آءِ ايم ايف بيل آئوٽ پئڪيج ۾ 6 کان 8 ارب ڊالر جو قرض ملڻ جو امڪان

وفاقي خزاني واري وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ بيل آئوٽ پئڪيج طئي ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جو وفد هن مهيني جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو، جنهن ۾ بيل آئوٽ پئڪيج بابت خاص ڳالهين تي ويچار ڪيا ويندا. اسد عمر چيو ته اسان ايف اي ٽي ايف کي به عملدرآمد رپورٽ موڪلي چڪا آهيون. جنهن بعد پيرس سان تعلق رکندڙ ايجنسي جائزو وٺڻ لاءِ مئي جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان ۾ پنهنجو وفد موڪليندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي 5 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ عالمي بينڪ 6 کان 8 ارب ڊالر ۽ 7 کان 8 ارب ڊالر آءِ ايم ايف ۽ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ کان ملڻ جي اميد آهي پرڏيهي بانڊ پيش ڪرڻ لاءِ به تياريون ڪيون پيون وڃن.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *