏ ظاھر ٿيندا آھن. سندس چوڻ ھو ته جذبا قديم عنصر آھن، جن کي قابو ڪرڻ ضروري آھي. جذباتي ذھانت جو تصور 1930 ۾ ھڪ امريڪن ماھر نفسيات ٿارنڊائڪ جي سماجي نظرئي سان وڌيڪ واضح ٿيو. جنھن ۾ ھن اھو سمجھايو ته سماجي ذھانت وسيع صلاحيتن تي مشتمل آھي، جيڪا اسان کي سکيا ڏئي ٿي ته عورتن، مردن، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڪيئن ھلون؟ سماجي ذھانت انساني تعلقات جي آرٽس ۽ سائنس آھي. 1983 ۾ گارڊنر ملٽيپل انٽيليجنس جو نظريو ڏنو. ھن پنھنجي نظرئي ۾ ذھانت جا ٻه قسم ٻڌايا.
انٽر پرسنل انٽيليجنس ۽ انٽراپرسنل انٽيليجنس. انٽرپرسنل انٽيليجنس اسان کي انھي قابل ڪري ٿي ته اسين پنھنجي چوڌاري ماڻھن کي سندن ڪمن کي ۽ مقصد کي سمجھون، اھو سمجھون ته ھو ڪيئن ڪم ڪن ٿا ۽ انهن سان گڏجي تعاون سان ڪم ڪري سگھون. سماجي ذھانت جو ٻيو قسم گارڊنر مطابق انٽراپرسنل انٽيليجنس پنھنجي ذات کي سمجھڻ جي صلاحيت آھي، جنھن ذريعي اسين پنھنجي ذاتي صلاحيتن کي سمجھي استعمال ڪري بھتر زندگي گذاري سگھون ٿا. گارڊنر جي چوڻ مطابق استاد، سياستدان، ڪاروباري ماڻھون، معالج ۽ مذھبي ماڻھون ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ انٽرپرسنل انٽيليجنٽ ھوندا آھن. امريڪن ماھر نفسيات پيٽر سلووي ۽ جان ڊي مائير پھريون ڀيرو 1990 ۾مٿي ذڪر ڪيل مفڪرن جي ڄاڻايل خوبين کي جذباتي ذھانت جو نالو ڏنو. ٻنھي نفسياتي ماھرن جو جذباتي ذھانت جي نظرئي مطابق اھا رائي ھئي ته جذباتي ذھانت جي قابليت جي ڪري اسين پنھجن ۽ ٻين جي جذبات ۽ احساسات کي سمجھون ٿا، ٻنھي ۾ تفاوت به ڪري سگھون ٿا ۽ اھا ڄاڻ اسان کي بھتر زندگي گذارڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. اھو ڪو دور ھو جڏھن امتحان ۾ پھريون نمبر کڻندڙ شاگرد کي زندگي جي ميدان ۾ به پھريون نمبر کڻندڙ سمجھيو ويندو ھو. بدلجندڙ وقت ڪامياب زندگي جي فارمولا کي به مٽائي ڇڏيو آھي. جديد دور ۾ ڪاميابي جي ضمانت فقط اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ ڏنل امتحاني پرچي ۾ کنيل سيڪڙو مارڪون نه بلڪه انھي تي منحصر ڪري ٿو ته ٻئي ماڻھوءَ سان گفتگو ۾ اوھين ڪيتري قدر عقل ۽ فھم سان پنهنجي جذبات جو اظھار ڪيو ٿا. سندن مزاج، جذبات ۽ احساسات کي سمجھو ٿا. اوھانجي اھا خوبي اوھانجي گھر، ڪم ڪرڻ واري جاءِ ۽ اوھانجن رشتن ۾ ڪاميابي جي ضمانت آھي، جنھن کي اوھانجي جذباتي ذھانت چئجي ٿو!
***

