اڄ پاڪستان سميت آزاد ڄمون ڪشمير ۾ “ڪشمير سان ٻڌيءَ جو ڏھاڙو” ملھايو پيو وڃي. سڀ کان اول ذڪر ڪيون ٿا ته ڪشمير ڏھاڙي يا ڪشمير سان يڪجھتي واري ڏينھن جو، پاڪستان ۾ ھر سال 5 فيبروري تي عام موڪل ھوندي آھي. ھن ڏھاڙي تي پاڪستان طرفان والاريل ڪشمير جي ماڻھن سان سندن آزادي لاءِ جاري جدوجھد ۽ آزاديءَ لاءِ وڙھندي حياتيون قربان ڪندڙن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ يڪجھتي جو اظھار ڪيو ويندو آھي. اڄوڪي ڏھاڙي تي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ عام موڪل ڪئي ويندي آھي. دراصل حڪومت پاڪستان ۽ پاڪستاني شھري ھي ڏھاڙو ڪشميرين تي ڀارتي غير قانوني قبضي ۽ ڪاررواين خلاف ڪشميرين جي آزادي واري جدوجھد جي حمايت ۾ ملھائـيندا آھن. ڀارت طرفان ڪشميرين تي اھو ظلم ۽ ڏاڍ 27 آڪٽوبر 1947 کان جاري آھي. ھي ڏينھن ان ڪري به ملھايو ويندو آھي ته جيئن عالمي ادارن کي ڪشمير مسئلي جي پرامن حل لاءِ ڌيان ڇڪايو وڃي.
78 سال گذرڻ جي باوجود ڪشميرين جو عزم ۽ حوصلو برقرار آهي ۽ سندن آزادي جي جدوجهد پوري جذبي سان جاري آهي. ڀارت جو هر ظلم انهن جي حريت جي جذبي کي وڌيڪ پختو ڪري ٿو ۽ ڪيترائي ڪشميري پنهنجين جانين جو نذرانو ڏئي آزادي جي جدوجهد کي جاري رکيو پيا اچن. جاگرافيائي، ثقافتي ۽ مذهبي لحاظ سان ڪشمير پاڪستان جو حصو هجڻ جي باوجود ڪشمير جي راجا هري سنگهه ۽ سرحدي ڪميشن جي سربراهه سيرل ريڊ ڪلف جي ملي ڀڳت سان ڪشمير جو الحاق ڀارت سان ڪيو ويو. ڪشميري شروع وارن ڏينهن کان ئي ان فيصلي جي خلاف اٿي بيٺا ۽ عوامي جدوجهد ذريعي موجوده آزاد ڪشمير مان راجا هري سنگهه ۽ ڀارت فوج کي نيڪالي ڏني. پهرين جنوري 1948ع تي ڀارت معاملو سلامتي قونصل ۾ آندو، جتي ڪشمير کي تڪراري علائقو ڄاڻائيندي راءِ شماري جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ۽ ڪشمير مان فوج جي نيڪالي جو حڪم ڏنو ويو. سڀني پرامن ڪوششن جي باوجود مسئلو حل نه ٿي سگهيو ته ڪشمير ۾ آزادي جي جدوجهد تيز ٿي وئي.
27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج پهريون ڀيرو ڪشمير جي واديءَ ۾ داخل ٿي هئي. هڪ رپورٽ موجب ڀارتي ظلم سبب 94826 ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 107665 ٻار يتيم ۽ 22858 عورتون بيواهه ٿي ويون آهن. ڪشمير جي آزادي لاءِ ڪشميري عوام جون قربانيون پوري دنيا لاءِ مثال آهن.
ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ (جي ڪي ايل ايف) پهرين قومپرست ڪشمير تنظيم هئي، جنهن 80 جي ڏهاڪي ۾ هٿياربند جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو. 1989ع ۾ پهريون ڀيرو خود مختيار ڪشمير حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جو رستو اختيار ڪرڻ واري لبريشن فرنٽ ٿوري وقت ۾ ئي ڪشمير جي مقبول ترين سياسي قوت بڻجي وئي. ھن ڏھاڙي تي ڪشمير سان يڪجھتي ۽ آزادي جي جدوجھد لاءِ ۽ ڪشميري شھيدن لاءِ خاص دعائون گھريون وينديون آھن. ان سان گڏ خاص گڏجاڻيون ڪري تقريبون ڪوٺائي ريليون ڪڍي ڪشميرين جي آزاديءَ واري جدوجھد ۽ سندن قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آھي. ھن ڏھاڙي تي صبح 10 وڳي ڪشميري شھيدن لاءِ ھڪ منٽ خاموشي اختياري ڪئي ويندي آھي. ھي ڏھاڙو سياسي توڙي مذھبي پارٽين لاءِ خاص ۽ وڏي اھميت رکي ٿو. ان حوالي سان تقريبن ريلين ڪانفرنسز ۽ سيمينارن جو اھتمام ڪيو ويندو آھي، جتي مختلف پارٽين جا سياسي اڳواڻ ۽ مذھبي تنظيمن جا سربراھ خطاب ڪري ڪشمير جي آزاديءَ واري جدوجھد جي تحريڪ جي حمايت ڪندا آھن. ان سان گڏ اھي اڳواڻ ۽ ترجمان ڪشمير مسئلي جي پرامن حل لاءِ ٺھراءُ پيش ڪندا آھن. اھي سياسي توڙي مذھبي پارٽيون ۽ تنظيمون لانگ مارچ ۽ ريليون ڪڍنديون آھن، جن ۾ ماڻھو ڪشمير سان ايڪي جو اظھار ڪندي نعرا ھڻندا آھن.
ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ سبب ھي ڏھاڙو وڏي اھميت رکي ٿو، جنھن جي ڪري ھر سال جي 5 فيبروري تي ڪشميرين سان ايڪي يا يڪجھتي جي اظھار طور ڪشمير ڏھاڙو ملھايو وڃي ٿو. ھن ڏھاڙي تي خاص ثقافتي پروگرام ۽ فيسٽيول منعقد ڪرائي ڪشمير جي ثقافت، ريتن، رسمن ۽ رواجن کي اجاگر ڪيو ويندو آھي. 78 سال گذرڻ جي باوجود والاريل ڪشمير ۾ خود مختياري جي لاءِ ريفرنڊم ناهي ڪرايو ويو ۽ ان تي ڀارت جو قبضو بدستور برقرار آهي. ان عرصي ۾ اهو ڪهڙو ظلم هوندو جيڪو ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ نه ڪيو هجي ۽ اڄ ڏينهن تائين هزارين ڪشميري شهيد ۽ لکين زخمي ٿي چڪا آهن. جڏهن ته وڏي تعداد ۾ عورتن جي بي حرمتي به ڪئي وئي آهي، پر ڀارتي ظلم تي گڏيل قومون ۽ عالمي برادري خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.