ادب

ورهاڱي کان اڳ سنڌي واپارين جو پرڏيهه ۾ واپار
(حصو ٻيون)

انڊيا جي ھڪ واپاري جي ھڪ ڪشميري اسسٽنٽ پنھنجي بيان ۾ لکيو آھي: بخارا ۽ ملتان وچ ۾ ريشم جو واپار ھلندو ھو جنھن کي شڪارپوري ۽ لوھاڻا گڏ سر انجام ڏيندا ھئا. ريشم ٽن قسمن جو تيار ٿيندو ھو جن جي قيمت الڳ الڳ ھوندي ھئي ھڪ اُٺ ساڍا ڇھ مڻ ريشم جون ڳٺڙيون کڻندو ھو، جيڪو ٻن هفتن ۾ خولم (خولم Kholm افغان ترڪستان جو حصو) ۽ اتان پوءِ ننڍن ٽٽون گھوڙن تي ان ريشم کي ھندو ڪش کان ڪابل تائين پھچايو ويندو ھو جيڪو روس جي لاءِ مخصوص ھوندو ھو. اھو اتي لاٿو ويندو ھو، باقي سامان جيڪو اڳتي وڃڻو ھوندو ھو، اھو ھندستان ڏانھن ڊيرا غازي خان ۽ بھاولپور واري رستي کان وري اُٺن جي ڪاروان سان ملتان کان ٿيندو امرتسر پھچايو ويندو ھو. ھڪ ليکڪ برنس Burns سنڌي واپارين لاءِ ڪجھ ھينئن لکيو آھي سنڌ جون سرحدون ملتان تائين ھونديون ھيون ۽ ملتاني ڪاروبارين کي به سنڌي ڪاروبارين ۾ شمار ڪيو ويندو ھو. پرڏيھ ۾ سنڌي واپارين جون ھنڊيون ممبئي، ڪلڪتو، بخارا، مشھد، استراخان ۾ ھونديون ھيون، ھن لکيو آھي ته ھو وڏا رک رکاءُ وارا ۽ وڏي نڪ وارا ھئا، ھو باقي ھندو واپارين کان ڪجھ مختلف نظر ايندا ھئا، ھنن جي خاص ڳالھ اھا به ھئي ته واپار سانگي سفر ۾ پنھنجي ڪٽنب جي ڀاتين کي ساڻ نه کڻندا ھئا، ھنن جون ڪاروبار واريون جايون صاف سٿريون ھونديون ھيون. روس جو سينٽرل ايشيا تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ به بخارا ۾ سنڌي ھندو ڪافي بچيا ھئا. ھڪ سياح J Wolof لکيو آھي ته ھن 1840ع ۾ جڏھن بخارا سفر ڪيو ته اتي ھن کي خبر پئي ته اتي 300 ھندو واپاري آيل ھئا، جن مان ڪافي تعداد سنڌين جو ھو. ھڪ ھنگريءَ جي سياح جنھن جو نالوArminius Vambery آھي ان لکيو آھي ته بخارا ۾ ھندستاني واپارين مان ڪافي واپاري سنڌ جا ئي ھوندا ھئا. روس پنھنجي ملڪ ۾ جڏھن 1868 ۾ آدمشماري ڪرائي ته ھنن انڊين ٽريڊرس جو تعداد 214 ڄاڻايو، جن مان 140 ڄڻا سنڌي واپاري ھئا. ڊچ ايسٽ انڊيز وارن پنھنجي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو آھي ته سماترا، اولھ جاوا، باٽاويا ۾ پڻ سنڌي واپارين جا دڪان گھڻا ھوندا ھئا انھن ملڪن ۾ يورپ جا واپاري ھندستان جا واپاري ۽ چين جا واپاري پاڻ ۾ سٺي سلوڪ سان رھندا ھئا. 1930ع ۾ جڏھن چيني واپارين جاپاني واپارين جو بائيڪاٽ ڪيو ته انھن اھي امپورٽ لائسنس ھندستاني واپارين جي نالن تي مٽرائي ڏنا. سنگاپور ۾ جيڪي به واپاري ڪميونٽيز ھيون انھن ۾ سنڌي اڳرا ھئا. ھندستان جي ڪيترين قومن مان واپاري ھئا جيني، چيتيار، ماراڪايار، تاملي، بوھري، کوجنا، گجراتي، پنجابي سک، مارواڙي، پر سنڌين ۾ ايترو شعور ھو جو ھنن اتي 1921 ۾ پنھجي ھڪ ايسوسيئيشن ٺاھي، جنھن جو نالو رکيو ويو سنڌي مرچنٽس ايسوسيئيشن، سنگاپور جي مرچنٽس جي ڊائريڪٽري ۾ ڪيترا دفعا سنڌي مرچنٽس جي سرسي درج ٿيل آهي. سن 1900ع کان 1939ع تائين سنگاپور اندر سنڌي ھندن جون فرمس وڌڻ ويجھڻ لڳيون تاريخ ۾ شڪارپوري ھندن متعلق ايترو به لکيل آھي ته ھو پاڻ ۾ ايڪي ۽ ٻڌي ۾ رھڻ پسند ڪندا ھئا، پاڻ اڪيلا سفر ڪندا ھئا، پاڻ ۾ گڏجي رھڻ پسند ڪندا ھئا، ڪٿي ڪٿي ته شڪارپوري واپاري ڏھ ڪٺا به رھائش ڪندي ڏٺا ويا. اھو سينٽر ايشيا ۾ سندن رويو ڏٺو ويو پاڻ کي ڀائي بند (Brotherhood) چورائڻ عزت لائق سمجھندا ھئا. بخارا وارا کين ان رويي تي ڪاربند ڏسي اچرج ۾ پوندا ھئا، چوندا ھئا اسان پئسا ڪمائڻ اچون ٿا، اسانMoral Economy ۾ يقين رکون ٿا پوءِ ڀلي ڪٿي به رھون.

ھاڻي ڪجھ حيدرآباد سنڌ جي واپارين متعلق: ھندو واپارين جن جو تعلق حيدرآباد سنڌ سان ھو، انھن حيدرآباد، ھالا ۽ ٻين علائقن مان ڪاريگر ۽ ڪرافٽس مين ڪٺا ڪري انھن کي ھڪ آرگنائيزڊ ليبر جي شڪل ڏني ۽ ھنن کي سٺي پيشگي رقم پڻ ڏيندا رھيا، جن جي دنيا ۾ گهرج هئي جيڪي ھينڊي ڪرافٽس مشھور ٿيا آھن ۽ جن جي گُھرج مارڪيٽ ۾ گھڻي ھجي اھو سامان ھو پرڏيھ ڏانھن اماڻيندا ھئا. ان آرگنائيزڊ ليبر کي ھننSindh work جو نالو ڏنو مختلف ڪتابن ۾ انھن کيSindh workies به ڪري لکيو ويو آھي. شڪارپور کانپوءِ ھي حيدرآباد ئي آھي جيڪا پرڏيھ ۾ پنھنجي شھر جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. دنيا ۾ سنڌ ورڪ ھڪ فرم طور تي متعارف ڪرائي وئي جيڪي ٽامي جا برتن، ڀرت جو ڪم، ڪاٺيءَ واري ڪاشيءَ جو فرنيچر، چٽسالي وارو ڊيڪوريشن ورڪ، ھاٿيءَ جي ڏندن مان ٺاھيل سامان اھو سڄو سامان ڊچ خريد ڪندا ھئا جيڪو سنڌ مان سنگاپور ۽ پوءِ اتان ھالينڊ اماڻيو ويندو ھو. قاھرہ ھڪ ٻيو بندر ھو جيڪو سنڌ ورڪ کان سامان خريد ڪندو ھو. 1918ع ۾ سنڌ ورڪس جي واپارين اھو سامان قاھرہ کان اڳڀرو موڪلڻ شروع ڪيو، جيئن سوڊان، لبنان ۽ لبيا وغيره. چون ٿا ته اھو سنڌ ورڪ جو ڪرافٽ ڪيل سامان جبرالٽر تائين مشھو رھيو. ھڪ ليکڪ جنھن جو نالو R Brown هو ان لکيو آهي ته سنڌي واپاري ايترا تيز ۽ تجربيڪار ھوندا ھئا جو انهن جاپاني واپارين سان ڳالھيون ٻوليون ڪري سنڌ ورڪ جون شاخون ڪوبي ۽ يوڪوھاما ۾ کوليون ۽ جاپان کان سڌو سنئون واپار جا آرڊر وٺي انھن جو مال حيدرآباد مان تيار ڪرائيندا ھئا. سنڌ ورڪس جو ڪاروبار پھريائين ھندستان جي مدراس واري علائقي ۾ گھڻو مشھور ٿيو، اتان پوءِ يوپي جي شھرن آگري، مرادآباد، لکنئو ۽ بنارس تائين پھتو بعد ۾ ڪشمير ۾ پڻ سندن سامان جي تعريف ٿي ته اھي سنڌ ورڪس وارو سامان گھرائڻ لڳا. سينٽرل ايشيا جا شھر خاص ڪري بخارا، شڪارپورين جي واپار سان گڏ، حيدرآباد جي ڪاريگرن جو ٺاھيل هٿ جو ڪم به اتي پھچائڻ لڳا. جاپانين سنڌ ورڪي واپارين جي گروپ سان ڪيترا معاهدا ڪيا ۽ ھنن کي اھو موقعو پڻ ڏيڻ چاھيو ته حيدرآباد مان جيڪڏھن سنڌورڪي ڪاريگر جاپان اچن ۽ ڪم ڪن ته ھو کين اجازت ڏيڻ لاءِ تيار آھن. 1941 ۾ جڏھن جاپان ۾ جنگ شروع ٿي، سنڌ ورڪيز جي مالڪن، ان وقت جي گورنر آف سنڌ کان ھڪ ليٽر ورتو ۽ جاپان جي حڪمرانن کي پھچايو، جنھن ۾ اھو تحرير ٿيل ھو ته ممڪن آھي ته جاپاني جنگ دوران ڪجھ پريشانين کي منھن ڏيندا، پر ان صورت ۾ به سنڌ جي واپارين جيڪي سنڌ ورڪي آرگنائيزيشن جا ڪرتا ڌرتا آھن انھن سان ڪا ناانصافي نه ٿئي، ھر صورت ۾ انھن کي پنھجي ڪم جي اجرت ۽ واپار لاءِ آندل سامان جو معاوضو پورو پورو ڏنو وڃي. جاپان کان علاوہ چين اندر پڻ سنڌ ورڪس مشھور ٿيڻ لڳو. 1837ع ۾ سنڌ ورڪس سينگاپور ۾ پنھنجي آفيس کولي، اھا Wassoo mall جيڪي وڏا واپاري ھئا انھن جي فرم جي ھڪ شاخ ھئي، چين ۾ سنڌ ورڪس جا واپاري سن 1880 ڌاري پھتا ھئا ۽ ان کانپوءِ سنڌ ورڪ ھانگ ڪانگ تائين پھتو. پھرين جنگ عظيم کان پھريائين سنڌ ورڪس جو بزنس شنگھائي تائين پھتو ۽ 1934 تائين سنڌ ورڪس جا واپاري سلڪ جي ايڪسپورٽ ڪرڻ وارن ۾ شامل ٿي ويا، سنڌ جا واپاري فلپائين ۾ پڻ واپار لاءِ ايندا ويندا رھيا، ايتري قدر جو انھن اتي پنھنجا دڪان پڻ کوليا، پر اتان جي رهاڪن پنھنجي حڪمرانن تي دٻاءُ وجھڻ شروع ڪيو ته جيڪڏھن ٻاھران آيل ڌاريا ايترا ايندا رھيا ته کين ڪاروبار ۾ مشڪلاتون پيدا ٿينديون ان ڪري اتي نئين قانون سازي ڪئي وئي ۽ ڌارين کي پنھنجي ڪاروبار کي مخصوص ھنڌن تائين محدود ٿيڻو پيو. فلپائين ۾ گھڻا واپاري سنڌورڪ آرگنائيزيشن حيدرآباد کان آيل ھئا. 1921ع ۾ ھندستان جي حڪومت فلپائين ۾ پنھنجي نمائندي شري نواشاستري جي ذريعي واشنگٽن ۾ آمريڪي سرڪار کي چيو ته ھو ھندستاني واپارين جي حقن جو تحفظ ڪري. ھندستاني ٽريڊرس لاءِ ويزا جون پابنديون نرم ڪري. پوءِ 1924ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر انگريز سرڪار جي حڪم تحت سنڌي واپارين کي نوان پاسپورٽ جاري ڪيا. اھڙي طرح سنڌي واپارين کي منيلا ۾ رھڻ جو حق ڏنو ويو، باقي ٻيٽن تان انھن کي واپس ورڻو پيو. 1920ع کان 1930ع تائين ڪولمبو ۽ رنگون ۾ شڪارپوري واپارين بنئڪ وانگر فنانس ڪمپنيون رائج ڪيون، جيڪي بزنس ڪرڻ وارن کي وياج تي پئسا ڏيندا ھئا، انھن سان ڪجھ مسلمان واپاري به ھوندا ھئا جيڪي کوجا ھئا. ھندو پنھنجن سفري دستاويزن ۾ لوھاڻا لکرائيندا ھئا ۽ روز مره جي زندگيءَ ۾ کانئن پڇبو ھو ته سندن مذھب ڪھڙو آھي ته ھٿ جوڙي چوندا ھئا، اسين ڀائي بند آھيون، انسائڪلوپيڊيا (وڪيپيڊيا) ۾ لکيل آھي ته لوھاڻاLohana ۽ ٺڪر لوهاڻا Thakkar واپاري برادريون ھونديون ھيون. ھنن جو شجرو رام جي پٽ لوواLuva سان لڳي ٿو، ڪجھ جاين تي سنڌي لوھاڻا، ڪڇي لوھاڻا ۽ گجراتي لوھاڻا پڻ لکيل ملي ٿو. سينٽرل ايشيا ۾ روس جڏھن واپارين جا انگ اکر جمع ڪيا ته ھنن کي اڪثر ھندن پنھنجي سڃاڻپ واري خاني ۾ پنھنجي شھرن جو ذڪر ڪندا ھئا، حيدرآباد سنڌ جا ھندو شراب کان پاسو ڪندا ھئا جڏھن ته باقي ھندستان مان آيل پارسي شراب نوشي کي ڪو عار نه سمجھندا ھئا. تاشقند جي ھڪ واپاري جي ڊائري ۾ لکيل مليو آھي ته اتي ھڪ ھندو مري ويو، جيڪو 1889ع جو واقعو آھي. ھو ڀائي بند ڇھن ڄڻن سان گڏ رھندو ھو ۽ پنھنجن دوستن لاءِ کاڌو به پچائيندو ھو، شام جو اتي ھڪ ٺاھيل مندر ۾ پوڄا پاٺ لاءِ به ويندو ھو. گڏ رھڻ واري ڪميونٽيءَ ۾ برھمڻ ڪونه رھندا ھئا، سنڌ مان ھڪ ٽڪاڻي ۾ رھڻ واري کي موقعو مليو ته ھو واپارين سان سينٽرل ايشيا سفر تي اسھيو، ھن جو اتي ديھانت ٿي ويو، جڏھن سندن ڪاغذن جي جاچ پڙتال ٿي ته سندس ذات واري ڪالم ۾ لکيل ھو اداسي فقير، سمر قند ۾ هڪ ڌرم شالا جو ٻائو اداسي فقير جي مرتئيي تي آيو ۽ ھن سرڪار کي چيو ته مان ٻائو آھيان ۽ سندس وارثيءَ لاءِ آيو آھيان، اوھان ھن اداسي فقير جو ڇڏيل پئسو ڏوڪڙ ۽ سامان سڙو مون کي ڏيو، پر روس جي سرڪار انڪار ڪيو. سينٽرل ايشيا ۾ پنجابي ھندو پڻ آباد ھئا ۽ ڪجھ مسلمان پڻ اچي آباد ٿيا ھئا.

اھي ڪھڙا سبب ھئا جو ورھاڱي کانپوءِ شڪارپور ۽ حيدرآباد جا جڳ مشھور واپاري پنھنجو اوج وڃائي ويٺا، اھو طئي ھو ته سنڌ جا ھندو سنڌ ۾ رھڻ جي باوجود به ڪانگريس کي پسند ڪندا ھئا، بلڪل ائين جيئن سڄي ھندستان اندر مسلمانن جي اڪثريت مسلم ليگ کي پسند ڪندي ھئي جو ھو ٻه قومي نظريي جي بنياد کي کڻي مسلمانن لاءِ نئون ملڪ جوڙي رھي ھئي. ورھاڱي دوران محمد علي جناح سنڌ جي ھندن کي يقين ڏياريو ته کين مڪمل تحفظ ڏنو ويندو، پر مائگريشن ته ٿيڻي ھئي سنڌ مان ھندو ايترا لڏي نه ويا جيترا مھاجر ھندستان مان لڏي اچي پاڪستان پھتا. شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، انھن شھرن ۾ ھندن جون جايون، ڪاروباري، دڪان ۽ سندن زمينون، مھاجرن کي ڪليم ۾ ڏنيون ويون، انھن شھرن جي مسلمان سنڌين دل کولي مھاجرن جي آجيان ڪئي ۽ کين وسايو. سنڌي ھندو ڪاروباري 1950ع تائين لڏي ھندستان ھليا ويا يا جيڪي ڪجھ ھئا اھي 1960ع تائين سنڌ ڇڏي ھليا ويا. سنڌي مسلمان اڳي ئي گھڻا پڙھيل ڳڙھيل ڪونه ھئا، انھن جي اڪثريت ننڍي ڪاروبار ۾ ۽ محنت مزدوري، راهڪي ۽ ڪڙمت ڪري گذر ڪندي ھئي سو اھي ھندن جي لڏپلاڻ ڪرڻ کانپوءِ ڪوبه فعال ڪردار ادا ڪري نه سگھيا ۽ اسين سنڌي ٺلھو موهن جو دڙي کي ياد ڪري جيئندا آهيون.

…(پورو ٿيو)…