ڏهه هزار پاڪستانين امداد وصول ڪرڻ لاءِ پاڻ کي افغان مهاجرن ۾ نالو لکرايو

گڏيل قومن جي اداري جي هاءِ ڪميشن پاران افغان مهاجرن جي ملڪ واپسي لاءِ اسڪيم تحت 400 ڊالر لڳ ڀڳ 55 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ٿيڻ بعد تقريبن 10 هزار پاڪستاني خاندانن پنهنجا نالا افغان مهاجرن جي لسٽ ۾ لکرائي ڇڏيا آهن. اهڙو انڪشاف چيئرمين نادرا عثمان يوسف مبين سينيٽ جي قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن خاندانن جي شناخت ٿيڻ بعد انهن جا شناختي ڪارڊ به بلاڪ ٿيڻ بعد انهن ماڻهن نادرا سان رابطو ڪيو ته سسٽم انهن جي چوري پڪڙي ورتي. نادرا چيئرمين وضاحت ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي اداري پاران هر افغاني مهاجر ايتري قدر جو کير پيئندڙ ٻار کي به 400 ڊالر ڏنا ويا آهن ۽ هن وقت تائين 10 لک مهاجر واپس وڃي چڪا آهن. ياد رهي ته هڪ وقت ۾ پاڪستان اندر 24 لک افغاني موجود رهيا جن ۾ 10 لک رجسٽر ۽ 15 لک غير رجسٽر افغاني هئا. نادرا چيئرمين وڌيڪ چيو ته هن معاملي ۾ ثابت ٿيو آهي ته افغان مهاجرن پاڪستاني ماڻهن جي مدد ڪندي نادرا جي ماڻهن سان ملي ڪري اهڙن ماڻهن جا نالا لکرايا آهن جن جا شناختي ڪارڊ روڪڻ تي مسلم ليگ ن جي سينيٽر يعقوب خان سينيٽ ۾ سوال اٿاريو هو.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *