پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

حيدرآباد جي تاجرن پاران شهر لاءِ 110 ارب رپين جي خاص پئڪيج جي گهر

حيدرآباد جي تاجرن پاران وزيراعظم عمران خان کان گهر ڪئي وئي آهي ته وفاق جي نئين بجيٽ ۾ حيدرآباد لاءِ 110 ارب رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو وڃي. چيمبر آف سمال ٽريڊرز جي صدر محمد فاروق شيخاڻي چيو آهي ته هڙتالن، جهيڙن ۽ شهرين جي خراب صورتحال سبب حيدرآباد ترقي يافته شهرن جي لسٽ ۾ هيٺين نمبر تي اچي ويو آهي. جنهن سبب ڪيترن ئي واپارين پنهنجا ڪاروبار ٻين شهرن ۾ منتقل ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته حيدرآباد کي تباهه ڪيو ويو آهي جنهن سان گڏوگڏ ان جي ابتري اڃان به جاري آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ لوڪل ايجنسين وٽ حيدرآباد جي حالت کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪابه خواهش ڪونهي. نه ئي اهي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيا آهن. هنن اهو به چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجن واعدن مطابق شهر ۾ سئو بسترن جي هڪ اسپتال ۽ هڪ يونيورسٽي به ٺهرائي ڏئي.