سنڌ جي جنگلي جيوت کاتي جي لائبريري ۾ هزارين ناياب ڪتاب موجود
سنڌ وائلڊ لائف ڊپارٽمينٽ جي لائبريري ۾ جنگلي حيات ۽ جنگلات تي چئن مختلف ٻولين ۾ لکيل 8 هزار کان وڌيڪ نادر ۽ ناياب ڪتاب موجود آهن، انهن ناياب ڪتابن ۾ ارڙهين صدي جي شروع ۾ لکيل ڪيترائي ڪتاب پڻ موجود آهن جن ۾ ڊي جي رابرٽ جو جڳ مشهور ڪتاب “برڊز آف سنڌ” به موجود آهي. سنڌ وائلڊ لائف بلڊنگ جي مٿين منزل تي 1980 کان قائم ٿيل لائبريري ۾ موجود برما ٽيڪ ۽ شيشم مان ٺهيل الماڙين ۾ موجود ڪتاب پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ موجود آبي حيات، ريڙهيون پائيندڙ ۽ اڏامندڙ جنگلي حيات جڏهن ته جنگلات بابت معلومات جو هڪ پورو ذخيرو موجود آهي.