پاڪستان آمريڪا لاءِ هميشه خاص اهميت وارو ملڪ رهندو: آمريڪا
آمريڪا جي سينٽرل ڪمانڊ جي اڳواڻ جنرل جوزف ووٽل آمريڪي سينيٽ جي آرمڊ سروسز ڪميٽي جي روبرو چيو آهي ته روس چين انڊيا ايران وچ ۾ موجود ايٽمي ملڪ پاڪستان آمريڪا لاءِ هميشه اهميت جوڳو رهندو. آمريڪي ڪمانڊر جو چوڻ آهي ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم هوندو. افغانستان ۾ 17 سالن کان جاري جنگ ۾ پاڪستان مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. آمريڪا به جنگ جي خاتمي جي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. آمريڪي ڪمانڊر جنرل جوزف افغانستان ۾ سياسي بحران کي امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته سياسي استحڪام کان بغير امن جو قيام ٿي نه سگهندو ۽ آمريڪا افغانستان ۾ امن جي قيام ۾ ٻين حلقن سان گڏ پاڪستان جي مثبت ڪردار نڀائڻ جي خواهشمند آهي. آمريڪي ڪمانڊر ڪميٽي آڏو وڌيڪ چيو ته افغانستان جي معاملي کي حل ڪرڻ جي صورت ۾ ڌرين جي تحفظن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.