خاصدنيانئوننيو‍‍ز

بيڪٽيريا کي پيسي مارڻ وارا مقناطيسي ذرا

بيڪٽيريا ۾ جراثيم انسانيت جي لاءِ وڏي هلاڪت خيز خطرا بڻيل آهن. نين اينٽي بايوٽڪس جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. آسٽريليا جي آر. ايم. آءِ. ٽي يونيورسٽي جي هڪ ٽيم حقيقت ۾ بيڪٽيريا تي حملو ڪري انهن کي چيري ڦاڙي تحقيق ڪئي آهي. ان لاءِ سائنسدانن مقناطيسي ۽ ڌاتي مائع جي نينو ذرن (پارٽيڪلز) ٺاهيا آهن. جڏهن انهن ذرن کي هلڪي مقناطيسي ميدان ۾ رکيو ويندو آهي ته مائع ڌات جا نينو قطرا پنهنجي شڪل بدلائي ڇڏيندا آهن ۽ انهن جا ڪنارا نوڪدار ٿي ويندا آهن. هي ايترا ننڍا هوندا آهن جو ڪنهن نيزي وانگر بيڪٽيريا ۾ پيوست ٿي انهن کي پنڪچر ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا آهن. ان کي بيڪٽيريا جي باريڪ چادر (بايو فلم) تي آزمايو ويو ته فقط 90 منٽن ۾ ذرن انهن کي تباهه ڪندي 99 سيڪڙو بيڪٽيريا کي ماري ڇڏيو. ان سان سمورا بيڪٽيريا مري ويا ۽ انساني خليات (سيلز) کي ڪو نقصان نه پهتو.