هڪ ادبي استاد جو وڇوڙو شوڪت اڄڻ July 2020
سنڌي ادب جي نواڻ پسند نقاد ۽ سهڻي شاعر تاج بلوچ، ڌرتي ۽ سرتي سان نڀائڻ، ڪارڙن ۽ ڪوجهڙن جو آئندو اجرو ڪرڻ ۽ محبوبه سان ملڻ واسطي الائي ڪيترا دفعا موت کان، انتهائي پيار ۽ پاٻوهه سان مهلت گهري هوندي، پر 4 جون 2020ع تي انسان جي آجپي جي خوابن جي گهر ۽ سندس محبوبه جي محل سندس حسين دل بيهڻ ڪري هن دنيا کي الوداع چئي ويو:
ايئن چئي موت کي روڪيو هوندو،
ٿورڙو ترس، هو ايندو هوندو.
پر پوءِ به هو نه آيو، اردو ادب جي انقلابي شاعر فيض احمد فيض جي نظم “ديکين گي، لازم هي هم ڀي ديکين گي، وه دن ڪي جس ڪا واعده هي!” جي مصداق تاج به الائي ڪيترو ته انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪيو ۽ اڻ کٽ انتظار، انتظار ئي رهيو جيڪو شايد پاڻ به سمجهي چڪو هو ۽ سندس هڪ خوبصورت غزل ۾ ڏاڍي پيڙا ۾ اظهاريو هئائين ته:
جنهن جي تڪميل ۾ صديون گهرجن،
مان اهو گيت اڌورو آهيان.
سنڌ جو سرتاج شاعر ڀٽائي ته پرينءَ جهڙي، اهڙي حسين ڏينهن جو انتظار، قيامت تائين ڪرڻ کي به اوڏڙو ٿو ڀانئين:
جي قيام، مِڙن ته به اوڏا ڀانئج سپرين،
تهان پري سجهن، واڌيون وصال جون.
بس انسان جي آجپي جي اهڙي حسين خواب ۽ “ڪاڪ تڙ” ڏسڻ جي خواهش به ڪنهن ڪنهن انسان جي من ۾ ڏوهاري سچ جيئن کاٽ هڻي ٿي ۽ ان جو سڄو چين کسي ٿي ۽ پوءِ ڪير چئي يا نه چئي، ڪوئي انجام ڏئي يا نه ڏئي پر هو بيچين ۽ آسوند سدائين انتظار ۾ هوندو آهي. تاج به سراپا اهڙي ڪيفيت جي ڪيف جو انسان ۽ شاعر آهي:
هن اچڻ لاءِ چيو ڀي ناهي،
پوءِ ڇو راهه ۾ بيٺو آهيان.
ابتدائي طور ته تاج به ارتقائي مرحلن مان گذرندو نظر ٿو اچي ۽ پاڻ جز هوندي به پاڻ کي اڪيلو ڦٽيل ٿو محسوس ڪري ۽ چوي ٿو ته:
جنهن ۾ نفرت جا وڌا ويا سڪا،
مان اهو پيار جو ڪشتو آهيان.
زخم هڪڙو ڪو هجي سو چيٺيان،
آئون ساروئي ڦٽيو پيو آهيان.
پر پوءِ تاج کي سُتت ئي سُرت اچي ٿي وڃي ته اهڙي حسن ۽ حق جو جنهن به دل تي پرتوو پئي ٿو ته پوءِ اها دل مست مدام ٿيو پئي ۽ هر دور ۾ اهڙي دل اهڙو بيچين روح طعنن، مهڻن، پٿرن ۽ صليبن لاءِ تيار هوندو آهي:
منهنجا احساس صليبن تي ٽنگيل،
آئون هر دور ۾ پيڙيو آهيان.
اهڙو بيچين روح جڏهن حسن ۽ عشق جي راهه تي هلندو آهي ته کيس محسوس ٿي ويندو آهي ته حسن ۽ عشق جي راهه تي ڪو ٻواٽو آهي ئي ڪونه، بلڪه اها ته سڌي راهه آهي جتي حسن ۽ عشق هڪ ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ ڀٽائي چواڻي ته: “پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا”، ايئن اهو بيچين روح ٻيائي کي ٻک وجهي، ملهه ماري، منزل حقيقي تي پهچي ٿو ۽ دورانِ سفر الائي ڪيترا مشاهدا ماڻي ٿو. انسانن جي انتهائي اڪثريت اهڙي راهه جي سفر جي ڪوشش به نٿي ڪري ۽ اهي مٽيءَ جا ماڻهو واپس مٽيءَ سان مليو وڃن، اهي ماڻهو نه سوچين ٿا، نه سلجهن ٿا ۽ نه تدبر ڪن ٿا ۽ نه وري پنهنجي مٽيءَ کي ڪا معنيٰ ڏين ٿا. قرآن ۾ اهڙن ماڻهن کي چوپايو مال چيو ويو آهي ۽ سارتر پنهنجي فلسفي ۾ اهڙن ماڻهن کي مٽيءَ جو پنوڙو چئي ٿو. ڇو ته مٽيءَ جي ماڻهوءَ کي ماڻهو ٿيڻ لاءِ ٻيهر پنهنجي پاڻ مان جنم وٺڻو پوندو آهي جيئن ڀٽائي چيو آهي ته: “ٻيهر ڄاپي ڄاڻ اِبر جي اوصاف کي” تيئن ڪو ڪو ماڻهو يا ايئن کڻي چئجي ته ڪو بيچين روح ئي اهڙي اڙانگي راهه تي هلي عذاب جا عين مشاهدا ماڻيندي، سچ جو زهر پيئندي پنهنجي مٽيءَ جي وجود کي نئين معنيٰ ڏيندو آهي. پنهنجي وجود جي اهڙي نئين معنيٰ يا بصيرت کي “ادراڪ” چئبو آهي ۽ اهڙو ادراڪ به هر انسان جو پنهنجو پنهنجو هوندو آهي. اهو ادراڪ ئي انسان جو حقيقي تعارف آهي. جيئن قرآن چيو آهي ته: “ماڻهو اهو آهي جيڪا هو ڪوشش ڪري ٿو” يعني ڪوشش ۽ ڪوشش کانپوءِ حاصل ٿيل بصيرت ۽ ان تي صالح عمل ئي ماڻهوءَ جي معنيٰ آهي. تاج بلوچ پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي روح روان مشاهدي ۽ منزل کي پنهنجي بهترين غزل ۾ انتهائي اعليٰ نموني اظهاريو آهي، جنهن ۾ فن سان گڏ فڪر ۽ فلسفي جي ڏاڍي گهرائي محسوس ٿئي ٿي:
ڪنهن جو آڳو نه ڪو پيڇو آهيان،
پنهنجي ادراڪ جو پاڇو آهيان.
جنهن ۾ صدين جي ملي ٿي پيڙا،
مان خوشيءَ جو اهو لحظو آهيان.
اهڙو بيچين روح پاڻ اظهارڻ کان اڻجهل هوندو آهي. گمنامي ۾ يا مامَ ۽ ماٺ ۾ مشڪل سان جي سگهندو آهي. درد جي لذت جا مشاهدا ماڻيندي ايڏو دلير ٿي ويندو آهي جو محبوب جي نالي تي مليل طعنو به هن کي محبوب لڳندو آهي. هو ڪنهن به خوف ۽ لالچ کان آجو ٿي ويندو آهي. عشق ۾ ايترو ته تحليل ٿي ويندو آهي جو جيڪا ڳالهه زمانو بدنامي سمجهي، ان کي هو ڀاڳ سمجهندو آهي ۽ هن ۾ ايڏي ته ارڏائي اچي ويندي آهي جو هو بدنامي جي هر خوف کان آجو ٿي محبوب جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي يا محبوب هن جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. تاج به عشق جي راهه ۾ اهڙو ئي بي ڊپو رهيو، جنهن لاءِ پير اعجاز راشدي چيو آهي ته: “عاشق ٿياسين، عشق ڪيوسين، لڄ شرم کي لوڙهي، ٻئي جڳ ٻوڙي” تاج عشق جي راهه ۾ اهڙا ته الائي ڪئين مشاهدا ماڻيا هوندا، پر هڪ عشق ته اسان به سندس ڏٺو جنهن عشق، هن کي ڪورٽ تائين حاضريون ڀرڻ جي بدنامي عطا ڪئي، پر هن بي ڊپائي سان بدنامي اکين تي رکي. تاج عشق جي اهڙي واردات کي ڏاڍي سهڻي نموني بيان ڪيو آهي:
مرڻ گمنام عاشق جيئن، ڪٿي هو پاڻ کي منظور،
وڏي ارڏائي سان آهي، قبولي تاج رسوائي.
يا
طنزن آهه خانه ويراني،
آءُ هيڪر پرين کي پير ڀري.
تنهنجو هي درد به عنايت آ،
ڪير اهڙا ڀلا ٿو قرب ڪري.
فرد جي عشق ۾ ۽ حسن جي جهڙپ ۾ ڦاٿل ته تاج کي اسان مرڻ گهڙي تائين ڏٺو، پر قوم جي درد ۽ انسان جي آجپي ۽ برابري جو احساس هن کي عشق جي حد تائين کائيندو رهندو هو. هن وٽ سنڌي قوم ۽ ڪل انسان جو آجپو، سالم عشق جيئن آخر تائين زنده رهيو. هن فقط محبوبائن جي حسن ۽ شوخ جوانين کي ناهي ڳايو، پر قوم ۽ ڪل انسان، هن جي درد جو حاصل ۽ سڄي شاعري جو اهم موضوع آهن:
جنهن سدا شوخ جوانين جا لکيا گيت غزل،
تاج سو ڳائي پيو قوم جا نغمه يارو.
جنهن ڏٺي ناهي صورت صحرا يارو،
ٿر جي حالت تي وهائي ڪو ڳوڙها يارو.
سنڌ صدين کان حيات آهي، سدائين رهندي،
خون دل سان سندس سينڌ سنواريو يارو.
يا
ڪيئن لکان چنڊ ستارن جون ڪهاڻيون،
ڪيئن لکان مست بهارن جون ڪهاڻيون.
اڄ جو انسان ڳڀي لاءِ ٿو تڙپي،
ڪيئن لکان، ڪيئن نظارن جون ڪهاڻيون.
سنڌ، سنڌي قوم ۽ ڪل انسان جي آجپي جو سدا حيات اونو ئي هو جنهن تاج بلوچ کي شاعر سان گڏ ايڊيٽر ۽ نقاد بڻايو. هن کي خبر هئي ته قوم ۽ انسان جي صحيح تربيت لاءِ مدي خارج خيالن کي نيڪالي ۽ سدا حيات وهندڙ نديءَ وانگر خيالن جي نواڻ ضروري آهي. منسوخ خيالن کان آجپو جديد ۽ ناسخ خيالن جي ذريعي ملندو آهي ۽ اهڙن خيالن لاءِ ايڊيٽر شپ ۽ تنقيد ادب ۽ ساڃاهه جي ميدان ۾ هڪ رندي ۽ روشنيءَ جو ڪم ڏين ٿا. هڪ اهڙي خيال، تخيل، تخليق يا فن، جنهن ۾ گهڙاوت جي اڃان به گنجائش آهي، اتي تنقيد ۽ ايڊيٽر شپ جو رندو ان کي اڃان به سهڻو ڪري سنوت ۾ آڻي ٿو. انهيءَ ڪري تاج بلوچ 1971ع کان دولت مهتاڻي ۽ سندس ساٿين جي نڪرندڙ رسالي “سوجهرو” جو ساٿي رهيو، ان جي بند ٿيڻ کانپوءِ “لطيف” نالي ماهوار رسالو ڪڍيائين ۽ پوءِ وري “سوجهرو” رسالو پاڻ ڪڍيائين جنهن سان مرڻ گهڙيءَ تائين واڳيل رهيو، اهو “سوجهرو” رسالي جو اجراءَ، ان جي ايڊيٽر شپ ۽ ان ۾ ڇپيل سندس بي بها “ٽچ مي پليز” جي نالي سان تنقيد ئي آهي جنهن جي ڪري آئون تاج بلوچ کي ادبي استاد چوان ٿو. ان رسالي، ان جي ايڊيٽر شپ ۽ تنقيد جي ذريعي تاج بلوچ سنڌ ۾ اڻ ڳڻيا پڙهندڙ ۽ سوين ليکڪ پيدا ڪيا جيڪي سنڌي ادب جي زمين کي پاڻي ڏيندا رهندا ۽ ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندا رهندا. ايڊيٽر شپ جي فن ۾ ايترو اڻ بخشيندڙ هو جو ڪاما ۽ زير زبر جي غلطي کان وٺي جملي جي بيهڪ ۽ خيال جي روانيءَ تائين چڪاس ڪندو هو جنهنڪري سنڌي جا سٺا ڀلا ليکڪ به تاج کان هميشه ناراض رهندا هئا. ايڊيٽر شپ جي اهڙي نمايان ڪردار جي حوالي سان تاج هميشه اڪيلو ئي رهيو ۽ اديبن جي ڪنهن به لابيءَ ۾ فِٽ نه ٿي سگهيو.
سنڌي ادب ڏانهن نظر ڪجي ته تنقيد ته اسان کي شايد ئي بانبڙا پائيندي نظر اچي. شاعر ته اڻ ڳڻيا آهن، پر نقاد آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا. تاج بلوچ اهڙي ميدان ۾ خوبصورت انداز سان پاڻ ملهايو ۽ سنڌي ادب ۾ نقاد جي حيثيت سان هڪ نمايان جڳهه حاصل ڪئي. پاڻ هميشه مطالعو جاري رکندو هو، جنهنڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي خيالن، تنقيدي ڪسوٽين ۽ جديد ادبي تحريڪن ۽ لاڙن کان هميشه باخبر رهندو هو ۽ اهڙي سچيتائيءَ هن کي بي رحم نقاد بڻايو. تنقيد ڪرڻ وقت، لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ هو بلڪل به بي لحاظ ٿي پوندو هو ۽ ٿورو به رک رکاءُ نه ڪندو هو. ٽي. ايس ايليٽ جي چوڻ مطابق ته: ۾“تنقيد دوستيءَ جو قرض آهي”، جيڪو هو بنا رکت جي چڪائي ڇڏيندو آهي. جنهنڪري سنڌيءَ ۾ سيکڙاٽ ليکڪ يا ته لکڻ ڇڏي ويا يا ته وري بهترين ليکڪ ٿي ويا.
مطلب ته ايڊيٽر شپ، سوجهري رسالي ۽ تنقيد جي فن تاج بلوچ جي سنڌي ادب ۾ شاعر سان گڏ هڪ ادبي استاد جي حيثيت به نمايان ٺاهي، جنهن ڪري سندس ڪئين شاگرد به ادب جي افق تي نمايان آهن. سندس تازي وڇوڙي کي آئون “هڪ ادبي استاد جو وڇوڙو” چوان ٿو، جنهن کي سنڌ سدائين ياد رکندي. سندس سڄو پورهيو ۽ ٻيلپو ڪارڙن، ڪوجهڙن، ٻارڙن ۽ غربت جي زنجير ۾ جڪڙيل انسانن جي آزادي ۽ آجپي لاءِ آهي جنهن لاءِ هو اکيون پوري به پُر اميد آهي:
محبوبه ڏانهن
ڪڍي سين ڪاڻ دنيا جي،
ڪيوسين ٻيلپو ڏاڍو،
ته ڪوجهن ڪارڙن
ڪجهه ٻارڙن جو آئيندو اجري.
انهيءَ جاکوڙ ۾ جانان
رلي ويو نينهن پر پنهنجو!!
متان مايوس ٿي آهين
سسيءَ ۾ ساهه جيسين آهه
اڃا آ ٻيلپو ڪرڻو
اڃا جاکوڙ ڪرڻي آهي.
جيسين ڪوجهڙن ۽ ڪارڙن
سڀ ٻارڙن جو آئيندو اجري.

