بلاگنئون

آئيس جو  نشو ، زندگيءَ ۾ هڪ وجودي بحران‎

انساني وجود جي بنياد ۾ شعور، فڪر ۽ آزاديءَ جي ڳولا جو عنصر شامل آهي، جيڪو انسان کي ٻين مخلوقن کان ممتاز ڪري ٿو، پر جڏهن انسان شعور جي ان اعليٰ مقام تان لهي، پنهنجي نفس کي اهڙين قوتن حوالي ڪري ڇڏي ٿو، جيڪي ان جي سوچ، احساس ۽ وجود کي مفلوج ڪن ٿيون ته پوءِ اهو انسان پنهنجي اصل کان پري ٿي وڃي ٿو. آئيس جي عادت به اهڙو ئي هڪ خوفناڪ رستو آهي، جيڪو انساني روح، ذهن ۽ جسم کي قيد ۾ آڻي ڇڏي ٿو.آئيس جيڪا ميٿمفيٽامين جو هڪ خطرناڪ روپ آهي، اڄڪلھ اسان جي نوجوان نسل کي پنهنجي وَرُ ۾ وڪوڙي کنيو وڃي رهي آهي. هيءَ منشيات نه رڳو جسم کي ڇڪي ۽ نپوڙي ڇڏيندي آهي، پر ذهن کي به هڪ عجيب ۽ بيگاڻي دنيا ۾ ڌڪي ڇڏيندي آهي. آئيس جي عادت ۾ گرفتار ماڻهو پنهنجي حقيقت کان ڪٽجي، هڪ اڻڄاڻ دنيا ۾ رهڻ لڳن ٿا، جتي نه خوشي هوندي آهي ۽ نه ئي سڪون.

انسان پنهنجي شعور ذريعي دنيا جي معنيٰ ۽ مقصد کي ڳولهي ٿو، پر آئيس جهڙي خطرناڪ منشيات انساني دماغ ۾ اهڙيون ڪيميڪل تبديليون آڻي ٿي، جيڪي شعور جي روشني کي اونداهي ۾ تبديل ڪن ٿيون. آئيس انسان جي نفسياتي نظام تي حملو ڪندي ان جي آزاد سوچ ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت کي تباھ ڪري ڇڏي ٿي. نتيجي ۾ انسان پنهنجي اختيار کان محروم ٿي، هڪ اهڙي حالت ۾ اچي ٿو، جتي ان لاءِ وقت، زندگي ۽ سماجي قدرن جو ڪوبه تصور باقي نه رهي ٿو.

ھن نشي کي استعمال ڪندڙ ماڻهن جو ذهن ڊپريشن، بيچيني ۽ ڪڏهن ڪڏهن خودڪشي جي خيالن سان گڏ ڏٺو وڃي ٿو. هيءَ حالت ان کي سماج کان پري ڪري ڇڏيندي آهي ۽ هو پنهنجي خاندان ۽ دوستن کان به ڌار ٿي ويندا آهن.

آئيس جي عادت نه رڳو جسماني صحت کي تباھ ڪري ٿي، پر هڪ اهڙي نفسياتي اڪيلائي پيدا ڪري ٿي، جنهن کي وجودي “بيگانگي”(Alienation)  سڏجي ٿو. هي بيگانگي انسان کي پنهنجي ذات، سماج ۽ ڪائنات کان الڳ ڪري ڇڏي ٿي. اهو فرد پنهنجي ئي دنيا ۾ قيد ٿي وڃي ٿو، جتي نه محبت آهي، نه ساٿ، نه شعور، جيڪو انساني روح لاءِ سڀ کان وڏو عذاب آهي، ڇو ته انسان پنهنجي وجودي معنيٰ صرف ٻين سان تعلقن ۽ ڪائناتي ڳولا ۾ ڳولي ٿو.

آئيس جو استعمال دماغ جي قدرتي ڪيميائي توازن کي بگاڙي ڇڏي ٿو. هيءَ ڊرگ دماغ ۾ ڊوپامائن جي سطح کي غير معمولي طور تي وڌائي ٿي، جنھن جي ڪري ماڻهو هڪ عارضي خوشيءَ جي حالت ۾ پهچي ويندو آهي، پر جڏهن هي اثر ختم ٿئي ٿو ته دماغ پنهنجو قدرتي توازن واپس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو، جنھن جي ڪري ماڻهو ٻيهر ۽ ٻيهر انھيءَ ڊرگ جو استعمال ڪرڻ لڳي ٿو. هن عمل ۾ دماغ جي قدرتي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي ۽ ماڻهو ذهني طور تي مفلوج ٿي ويندو آهي.

آئيس جي عادت انساني آزاديءَ جي مڪمل ترديد آهي. اها انساني وجود کي هڪ اهڙي غلاميءَ ۾ مبتلا ڪري ٿي، جتي هو پنهنجي خواهشن جو قيدي بڻجي وڃي ٿو. هي غلامي انساني وجود جي اها حالت آهي، جيڪا فڪر، شعور ۽ انساني عظمت کي ختم ڪري، ان کي هڪ بي مقصد وجود ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿي.

پر سوال اهو آهي ته ڇا آئيس جي عادت کان ڇوٽڪارو ممڪن آهي؟ طبيبن جو جواب آهي، “ها”، پر ان لاءِ شعور جي ٻيهر بيداري، وجودي معنيٰ جي ڳولا ۽ زندگيءَ جي قدرن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. انساني وجود پنهنجي اندر طاقت رکي ٿو ته هو پنهنجي خواهشن ۽ عادتن کي شڪست ڏئي سگهي. بحاليءَ جو عمل نه رڳو هڪ نفسياتي جدوجهد آهي، پر اهو هڪ شعوري ۽ وجودي جدوجهد پڻ آهي.

آئيس جي عادت ذهني صحت تي ڪيترائي منفي اثرات وجھي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اھو ماڻهو چريائپ جي حد تائين پهچي ويندو آهي. بحالي جو عمل ڪافي ڏکيو هوندو آهي، پر ناممڪن ڪونهي. علاج ۽ ريھيبيليٽيشن سينٽرن جي مدد سان مريض پنهنجي ذهني صحت کي واپس حاصل ڪري سگهن ٿا، پر هن لاءِ خاندان ۽ سماج جي مدد گهربل هوندي آهي.

حڪومت جو فرض آهي ته اهو رڳو قانون لاڳو ڪرڻ تائين محدود نه رهي، پر هڪ اهڙي شعوري سماج جي تعمير ڪري، جتي نوجوان نسل کي پنهنجي وجودي معنيٰ، زندگيءَ جي مقصد ۽ انساني عظمت کي سمجهڻ جي تربيت ملي. حڪومتي پاليسيون سماج جي بنيادي قدرن کي مضبوط ڪرڻ ۽ انساني شعور کي بچائڻ لاءِ هجڻ گهرجن.

حڪومت آئيس جي لت کي روڪڻ لاءِ ڪجھ قدم کنيا آهن، پر اهي اڃان تائين ناڪافي آهن. ڪجھ ريھيبيليٽيشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جتي آئيس جي نشي ۾ گرفتار ماڻهن کي علاج جي سھولت ڏني وڃي ٿي، پر سماج ۾ آگاهي پکيڙڻ ۽ نوجوانن کي تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. حڪومت کي ان نشي جي خلاف وڌيڪ سخت قانون لاڳو ڪرڻ گهرجن ۽ نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ مشغول ڪرڻ لاءِ منصوبا ٺاهڻ گهرجن.

آئيس جي عادت هڪ وڏو سماجي مسئلو آهي. هن کان بچڻ لاءِ گهڻي سطح تي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اسين هن خطرناڪ نشي کان پاڻ ۽ پنهنجن عزيزن کي بچائي سگهون ٿا. حڪومت کي به هن مسئلي کي اڃان وڌيڪ سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي ۽ نوجوانن جي مستقبل کي بچائڻ لاءِ ڪارروايون ڪرڻ گهرجن.

آئيس جي عادت هڪ بيماري آهي، جيڪا علاج جي سڃاڻپ سان ئي ختم ٿي سگهي ٿي. ان جي روڪٿام لاءِ اسان کي جدوجهد شروع ڪرڻي پوندي، جيڪا انسان کي ان جي اصل شعور ۽ وجود جي طرف واپس وٺي وڃي. زندگيءَ جو مقصد صرف جياپو ناهي، پر پنهنجي شعور جي مڪمل ادراڪ ۽ انسانيت جي خدمت آهي.