نيويارڪ ۾ حسن چيو مقبول ھاليپوٽي جو ڪتاب آيو آھي آئون توکي ڏيندس، آئون وري ڪينٽڪي ھليو ويس اتي ھڪ دوست اهو ڪتاب گفٽ ڪيو، ڪتاب ايڏو دلچسب ھو جو پورو پڙھيم، پوءِ خيال آيو ھن جا ته مون کي 45 ڊالر ڏيڻ کپندا ھئا.
ھي ڪتاب موجوده سياسي مسئلن ۽ سنڌ جي تايخ جي آئيني ۾ سنڌ جي رواداري، امن ۽ شاندار تھذيب(Indus Civilization) جي ڪھاڻي آھي.
سنڌ جي ماڻھن توڙي سنڌ کان ٻاھر رھندڙ ۽ ٻاھر ڄمندڙ سنڌين لاءِ جيڪي لڏي ويلن سنڌين جو ٽيون نسل آھن يا صديون اڳي لڏي ويل سنڌ ورڪين جو اولاد آھن ۽ پنھنجي شاندار مڻيادار ماضي ۽ روٽس جي تلاش ۾ سرگردان آھن. ھي ڪتاب انھن لاءِ ھڪ مفصل تاريخ آھي، مستقبل ۾ نظر ايندڙ سياسي خطرن کان جانڪاري ۽ بچاءُ لاءِ ھڪ ايس او ايس (SOS) ڪال به آھي. اولھ جي دنيا ۾ سنڌ جي سچي تصوير چٽڻ جي ھڪ مقدس ڪوشش به.
ڪتاب 442 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ ان جي قيمت 45 ڊالر آھي، پيپر بيڪ وٺو ته 37 ڊالرن ۾ ۽ جي ڪنڊل تي ڊائون لوڊ ڪريو ته 10 ڊالرن ۾Amazon تي ملندو. ڪتاب جو گيٽ اپ سھڻو ۽ پنو اوچو آھي. لطيف جا چونڊ شعر ۽ خدا بخش ابڙي جا ملوڪ چتر ڪتاب جي سونھن ۾ واڌارو ڪن ٿا:
ڊاڪٽر ھاليپوٽو جو ھي ڪتاب ڌرتي ماءُ سنڌ کي ارپڻ ڪري ٿو جنھن سڀني حملي آورن کي محبت سان منهن ڏيئي اھو ثابت ڪيو ته محبت دنيا جو طاقتور ھٿيار آھي. شروعات ساڌو واسواڻي جي دعا سان ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي قومي وحدت ۽ ڪٽرپڻي کان دور محبت ۽ آزادي جي تمنا آھي. ھي ڪتاب ان آزادي کي قائم رکڻ لاءِ قومي جاڳرتا ۽ پنھنجي تاريخ جي جانڪاري لاءِ ھڪ تفصيلي دستاويز آھي.
ليکڪ مقبول ھاليپوٽو آمريڪا جي اسٽيٽ اريزونا ۾ ڪينسر جو ڊاڪٽر آھي. ڪراچي ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج مان گريجوئيٽ ڪري ١٩٩٠ ۾ آمريڪا اعليٰ تعليم لاءِ ھليو ويو. منھنجي ُڌنڌلين يادگيرين آڌار سندس والد ڊاڪٽر سائين ڏنو ھاليپوٽو ١٩٧٠ جي ڏھاڪي ۾ ميرپورخاص ۾ سول سرجن ھو بابي (روچي رام) سان سنگت ھجڻ ڪري اسان جو اچڻ وڄڻ ھو.
پيش لفظ آمريڪن ھائوس آف ريپريزينٽيٽو جي ميمبر ۽ ان ۾ سنڌ بابتCaucus مسٽرBred Sherman لکيو آھي، جنھن جو ڏاڏو ڪالونايزڊ ھندوستان ۾ سنڌ ۾ تعينات ھو. سنڌ سان ان لڳاءُ ڪري مسٽر شرمن آمريڪن پارليمينٽ ۾ سنڌ جي انساني ۽ سياسي حقن جو وڏو وڪيل آھي.
مضبوط پاڪستان لاءِ صوبائي خود مختياري کي ضروري سمجھندو آھي. سنڌ جي جياپي ۽ شھ رڳ درياءَ سنڌ جي پاڻي جي ورڇ ۽ ڊيلٽا جي حفاظت سندس آمريڪن پارليامينٽ ۾ گفتگو جا اھم موضوع آھن.
آئون ڪير آھيان؟Motivation ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر مقبول جو لکيل تعارف پنھنجي سڃاڻپ ڳولڻ کان شروع ٿئي ٿو، ١٩٨٠-٩٠ جي مخصوص سياسي حالتن ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙھندڙ ۽ سياسي طرح سڄاڻ ڪٽنب ۽ ماحول ۾ پليل ڊاڪٽر ھاليپوٽو جڏھن نيويارڪ جي سب وي ۾ بروڪلين مان ڪوئنس ويندي ھڪ پوڙھي مائي جي سوال تي منجھي ٿو پوي، پوڙھي سندس رنگ ڍنگ ڏسي پُڇي ٿي، ڇا توھان ھندستاني آھيو؟ نه نه پاڪستاني، پاڪستان ڪٿي آھي. ڇا اسرائيل جي ڀر ۾ آھي؟ پوڙھي جي مغز جي جاگرافي ۾ پاڪستان لڀي ئي نه. ڊاڪٽر مقبول سوچي ٿو آئون ڪير آھيان؟ ھندستان ته اسان جو دشمن آھي اھو ئي ھن سکيو ھو. پاڪستاني آھيان، ھندستاني آھيان يا سنڌي آھيان جنھن کي يونانين انِدو، ايرانين ۽ عربن ھندو ڪوٺيو، آئون ته سنڌو سڀيتا جو سنڌي آھيان جنھن جي پويان ھي سڄي ماٿري ۽ سولائيزيشن آھي. جنھن جي آرڪيلاجيڪل نشانين ۾(Archeological evidence) ۾ نه ھٿيار آھن نه بادشاھ جي گھر جي گرد غلامن جا گھر جيڪي ان وقت جي عراقي ۽ يوناني تھذيبن (Mesopotamian and Greek Civilizations) ۾ موجود ھئا، جيڪي سنڌ جي امن پسند ۽ مهذب ھجڻ جا ثبوت آھن. ھي ڪتاب آمريڪن پاليسي ميڪرن کي برصغير جي ڪلچر جي گھڻ رخي ھجڻ جي واقفيت ڏئي ٿو.
Significance of Sindh
سنڌ جو تعارف:
سنڌ جو ذڪر مھا ڀارت ۽ انساني تاريخ جي پھرين ڪتاب “رُگ ويد” ۾ آھي انڊس سولائيزيشن جيڪو درياءَ سنڌ جي گرد ڪراچي کان قنڌار تائين آھي، ڪيلاش جبلن مان لداخ/تبت وٽان ڍنڍ مينسرور(Lake Mansarovar) کان ڪيٽي بندر تائين آھي.
مھا ڀارت جي جنگ ۾ ڪور وَن ۽ پانڊون:
(Pandavas and kauravas)
جي جنگ ۾ سنڌ جو بادشاھ جئدرٿ جيڪي گھوڙا ڪاھي ويو ھو، اھي سڄي ھندستان جي گھوڙن کان وڌيڪ صحتمند ۽ چُست ھئا. اھڙو ذڪر مھا ڀارت ۾ آھي، جيڪو ان دور ۾ سنڌ جي خوشحالي جو ثبوت آھي. رُگ ويد ۾ سنڌ جو ذڪر 30 ڀيرا آھي جنھن ۾ سنڌ کي ستن دريائن جو خوشحال ملڪ ڪري ڪوٺيو ويو آھي.
“رُگ ويد” ۾ سنڌو بابت ڪيئي مقدس چوڻيون آھن. رامائڻ ۾ به سنڌ بابت رام چندر جي ياترا جو ذڪر آھي، ڪتاب جا پڙھندڙ ان جا مستند ريفرنس ڪتاب ۾ پڙھي سگھندا. پراچين تاريخ ۾ سنڌ جي افاديت جي ذڪر کي ڊاڪٽر ھاليپوٽي مضبوط ريفرنسز سان بيان ڪيو آھي.
رابندر ناٿ ٽئگور جو ھندستان جي قومي تراني ۾ ذڪر کان وٺي ڪاليداس جي مشھور ۽ خوبصورت نظم “ميگھ دوت” ۾ سنڌ جي خوبصورتي جو ذڪر تائين، اھڙا انيڪ ذڪر ڪري سنڌ جو جيڪو نقشو ڊاڪٽر صاحب چٽيو آھي اھو سندس محنت ۽ ريسرچ جو ڪمال آھي.
ڪتاب ڏاڍو مفصل آھي، ھڪ مڪمل چيپٽر سنڌين جي ڊي اين اي بابت آھي. جنيٽڪ اٽلس(Genetic atlas of Human genomes) مطابق ميٽو ڪانڊريل اي ؤ(Mitochondrial eve) کان وٺي سنڌين جي “ڊي اين اي” جي 60000 سالن جي سفر جي ڪھاڻي ڏاڍي سائنسي طريقي سان بيان ڪيل آھي، جيڪو ھڪ مڪمل سائنسي آرٽيڪل آھي.
ورهاڱي جا سور، سنڌ جي سياست ۾ جي ايم سيد جا سنڌ بابت فيصلا، مسجد منزل گاھ جو فساد، اللهَ بخش سومرو جي سيڪيولرزم ۽ سندس قتل، تمام متوازن ۽ اڻ ڌري انداز سان بيان ڪيل آھن جيڪو ليکڪ جو متوازن ھجڻ جو ثبوت آھي.
پير پاڳارو:
پير پاڳاري تي لکيل ڀاڱي ۾ سورھيه بادشاهه کي جي ايم سيد جي مسلم ليگ ۾ شموليت جي دعوت جي جواب ۾ سورھيه بادشاھ جو پيرائتو جواب جيڪو تاريخ صحيح ثابت ڪيو تمام سھڻي نموني سمجھايل آھي.
لمبرڪ جي ڪتاب“Terrorist” ۾ پير پاڳاري سيد صبغت الله شاھ راشدي تي ڪوڙا الزام. حرن جو آزادي جي تحريڪ ۾ سندن ڀاڱو ۽ حصو، بينگال ۾ رتنا گري جيل ۾ پير سائين جو بنگالي قومپرستن سان دوستي، پانڊيچري واري سنت اربندو گھوش ۽ سڀاش چندر ڀوش سان ھم خيالي پير سائين جي سياسي تربيت ۾ ڪيئن ڪم آيا ان جو ذڪر شايد ڊاڪٽر ھاليپوٽي ڪتاب جي وڏي ٿي وڃڻ جي خوف سبب مختصر ڪيو آھي.
ھڪ ڳالھ جو آئون شاھد آھيان جيڪا ھاليپوٽي صاحب ڪئي آھي ته پير صاحب مردان شاھ دوئم پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي ويجھو ھو. منھنجو والد صاحب پير صاحب پاڳاري مردان شاھ دوئم جو وڪيل به ھو منھنجون ساڻس ڪنگري ھائوس ۽ پير ڳوٺ ۾ ڪيئي ملاقاتون يادگيري ۾ آھن. ملاقاتن ۾ فقير امين مڱريو اڪثر ساڻ ھوندو ھو، جيڪو منھنجي والد صاحب جو خاص عزيز دوست ھو. پير صاحب تي گھڻن ئي روشن خيال ڌرين جو اھو الزام ھوندو ھو ته پاڻ اسٽيبلشمينٽ جي سدائين حمايت ٿا ڪن.
پير سائين مردان شاھ دوئم جماعت ۽ ماڻھن جي خوشحالي ۽ بحالي لاءِ جيڪو گھڻو عرصو انگريز سامراج جي ڏاڍ ۽ لوڙھن ۾ رھڻ ڪري پسماندگي ۾ ھليو ويو ھو ان کي بحال ڪرڻ لاءِ جيڪا خاموشي اختيار ڪئي ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان ٺاھ ۾ رھيا اھو ان جو جائز جواز ڪري بيان ڪندا ھئا. ورھاڱي ۽ آزادي کانپوءِ به انگريزن جي ڏاڍ واري پاسي جو برقرار ھجڻ، لوڙھن جو قائم رھڻ ۽ لياقت علي خان جو گادي بحال نه ڪرڻ ۽ انگريز جي پاليسين کي برقرار رکڻ جي فيصلي جي نتيجي ۾ حرن جو تعليم ۽ روزگار جي مشڪلن ڪري پير سائين مردان شاھ دوئم ڪجھ وقت وقفو ورتو جنھن کي ڪجھ سياسي ورڪر ٻي نموني بيان ڪندا آھن.
ڊاڪٽر ھاليپوٽي اھي سڀ ڳالھيون تمام متوازن نموني ريسرچ ۽ ايمانداري سان بيان ڪيون آھن. ڊاڪٽر ھاليپوٽي جو ھي ڪتاب سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاھر رھندڙ سنڌ جي نوجوانن لاءِ ھڪ اھڙو ريسورس مٽيريل آھي جنھن کي ھڪ ڪتاب بدران ڪيئي ڪتاب چئي سگھجي ٿو.