ادبنئون

ڊائري جا ورق

انسان جڏهن ٻئي انسان جي تنهائي کي محسوس ڪري وٺندو آهي ته پوءِ کيس ڏک جي وصف سمجهه ۾ اچي ويندي آهي.
***

اڄوڪي انسان مان اجتماعي رواداري ۽ خير سگالي وارو جذبو به موڪلائي ويو آهي. اهڙي طرح انسان پنهنجيون بنيادي خصلتون وڃائي اڪيلو ٿي پيو آهي.
***

اڪيلائپ اڄ جي انسان جو وڏو الميو آهي. اڄ جو انسان هجومن ۾ هوندي به تنها آهي.
***
جيستائين انسان جي اندر ۾ امن ۽ اطمينان پيدا نه ٿيندو، تيستائين سماج ۾ به امن ۽ اطمينان پيدا نه ٿيندو.
***

اسانجي سماج جو انسان بنهه محدود ۽ فڪري جمود جو شڪار آهي. سندن ذهن بيٺل پاڻي وانگر آهي. جنهن ۾ ڪا به توانائي، سڳنڌ ۽ نواڻ ناهي.
***

اڄ جي انسان وٽ ذهني سطحيت ۽ ذهني انتشار عروج تي آهن.
***

اڄ جي انسان وٽ وقت، وسيلا، قوتون ۽ قابليتون بي درديءَ سان ضايع ٿي رهيون آهن.
***

اڄ جو انسان انهي سوچ کان به عاري آهي ته هر انسان مختلف مزاجن ۽ نفسيات جو مجموعو آهي. اسان جهڙا پاڻ آهيون. ڪوشش ڪندا آهيون ته ٻيا به اهڙا ٿين، پر اهو ناممڪن آهي. اتان ئي تضاد پيدا ٿئي ٿو.
***
اڄ جو انسان ڪوڙ ۽ لالچ ۾ ايترو ته انڌو ٿي ويو آهي جو هاڻي کيس سچ، سونهن ۽ فضيلت نظر ئي نٿي اچي.
***
مجموعي طور اڄ جو انسان، انسانيت جي هيٺين سطح کان به هيٺ ڪِري پيو آهي.
***