ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تازو جنگ جي جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي. انهيءَ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۽ واپار کي متاثر ڪرڻ شروع ڪيو آهي. نتيجي ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ 7 سيڪڙو تائين اضافو ٿي ويو آهي. جنگيون انسانيت جي خلاف ڏوهه آهن. اسرائيل ايران جي عوام سان گڏ سڄي دنيا جي امن پسند ماڻهن کي آزمائش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
عالمي معيشت جا ماهر چون ٿا ته جيڪڏهن وچ اوڀر ۽ لاڳاپيل ملڪن ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهي ٿي ته مسافري کان وٺي واپار ۽ دنيا جون اسٽاڪ مارڪيٽون متاثر ٿينديون. سيڙپڪار سوچي سمجهي پنهنجو سرمايو سيڙائيندا. نتيجي ۾ انهيءَ جا اثر ترقي پذير ۽ ترقي يافته معيشت ٻنهي تي پيا آهن. اهو تنازعو اسانجي ملڪ پاڪستان جي قريب ترين پاڙيسري ملڪ ايران سان لاڳاپيل آهي. پاڪستان ايران سان 909 ڪلو ميٽر طويل سرحد رکي ٿو. انهيءَ سڀني مسئلن جي باوجود پاڪستان جي بهتر خارجه پاليسي جي ڪري عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي حيثيت تمام اهم آهي. تازو ڀارت سان جنگ ۾ اسانجي فتح اسانجي فوج ۽ فضائيه جي بهتر ڪارڪردگيءَ جو نتيجو آهي ۽ دنيا اسانجي عسڪري صلاحيت کي تمام گهڻي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ڇو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو پنهنجي پرڏيهي پاليسين ۾ هڪ پرامن ۽ پنهنجي دفاع جي لاءِ پنهنجي دفاعي پاليسيءَ تي عمل ڪري رهيو آهي.
هن وقت اسرائيل جو ايران تي حملو هڪ غير مهذب قدم چئي سگهجي ٿو، جنهن جي ڪري دنيا جي معيشت ۽ امن متاثر ٿيا آهن. تيل، سون ۽ ڊالر جون قيمتون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن ۽ انهن جو اثر سڄي دنيا سان گڏ اسانجي ملڪ تي به پوندو. مهانگائي جي نئين لهر جي لاءِ پاڪستان جي عوام کي تيار رهڻ کپي. هتي اها ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ته اسانجي ملڪ کي هن نئين عالمي بحران جي ڪري نه لهر ۽ نه لوڏو آهي.
پاڪستان جو ڪردار جيئن ته هڪڙي اهم ملڪ جي طور تي علاقائي هجڻ سان گڏ عالمي پڻ آهي. تڏهن اسانجي ملڪ کي عالمي ۽ علاقائي، سياسي ۽ سفارتي ڪوششن سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ايران جي عوام سان گڏ سڄي دنيا جي عوام جي مدد ڪرڻ گهرجي. سڄي دنيا سمجهي ٿي ته اها جنگ بند ٿيڻ گهرجي ۽ ديرپا امن لاءِ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. اسانجي دنيا امن لاءِ ۽ زندگي لاءِ آهي. انهيءَ کي جنگن ۽ انساني حياتي جي قيمت ۾ نه بدلايو وڃي.
اسرائيل جي جارحيت جي ڪري موجوده وقت ۾ دنيا جو عوام اڄڪلهه ۽ اڳتي هلي مهانگائي، واپار ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾ نقصانن کي برداشت ڪندو. اسرائيل جي انسانيت لاءِ بي پرواهي ناقابل معافي آهي. تيل جي پيداوار ۽ واپار ۾ دنيا جا 4 ملڪ عالمي اڳواڻ آهن. روس، سعودي عرب، آمريڪا ۽ ايران انهن ۾ شامل آهن. ايران جي تيل جي پيداوار اڃا به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ايران تان عالمي پابنديون هٽايون وڃن. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تصادم جي پراڻي تاريخ آهي. ملڪن جي وچ ۾ تصادم هجن ۽ جنگيون هجن، اهو ضروري ته ناهي. عالمي برادري، اقوام متحده کي دائمي ۽ ديرپا امن لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن دنيا جا ماڻهو انهيءَ تنازعي جي ڪري مسئلن جو شڪار نه ٿين. انهيءَ جنگ جي ڪري عالمي واپار جي مارڪيٽ ۾ وڏي هلچل اچي وئي آهي.
اها ڪا گهٽ ڳالهه ته ڪونهي. اسرائيل جي حملي کانپوءِ عالمي منڊين ۾ تيل جون قيمتون 7 سيڪڙو وڌي ويون آهن. اسٽاڪ مارڪيٽون پٽ تي پيون آهن. ڊالر جي قيمت ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. تيل جي قيمتن متعلق مستقبل جي معاهدن تي هڪ موقعي تي 13 سيڪڙو اضافو به ڏسڻ ۾ آيو آهي. انهيءَ اوچتي اضافي جي ڪري مهانگائي رڳو اسانجي عوام جو مسئلو ڪونه رهندو، پر اهو سڀ عالمي مهانگائي ۾ تبديل ٿي ويندو. عالمي برادري ۽ اقوام متحده کي اپيل آهي ته انهيءَ جنگ جو فورن خاتمو ٿئي. ڇو سموري دنيا جو عوام جنگين جي قيمت ادا ڪري؟