بلاگنئون

سنڌي زبان ۽ ايڪيهين صديءَ جون للڪارون

دنيا جون سڀئي ٻوليُون سٺيون، سهڻيون ۽ عظيم ئي چيون وڃون ٿيون. ڪابه ٻولي گهٽ درجو نٿي رکي. ايڪيهين صديءَ جي بي رحم للڪارن ڪيترين ئي ٻوليُن کي ماري ڇڏيو آهي ته ڪي وري جياپي واري جنگ لڙي رهيون آهن. اهي ئي ٻوليُون هن وقت زنده رهي سگهنديون جيڪي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي جديد قدرن مطابق پاڻ کي ڳنڍڻ جي قابل ٿي اڳتي وڌنڌيون. سنڌي زبان هڪ قديم ۽ تاريخي ٻولي آهي، جنهن جي ٻين ٻوليُن کان هڪ جدا علمي ادبي حيثيت آهي. سنڌي ٻولي، زماني جي ڪيترن ئي انقلابي دورن مان باسلامت گذري به پاڻ بچايو آهي. هن وقت دنيا ۾ جيڪي نوان نوان بحث قدر ۽ معيار جڙي رهيا آهن، تن سمورن چئلينجن کي سنڌي زبان مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. جهڙيءَ طرح، هن اڳ ۾ پنهنجو علمي سرمايو بچايو آهي، تهڙيءَ طرح اڄ به سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي حفاظت لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته پاڻ ۾ ايڪو ۽ اتحاد قائم رهي ته اهو ڪم اسان جي مادري زبان ڪري سگهي ٿي. اسان کي ٻولي اخلاق سيکاري ٿي، جيڪڏهن اخلاق ناس ٿي ويو ته اسان جون جاندار ۽ پائيدار رسمون ۽ روايتون مهمان نوازي، قرب قرابت سمورا خطري ۾ پئجي ويندا. سنڌي زبان جي علمي وکرن ۾ جيڪو گوناگُون تاثير وارو مواد موجود آهي سو نهايت ڪارائتو ۽ ڪارگر آهي. سنڌي ٻولي دنيا ۾ خاص حيثيت رکي ٿي، جو اسان جي وچ ۾ باهمي ربط ۽ ضبط جڙيل آهي، انهيءَ جو سمورو سهرو شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، شيخ اياز، استاد بخاري ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام ۾ موجود جذبن ۽ خيالن جو اثر سنڌي سماج تي نمايان نظر اچي ٿو، جنهنڪري پاڻ ۾ ميٺ، محبت، ڳنڍڻ جوڙڻ واري گُڻن کي قائم رکيو ٿا اچون. ڇا انهيءَ سموري خزاني کي وساري ڇڏيون. سنڌي زبان پنهنجن ۽ پراون جا لاها چاڙها ڏسي پَچِي پَچِي راس ٿي چُڪِي آهي، جڏهن جڏهن هُو جُهور ٿي آهي، تڏهن وري نون نون گوشن کي نروار ڪري اُڀري آهي. سنڌي ٻولي تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجن توڙي پراون جون ٿڌيون توڙي ڪوسِيُون برداشت ڪيون آهن انهيءَ ڪري علمي قوت رکي ٿي ۽ زماني جي قدرن پٽاندر اُڀرندي اُسرندي ۽ نروار ٿيندي رهي آهي. سنڌي زبان، سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن، قومي روايتن جي اڻمٽ نشانن سان گڏ صدين جي سرمائي کي ساڻ ڪري، سنڌو درياءَ سان گڏوگڏ سفر ڪندي پاڻ کي سرهو ۽ سائو رکندي ٿي اچي. سنڌي سماج جو قديم ورثو پهاڪا، چوڻيون، اصطلاح، محاورا، معنائون، قصا، ڪهاڻيون جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي سونهن ۽ سوڀيا جون منفرد خوبيون آهن تن کي اڳ ڀلا ڪنهن جابر ۽ ظالم روڪيو آهي ۽ اُهي وهڪرا ڪڏهن رُڪيا ۽ هڪ جاءِ تي بيهي مري ويا آهن، هرگز نه. انهيءَ فڪري خزاني جي ڪري دنيا جي عالمن سدائين سنڌ جي تمدن، تاريخ، تهذيب ۽ ٻوليءَ کي پنهنجين قاعدانه صلاحيتن سان ڏٺو، سمجهيو ۽ پرکيو آهي. مطلب ته سنڌي زبان هزارن سالن کان نسلن جي ذهني ۽ فڪري اوسر ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو آهي. هي اڄوڪو دور جنهن کي بي رحم صدي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪيئي چئلينج آڏو اچي رهيا آهن. ڳڻتي انهيءَ ڳالھ جي ڳاري ٿي ته رشتا ناتا، مٽيُون، مائٽيُون صرف دولت جي بنياد تي قائم ٿي رهيا آهن جيڪا هڪ حقيقت به آهي. انهيءَ بي رحم للڪارن ۾ ماڻهو به ڏاڍو مفاد پرست ۽ لالچ واري ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ اخلاقي ڏيوالو نڪري ويو اٿس. ماڻهن کي پنهنجي تاريخ ادب ۽ تهذيب وارن ذريعن کي وسارڻ ۽ اخلاقي قدرن کان هَٽِي وڃڻ ڪري ڪيترائي نقصان ٿي رهيا آهن. نه فقط هتي، پر ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ به بي علمي ۽ لالچ جو راڪاس گهمندو ٿو اچي جنهن جي ڪري معصوم ٻار به قتل ۽ ناانصافين جو شڪار ٿي رهيا آهن، انهيءَ سبب ڪري سماجي وِٿِيُون ۽ وِڇوٽيُون جتي ڪٿي وڌڻ ڪري هزارن مسئلن اچي مُنهُن ڪڍيو آهي جن جا بُرا اثرات ٻوليُن تي به پئجي رهيا آهن. اديب ۽ شاعر مٿين اهم موضوعن ۽ مسئلن تي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي طبقاتي نظام جي ڪري مختلف قومن ۽ قبيلن جي ماڻهن جي هڪٻئي سان منفي رويُن جي ڪري به ٻوليُن کي نقصان جي طرف ڌِڪيو آهي. ٻوليُن جي ترقيءَ جو دارو مدار علم تي رکيل آهي ۽ نوجوان نسل کي تعليمي ادارن ۾ پنهنجي مادري زبان ۾ اخلاقي تعليم ڏيارڻ جي سخت ضرورت آهي. اڄوڪي دور ۾ ڇا ڪرڻو آهي؟ گذريل ڏهاڪن ۾ استاد وڌ ۾ وڌ زور ڏيندا هئا ته ٻارن ۽ نوجوانن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ طرف مثبت رويي سان گڏ اُنهن کي درست نموني سان تاريخ ۾ آيل سبق آموز ۽ نصيحت ڀرين اخلاقي ڳالهين کي ذڪر هيٺ آڻي درس ڏيندا هئا ته ٻئي طرف علمي ۽ ادبي ادارن جا سربراهه سڀني پڙهيل لکيل ماڻهن کي پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻڻ جا سمورا موقعا ميسر ڪري ڏيڻ ۾ ڪابه ڪَسَرُ نه ڇڏيندا هئا ۽ نوجوان نسل کي عالمن جي مفيد ڳالهين کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ڏانهن راغب ڪندا هئا، پر هن وقت صرف دوستي ۽ ياري جي بنياد تي ماڻهن کي ادارن ۾ مقرر ڪيو ٿو وڃي، جنهن ڪري محنت ۽ قابليت وارا ماڻهو خاموشيءَ سان ڪنڊ پاسي تي ويهي رهيا آهن. علمي ادارن تي قابض اهي ٿي رهيا آهن، جن کي سياسي پُٺڀرائي ۽ پئسو آهي. اهليت ۽ قابليت وارا ماڻهو مايوس ٿي ويا آهن جنهن جا منفي اثرات مٿي اڀري رهيا آهن. هي ڳالھ به ڏسجي ٿي ته علمي ادارن ۾ درس و تدريس جا سلسلا ۽ نصاب اخلاقي تعليم کان ڏور نظر اچي پيو ته وري ادبي ادارن ۾ باصلاحيت ۽ برجُستا منتظم نظر نٿا اچن، جيڪي پاڻ تخليقي، تنقيدي ۽ تحقيقي صلاحيتن جا مالڪ ۽ تجربيڪار هجن ته جيئن اسان جو نئون نسل انهن منتظمين جي قابليت کان ڀرپور لاڀ حاصل ڪندو رهي جيئن هلندڙ توڙي ايندڙ دور لاءِ سٺن ذهنن پيدا ڪندڙ خيالن وارو نسل تيار ٿيندو رهي. سنڌي ٻولي، سنڌ وارن جي ساهه پساهه ۾ سمايل آهي ۽ انهيءَ سان ئي سنڌي سماج جي دنيا ۾ مخصوص سڃاڻپ آهي انهيءَ کي اُتم ۽ اعليٰ ڏسڻو آهي ته اُن کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽيُن ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جا وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪيا وڃن، پوءِ ئي هن دور ۾ ادب فني ۽ فڪري حوالي سان تخليق، تحقيق ۽ تنقيد هيٺ اچي اڇو اجرو ٿيندو رهندو. ڪابه ٻولي تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ کانسواءِ اڳتي وڌي نٿي سگهي ۽ وري معياري تعليم کانسواءِ ڪجھ ورڻو سَرڻو ناهي. ڏٺو وڃي ته هن وقت مطالعي واريُن شخصيتن کان ڪم نٿو ورتو وڃي. تعليمي ماهرن ۽ ادبي شخصيتن کي پوئتي ڌِڪڻ ڪري، ڏينهون ڏينهن نتيجا ڏاڍا ڀيانڪ آڏو اچي رهيا آهن. سنڌ ۾ ڪاروباري طبقي ۽ سياسي ماڻهن پنهنجي زيبائتي ٻولي کان مُنهن موڙڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. تعليم کي فيڪٽريءَ ۾ وٺي ويا آهيون جڏهن ته تعليمي ادارن ۽ فيڪٽرين ۾ فرق هئڻ گهرجي. اسان جا اڪثر نجي ادارا کُليل مَنڊين وارا ڪم ڪري رهيا آهن. هيءَ ڳالھ ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان جيڪا هت هيٺ ڏکائيندڙ انداز ۾ ڪري رهيو آهيان!!! تازو هائر ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ عدالت سڳوريءَ جي حڪم تحت بي ايس چار سالا پروگرام شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. سموري سنڌ جي ڪاليجن ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج محرابپور، ضلعي نوشهروفيروز کي اهو اعزاز حاصل ٿيو آهي ته هتي سنڌي شعبو قائم ڪري داخلا ڪئي وڃي. تمام گهڻي خوشي ٿي، پر ڏک انهيءَ ڳالھ جو ٿيو ته خود استاد انهيءَ جي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن ته داخلا نه ٿئي، ڇاڪاڻ جو انهن کي پڙهائڻ ۽ ڪم ڪرڻ ڏکيو لڳي ٿو. پڙهائڻ ئي استاد جو شان آهي ۽ انهيءَ ۾ استاد جي عزت آهي. مون ڀرپور ڪوشش ڪئي ميڊيا جي وسيلي ۽ ٻارن جي والدين توڙي شاگردن سان رابطا ڪيم ته بابا هيءُ اسان جي خوش بختي چئبي جو گهر جي ڪاليج ۾ اهڙي سهولت ڏني وئي آهي، ليڪن ٻار ۽ والدين دلچسپي وٺي رهيا آهن، پر جن کي ڪم نه ڪرڻو هو سي هر طرح جي مخالفت ڪري رهيا هئا. مون پنهنجي ڳوٺ ۽ اُن جي آسپاس جي ڪجھ شاگردن جي رجسٽريشن ڪرائي آهي. اهڙي مخالفت ۽ ماجرا رهي ته ڪوبه ٻارُ پنهنجي مادري ٻوليءَ ڏانهن ڌيان نه ڏيندو. هن وقت تعليم ئي ڪنهن به ٻوليءَ کي بچائي سگهي ٿي، نه ته دنيا جي ڪيتريُن ئي ٻوليُنَ کي وڏيون وڏيون للڪارون آهن. ٻولي اُها ئي بچندي جيڪا تعليمي ادارن ۾ پڙهائي ويندي، جنهن جو نصاب زماني جي نون قدرن سان جڙيل هُوندو. ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته: “گذريل ڪجھ ڏهاڪن ۾ سنڌو رسم الخط تي ڪيترائي ڪتاب، مضمون ۽ مقالا ڇپيا آهن، تن ۾ سنڌو لِکتُن جون ڏسڻيون ۽ فهرستون به شامل آهن ته ڪمپيوٽر تي حسابي لسانيات ذريعي حاصل ڪيل نتيجا به آهن، فنلينڊ، روس، آمريڪا ۽ هندستان ۾ ڪيل تحقيق به آهي، پر اسان جي عام شاگردن جي انهن تائين پهچ ڪانهي، ان ڪري سندن ڄاڻ اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ جي مدي خارج تحقيق تائين محدود رهجي وڃي ٿي. وري به ڀلو ٿئي انٽرنيٽ جو جنهن تي اسان کي دنيا ۾ ٿيندڙ نئين تحقيق جي ڄاڻ ملي ٿي.” (ڪتاب: سنڌو لکت، ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق)، هن وقت اسان کي سوچڻو پوندو ۽ دنيا جي نون قدرن، اظهار ۽ انتخاب تي ۽ اسان کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ته انهيءَ ۾ ڇا لکڻو ۽ ڪيئن ڪم ڪرڻو آهي. اڪثر سنڌي ماڻهو جيڪي لکيا پڙهيا ۽ سياسي شخصيتُن جا مالڪ آهن تن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ علمي ۽ ادبي ادارن جي مالڪي ڪرڻي پوندي، تڏهن ئي عام ماڻهن کي اُتساھ ملندو، نه ته صورتحال هي وڃي رهي آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ پنهنجي مادري زبان ڳالهائڻ ۾ عيب سمجهي رهيا آهن جيڪا هڪ اخلاقي توڙي سماجي خرابي آهي. سنڌ جي ماڻهن جو هڪ خاص طبقو پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءُ جا رستا ڳولي رهيو آهي ته ٻوليءَ جي حفاظت ڪيئن ڪجي؟ انهيءَ لاءِ، آئون ماجد ڀرڳڙي صاحب، امر فياض ٻرڙي ۽ ٻين ساٿين کي جس ڏيان ٿو جيڪي رات ڏينهن انهيءَ ڪوشش ۾ مصروف عمل آهن ته سنڌي زبان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي راھ تي ڪيئن آڻجي، جيئن هُو پنهنجو نالو نمايان رکندي اچي. انهيءَ ڪوشش کي ڏسي سرهائي جو اظهار ڪرڻو پوي ٿو. سنڌ جا ماڻهو بي خبر نه، باخبر آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجي مادري زبان کي ماڳوئي وساري ٻئي ٻوليءَ جي چوغي ۾ لڪڻ ٿا چاهين تن جي ڪهڙي تاريخ، ڪهڙي تهذيب، ڪهڙي ثقافت ۽ ڪهڙي ٻولي ليکبي. اهو هر لحاظ کان وساريل اجڙيل رهڻو آهي. پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن ڌيان نه ڌرڻ معنيٰ پنهنجي سماجي ۽ اخلاقي سرشتي جي جوڙجڪ سان دشمنيءَ برابر آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي خمير جي ٻولي نهايت ئي سُريلي ۽ لاجواب ٻولي آهي. اها به هڪ فخر ۽ سرهائي جي ڳالھ آهي جو، سنڌي زبان کي پنهنجو رسم الخط پڻ موجود آهي جنهن ڪري اُن ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ يا گهٽتائي ڪونهي. سنڌي ٻولي لکِي، پڙهي، ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي. سنڌي زبان هڪ وسيع تاريخ رکي ٿي، هر قسم جو علمي ذخيرو سندس خزاني کي مالا مال ڪيو بيٺو آهي. ڀلي دنيا جون ٻوليون ميسارجي وڃن اُنهن جو نانءُ نشان به نه رهي، پر منهنجي دعويٰ آهي ته، سنڌي زبان مري نٿي سگهي، ڇاڪاڻ جو هن سر زمين کي جيستائين مهراڻ جو پاڻي ملندو رهندو تيستائين هن زبان کي ڪوبه خطرو ڪونهي. سنڌي زبان پنهنجي عالمن ذريعي هڪ اهڙو ميراث گڏ ڪندي رهي آهي، جيڪو ڪڏهن مٽجي نه سگهندو، نه کُٽي سگهندو. سنڌي ٻولي جو ماضي، حال توڙي مستقبل سدا بهار ۽ حال حيات رهڻو آهي. ڇاڪاڻ جو قدرت ۽ فطرت جنهن ڌرتيءَ تي مهربان رهندي آهي، انهيءَ خمير مان وقت بوقت عالم ۽ اڪابر پيدا ٿيندا رهندا آهن، اها خاص عنايت سنڌ تي به رهي آهي جنهنڪري سنڌ ڌرتي هميشه عالمَ ۽ فاضل پيدا ڪيا آهن، جن جي فضل ڪرم سان علم ۽ ادب جو خزانو وڌنڌو رهيو آهي ۽ رهي ٿو. سنڌي زبان جو هڪ نئون دور شروع ٿيڻ وارو آهي جيڪو به ٿئي سنڌ جا عالم، اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد اُن جي آجيان لاءِ ٻئي ٻانهون کولي بيٺا آهن. ضرورت انهيءَ ڳالھ جي آهي ته هن وقت اسان کي سنڌي ٻوليءَ کي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ، قوم کي اهڙا نوجوان تيار ڪري ڏيڻا آهن جن ۾ تنقيدي شعور هجي ۽ انهن کي فڪري تنگِي مان ٻاهر ڪڍي عملي رستي هلڻ جي راھ ڏيکارڻي آهي.

***