ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: اڌوري خواھش

آئون ۽ رباب ننڍپڻ جون بھترين سھيليون ھئاسين ۽ اسڪول ۾ بـه گڏ پڙھندا ھئاسين. ڪلاس ۾ اسان ٻنھي جو ھر ٽيسٽ ۽ پيپر ۾ مقابلو ھوندو ھو سو تقريبن ھميشـه پوزيشن کڻندا ھئاسين. مون کي اڄ به اھي خوبصورت ڏينھن ياد آھن جڏھن سياري ۾ مڊٽرم پيپر ٿيندا ھئا ته صبح جو اس ۾ ويھي ھڪ ٻئي سان پيپـر ڊسڪس ڪندا ھئاسين، جنھن ۾ ڏکيا ۽ منجھيل ٽاپڪ آساني سان سمجھ ۾ اچي ويندا ھئا. مون کي اڄ بـه ياد آھي جڏھن اسين ستين ڪلاس ۾ ھئاسين تـه اسان جو سائنس جو پيپر ھو جنھن ۾ مان بخار اچڻ جي ڪري ڪا خاص تياري نـه ڪري سگھي ھئس تـه پيپر واري ڏينھن منھنجي پياري دوست رباب مختلف ٽاپڪ ڊسڪس ڪري سٺي تياري ڪرائي ڇڏي جنھن ۾ منھنجا سٺا نمبر اچي ويا. منھنجو ننڍپڻ کان ئي ڊاڪٽر ٿيڻ جو خواب ھو جڏھن تـه رباب جي خواھش ڪنھن سائنس جي سبجيڪٽ ۾ ريگيولرBS ڪرڻ جي ھئي.
پر شايد خواھشون ڪڏھن بـه پوريون ناھن ٿينديون ھميشـه اڌوريون ۽ اڻپوريون رھجي وينديون آھن. جنھن جو سڀ کان وڏو مرهم وقت آھي جو کيس اسان جي دل ۾ ان شي جي خواھش تـه ضرور ھوندي آھي، پر وقت گذرڻ سان گڏ اھا ڌنڌلائجي ويندي آھي.
اتفاق اھو ٿيو جو جڏھن مان اٺين ڪلاس ۾ ھئس تـه منھنجي والد صاحب جي ٽرانسفر ڪراچي شھر ۾ ٿي سو اسان کي حيدرآباد ڇڏي ڪراچي ۾ وڃڻو پيو ۽ آئون پنھنجي پياري دوست رباب کان وڇڙي ويس خير نئين اسڪول ۾ ڪلاس واريون تـه سٺيون ھيون، سندن نرم لھجي مون کي سندن گرويدہ بڻائي ڇڏيو، پر جيئن چوندا آھن تـه ھر گل جي خوشبو پنھنجي ٿيندي آھي، سو رباب کي ياد ڪري مان اڪثر اداس ٿي ويندي ھئس، آخري ڏينھن تي اسان ھڪٻئي کي ھميشـه ياد رکڻ جا واعدا ڪيا ۽ اھو طئـه ڪيو تـه ھاڻي زندگي جي ڪنھن موڙ تي وري ملاقات ٿي تـه انشاءَالله تمام گھڻي ڪاميابي ماڻي چڪا ھونداسين ۽ ائين مان پنھنجي والدين سان گڏ ڪراچي ھلي ويس ۽ اتي تعليم پرائڻ لڳس ۽ اڪثر رباب کي ياد ڪندي ھئس، پر اتفاق اھڙو ٿيو جو ان وچ ۾ ڪڏھن بـه اسان جو حيدرآباد وڃڻ نـه ٿيو جو مان رباب سان ملاقات ڪري سگھان.
خير وقت جو چرخو ھلندو رھيو، مون انٽر ۾ ميڊيڪل جي تياري لاءِ اڪيڊمي جوائن ڪئي ۽ الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان منھنجي پھرين سال ۾ ئي ڪراچي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾MBBS ۾ داخلا ٿي وئي ۽ آئون پاڻ کي خوشي ۾ ھوائن ۾ اڏرندي محسوس ڪرڻ لڳس ۽ سوچيندي ھئس تـه رباب جي بـه ضرور ڪنھن سائنس جي سبجيڪٽ ۾ داخلا ٿي وئي ھوندي، ڇاڪاڻ جو منھنجي پياري ھئي بـه ان جي لائق نھايت ھوشيار محنتي ۽ رباب کي جنون جو شوق ھوندو ھو ڪيميسٽري ۾ BS ڪرڻ جو.
پر سوچ ۽ خواھشون اڻپوريون بـه رھجي وينديون آھن ڇاڪاڻ جو انھن جا وارث ٻيا ڪير ھوندا آھن سوچيندڙ نه…
سوچيندڙ انسان تـه ويچارو فقظ دل کي دلاسو ڏيندو آھي تـه ھيئن ڪندس هونئن ڪندس، پر ٿيندو ائين آھي جيئن سندن وارث چاھين.
سو ائين ئي ڪجھ رباب سان بـه ٿيو. مان ٽئين سال ۾ ھئس ته رشتيدارن جي شادي جي سلسلي ۾ حيدرآباد اچڻ ٿيو ۽ مان ڏاڍي بيچين ھئس تـه اڏامي وڃي پياري دوست ربي سان ملان ھن لا کوڙ ساريون سوکڙيون بـه آنديون ھئم. دوستي رشتو ئي اھڙو خوبصورت آھي جو ھميشـه دلين ۾ زندھ رھندو آھي. اسان حيدرآباد پھتاسين اتفاق سان رباب بـه اتي شادي ۾ آيل ھئي. ھڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ملياسين ته اکين مان لڙڪ اچي ويا، آخر پنجن ڇھن سالن جي عرصي کانپوءِ جو مليا ھئاسين. حال احوال پڇڻ تي رباب ٻڌايو ته منھنجي شادي ٿي چڪي آھي ۽ ننڍڙو پٽ به آھي.
ڇا؟؟ شادي!! مون کي تـه يقين ئي نـه آيو روبي ڇا تو داخلا لاءِ ٽيسٽ ڏني؟ ۽ پاسنگ مارڪس نـه آيون ڇا؟
مون ھڪ ئي ساھي ۾ سوالن جا انبار لاھي ڇڏيا….
نـه ٽيسٽ تـه ڏني ھيم ۽ پاس بـه ٿي ھئس 50 مارڪس کنيم ميرٽ تي داخلا بـه ٿي پي اھا بـه ڪيمسٽري ۾ پر… پر ڇا پوءِ چري ھئين ڇا جو روشن مستقبل کي ڇڏي ھڪ ڳرو نـه کٽندڙ ذميوارين جو بوجھ پنھنجي مٿان وجھي ڇڏيئي.
مان جذبات ۾ اچي رباب کي چوڻ لڳس تـه توکي اھڙو موقعو وڃائڻ نـه گھرجي ھا.
ھي ٻڌي رباب جي ناسي وڏين اکين ۾ لڙڪ تري آيا چري منھنجو تـه پڪو ارادو ھو پڙھڻ جو اھا تـه توکي بـه خبر ھئي نـه، پر مون کي يونيورسٽي پڙھڻ جي اجازت نـه ملي ھئي. بابا چيو ھڪ ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏيل تعليم آھي، يونيورسٽي ۾ ٻيو ساليانـه فيس روزانو جا ڪرايا خرچ، اھو مان پڄي نـه سگھندس، سو تون پرائيويٽ داخلا وٺي سگھين ٿي.
۽ انھن ڏينھن ئي منھنجو سٺو رشتو آيو ۽ شادي ٿي وئي.
۽ ھا انشاءَالله مان پنھنجي پٽ جي تربيت ائين ڪندس جو سڀاڻي ھو پنھنجي ڌيئرن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ مھل خرچ کان نـه ڊڄي، پر فخر سان ھنن کي تعليم ڏياري.
جيئن انھن نياڻين جو خواھشون مون وانگر اڌوريون نـه رھجي وڃن. ائين چئي رباب پنھنجي ننڍڙي پٽ کي ڀاڪر ۾ ڀري چمي ڏني…
***