بلاگنئون

بگهڙ صفت طالبان ۽ افغانستان جو مظلوم عوام

افغان سماج ۽ ان جي ثقافت جي ترقي ۽ واڌ ويجھه تي سامراجي ۽ رجعتي حملا جيتوڻيڪ غازي امان الله خان جي پسنداڻن سڌارن جي وقت کان شروع ٿيا. باوجود ان جي جڏهن افغانستان ۾ سرد جنگ جا پراڻا رانديگر 1979ع ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي مداخلت کانپوءِ ٻيهر آمهون سامهون ٿيا ته آمريڪا جا ڳجها ادرا افغان جنگ ۾ پنهنجين اتحادين سان گڏجي ڪري خطي جي رجعتي قوتن جي ڀرپور پٺڀرائي ڪرڻ لڳا. انهن جهادي قوتن کي پهرين مرحلي ۾ سرحد پار باقاعده فوجي تربيت ڏني ٿي وئي. پوءِ کين هٿيارن سان هٿياربند ڪري غيرن جي جنگ جو ٻارڻ بڻايو ٿي ويو. مذهبي جهاد جي ليبل تي وڙهڻ وارن جي وسيلي پيٽرو ڊالرز جي بدلي افغانستان ۾ سوويت فوجين سان گڏ ويڙھ ۾ اهڙي تباهي مچائي وئي ته هڪ وڏي انگ ۾ ماڻهو افغانستان ڇڏي پاڙيسيري ملڪن جيئن ته پاڪستان ۽ ايران ۾ پناهه وٺڻ لڳا. ٻئي پاسي پاڪستان ۽ ايران جي مهاجر ڪيمپن ۾ نئين افغان نسل تي رجعتي ڪم شروع ڪيائون. جنگ جي لاءِ نئون ٻارڻ ميسر ڪرڻ جي لاءِ انهن ڪيمپن ۾ نام نهاد تعليم جي بهاني افغان ماڻهن کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ ثقافت کان ڪٽي ڪري مذهبي بنياد پرستي ۽ جنونيت جي سڃاڻپ ڏني ٿي وئي. واشنگٽن پوسٽ 23 مارچ 2002ع جي شماري ۾ جيڪو اسٽيفنز ۽ ڊيوڊ بي اوٽاوي هڪ آرٽيڪل ۾ بيان ڪيو ته انهن مهاجر ڪيمپن ۾ پڙهائڻ واري دري ۽ پشتو ٻولين جا ڪورسي ڪتاب 1980ع جي شروعات ۾ نبراسڪا اومايا يونيورسٽي ۽ ان جي سينٽر فار افغانستان اسٽڊيز ۾ يو ايس ايڊ جي امدادي گرانٽ کان تيار ڪيو ويو. 1984ع کان  1994ع جي دوران ان ڪم جي لاءِ نبراسڪا يونيورسٽي کي 51 ملين ڊالرز جي رقم ميسر ڪئي وئي. انهن ڪتابن ۾ ٻارڙن جي قاعدن ۾ ٽينڪن، ميزائيلن، بارودي سرنگن ۽ گولين جي تصويرن جي مدد سان حساب ڪتاب سيکاريو ويندو هو. نام نهاد مجاهدين کي افغانستان جا هيروز ۽ مذهبي ڇوٽڪاري واري طور تي پيش ڪيو ويندو هو. افغانستان جا حقيقي هيروز جن ۾ غازي امان الله خان جهڙا ماڻهو شامل هئا، جي ترقي پسند سوچ کي ڪافر سڏي پيش ڪيو ٿي ويو ۽ ان جهڙن سمورن سامراج دشمنن، انقلابين ۽ افغان سماج ۽ مظلوم طبقن جي سچن نمائندن جي ڪردار ڪشي ڪئي ٿي وئي ۽ نفرت جي قابل ڪردار جي طور تي پيش ڪيو ٿي ويو ۽ ان جي بدلي اهڙا تشدد ڀريا ۽ رجعتي پيغام انهن معصوم ذهنن ۾ اوتيا ٿي ويا ته اهي پنهنجي سڃاڻپ ۽ تاريخ کان هڪدم ڪٽجي ٿي ويا. نئون نسل ٻاهرين سامراجي ارادن، پيٽرو ڊالرز جي حاصلات ۽ نام نهاد جهاد جي نالي سان نبراسڪا يونيورسٽي جي نصاب جي تحت جنوني بڻجي چڪو هو ۽ فيبروري 1988ع ۾ سوويت يونين جي فوجين جي وڃڻ کانپوءِ پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ ائين افغانستان کي هڪ ڊگهي خوني گهرو ويڙھ ۾ ڌڪي ڇڏيائون.

طالبائزيشن ۽ افغان سماج:

اڄ انقلاب ثور افغانستان جي ٺيڪ 45 سال گذرڻ کانپوءِ افغانستان ۾ طالبان ٻيون ڀيرو اقتدار ۾ آهن ۽ پنهنجي سخت گير، رجعت پرستاڻين، جنوني ۽ انتها پسنداڻين تشريحن سان گڏ افغانستان جي تهذيب، ثقافت ۽ سماج جي ترقي پسند ۽ روشن خيالي کي نيست و نابود ڪرڻ واري بيڪار عمل ۾ هڪ ڀيرو وري مصروف آهن. طالبانن جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ تي عورتن کي تعليم حاصل ڪرڻ کان هڪدم روڪيو ويو. انهن جي وڏن وڏن شهرن تائين محدود سماجي آزادي، فنون لطيفه ۾ حصيداري، ايستائين ته ڪنهن به شعبي ۾ روزگار جي حاصلات تائين اها پابندي هڻي ڪري انهن کي مڪمل طور تي مفلوج ڪيو ويو آهي. افغانستان ۾ طالبانائيزيشن جي پسمانده جبري ۽ جاهلي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي، جيڪي افغان سماج، ان جي ثقافت ۽ ان جي شعور کي نيست و نابود ڪرڻ تي راهي آهن. عورتن جي تعليم تي حملي آور ٿيڻ کان يعني شروعاتي ڏينهن ۾ ئي پراڻي افغان موسيقي کي گهٽو ڏنو ويو. افغان موسيقي ۽ ساز محبت وکيرڻ جا سامان هئا، جشن ڪابل جهڙن لوڪ ميلن ۾ محبت ۽ ميل ميلاپ جي سچن انساني جدبن جي واڌاري جو پيغام پهچائڻ جو رستو روڪڻ جي لاءِ موسيقي جي سامان جي گهر گهر تلاشي ڪري ان کي ساڙيو ويو. خوبصورت گيتن ۽ آوازن کي هٿيارن سان خاموش ڪيو ويو. هارمونيم جي نرم ڌن کي جنوني، تڪبر ۽ وحشياڻين ٽهڪن ۾ چنگيزي بربريت سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ دھل پنهنجو مٺاس واپس وٺي ڇڏي، پوءِ انهن سازن کي ائين ساڙيو ويو ڄڻ زندگي ۽ خوشي بخشڻ وارا ساز ڪافر هجن ۽ زندگي ڇنڻ وارو هٿيار ڇوٽڪاري جو رستو هجي. هيءَ ڪا لفاظي ناهي ۽ نه ئي علامتي ٺوڪ، پر طالبانن ايندي ئي پنهنجي بربريت جو مظاهرو قنڌار جي ويجهو هڪ مزاحيه فنڪار کي گوليون هڻي ان جي لاش کي وڻ تي لڙڪائي ڇڏيو. هڪ ٻيو واقعو ان کانپوءِ وري بغلان صوبي جي لوڪ فنڪار فواد اندرابي کي گهر کان گهلي ٻاهر ڪڍي گوليون هنيون ويون. اندرابي جيڪو قديم افغاني ساز غنچه سان گڏ پنهنجي وادي جي فطرتي نظارن جي تحسين ۾ لوڪ گيت ڳائيندو هو. انهيءَ ريت انهن ٻنهي واقعن منجهان هڪ جي وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ پڪتيا ۾ هڪ راڳي کي طالبانن پڪڙي ڪري اڳ ۾ ان تي تشدد ڪيائون پوءِ سندس مٿو ڪوڙائي ڪري ان جي سامهون سندس سمورا ساز ساڙيائون ۽ هن کي عوام ۾ ڪافي وقت ذليل ڪندا رهيا. هو بيوسي جا ڳوڙها ڳاڙي طالبان جنگجوئن جي سامهون پنهنجن نه ڪيل گناهن جو بار پاڻ تي وجهندو رهيو. ان قسم جي جاهليت وارن قدمن سان افغانستان منجهان موسيقي ۽ فنون و ليطفه کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ترقي پسندي، روشن خيالي، ٻڌي ۽ خوشي و اميد کي تباهه ڪيو ويو. باغي آوازن کي ڏاڍ جي سنگينن سان ماٺو ڪيو ويو. افغانستان ۾ آرٽ ۽ موسيقي سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجو وطن ۽ ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا. موسيقي افغانستان جي ثقافت ۽ سماج جي هڪ سڃاڻپ رهي آهي. ان کي افغان سماج کان الڳ ڪرڻ بيوقوفي ۽ جنونيت آهي.

رجعت جو هڪ ٻيو وحشياڻو حملو عورتن کي تعليم کان روڪڻ ۽ انهن جي تعليمي ادارن جي بندش کان ڪيو ويو. انهن قدمن کان افغانستان عورتن کان سندن خواب ۽ مستقبل کسي ڪري انهن کي چوديواري ۾ هڪ ڀيرو وري قيد ڪري ڄڻ ته زنده دفن ڪيو ويو آهي. انتها پسندي ۽ بنياد پرستي جو اهو ڍنگ ۽ سوچ  ڪا نئين ڳالھه ناهي. نه اهو پهريون ڀيرو ائين ٿيندي نظر ٿي آيو، قدامت پرستي ۽ رجعت پسندي جو اولين حملو سدائين ٽقافتن ۽ سماجن سماجن جي ڪومل، نازڪ ۽ روشن پاسن کان ٿيندو آهي. فلسفي، ساز ۽ عورت ٽنهي جو تعلق نام نهاد شيطان ۽ بديءَ سان ڳنڍي ڪري سماج جي هر فرد کي اهي انتها پسند جنوني پاڻ سان گڏ پنهنجي بدبودار ۽ اونداهين غارن ۾ منهن اوندهي لڙڪڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

نتيجو:

آمريڪي فوجين جي بزدلي واري واپسي، آمريڪي و مغربي امداد جي بندش ۽ طالبان جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ سان افغانستان ۾ جيڪا فورن صورتحال اڀري ۽ واقعا سامهون آيا. انهن سڄي دنيا کي ڌوڏي وڌو، عالمي سامراج جي علمبرداري جو منحوس چهرو جهڙي ريت سان هڪ ڀيرو وري رسوا ٿيو ان جو پڙاڏو ته خير تاريخ ۾ پڙاڏو ڪندي رهندو، پر طالبان جي ٻيهر اچڻ جي لاءِ جهڙي ريت رستو صاف ڪيو ۽ اڌ صدي کان مسلسل جنگ وارين بربادين ۽ تباهه ڪارين جو منهن ڏسڻ واري مظلوم افغان عوام کي جن جنوني بگهڙن جي سامهون ڦٽو ڪيو ويو آهي ان سان ملڪ جو انفرااسٽڪچر، معشيت، ثقافت ۽ سڃاڻپ شديد خطري ۾ پئجي وئي آهي. اهي ميووا جيڪي ثور انقلاب جي بدلي هن پٺتي پيل علائقي جي حصي ۾ آيا هئا انهن کي نيست ونابود ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو وري شروعات ڪئي وئي. آمريڪي سامراج ۽ ان جي علاقائي پٺوئن جا تخليق ڪيل اهي طالبان وڏن شهرن کان پري افغانستان جي ڏوراهن علائقن ۾ پنهنجين ڏهائين تي مشتمل انتها پسند ۽ جنگي قدمن ۽ ارادن جي مشق رکندا هئا، پر بحيثيت فاتح وڏن شهرن ۾ داخل ٿيا ته برابري ۽ گڏيل ترقي جي انفرااسٽڪچر انهن کي نه صرف پاڻ حيران ڪري ڇڏيو، بلڪه ڪمپيوٽر ليبارٽرين، ايئر پورٽس ۽ جديد اوزارن سان سينگاريل ملڪي حالت تي انهن جون وائرل وڊيوز ۾ انهن ڄٽن جي عجيب و غريب حرڪتن خوب شهريت حاصل ڪئي. قدامت پسنداڻا رويا، جڏهن پنهنجي بنياد پرستي جي سبب کان سماج جي سوچ سان ڳنڍجي نٿا سگهن ته تشدد جو سهارو وٺي انتها پسندي تي لهي اچن ٿا. جنگجو طالبان کي اهڙين حرڪتن جو شعور ڀلي نه هجي، پر انهن جا اڳواڻ گذريل تجربن ۽ ڪرمن کان ترڪتاليون ضرور سکي چڪا آهن. انهيءَ بنياد تي اهي افغانستان جي سماج جي ثقافت ۽ سڃاڻپ کي بدلائڻ تي مجبور آهن. ڪنهن غير ٻاهرين فاتح جيان انهن کي نه عوام جي بک جو فڪر آهي نه انهن جي غربت و بيروزگاري جو بلڪه اهي هڪ ڀيرو وري سماج کي ماضيءَ وارين اونداهين ڏانهن ڌڪين پيا ۽ ثقافت جي سمورين ترقي پسنداڻين باقيات کي بهانن سان مٽائڻ ۾ جٽيل آهن ۽ ان جي جاءِ تي جبري قدامت پسنداڻين سوچن جا ٻج پوکي رهيا آهن.

يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن جا نالا بدلايا ويا، عورتن کي تعليم کان محروم ڪرڻ جي لاءِ انهن جا ڪورس بدلايا پيا وڃن. وڏي انگ ۾ رجعتي تعليمي ادارن ۾ واڌارو ڪيو پيو وڃي، ايستائين ته شهرن جا نالا به تبديل ڪيا پيا وڃن. ان کانسواءِ ڪٿي تاريخي ماڳن کي بلڊوز ڪري مدرسن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، پر افغان عوام کي مذهب جي اوٽ ۾ جهالت جي گهگهه اونداهين ۾ ڌڪڻ واري راند کان ٻار ٻار واقف آهي. انهن قدمن تي رد عمل ڏيندي هڪ مظاهري ۾ شريڪ افغان نينگر چيو “هنن اها آخري پل به ٽوڙي ڇڏي آهي جيڪا مون کي منهنجي مستقبل سان جوڙي ٿي سگهي هئي، پابندي نه صرف عورتن جي تعليم حاصل ڪرڻ تي لڳل آهي بلڪه زندگي جي هر شعبي جا دروازا عورتن ناز وانا جي سر زمين تي بند ڪيا ويا آهن. ارڙھين صدي جي شاعره ۽ ليکڪا ناز وانا جنهن جو اصلي نالو نازو توخي هو جي علم دوستي کي پشتون ثقافت ۾ عورتن جي ترقي پسندي جي هڪ سڃاڻپ جي طور تي ڏٺو ويندو آهي. جيتوڻيڪ طالبان اهو نهايت ئي بيوقوفي وارو سبب گهڙي رهيا آهن ته عورتن جي تعليم افغانستان جي روايتن جي نفي آهي. ڪجهه اهڙو ئي جنوني وحشياڻو تصور علائقي ۾ ايراني ملا ڪريسي جو اڀري ٿو. جڏهن عورتن تي ڏاڍ جي هڪ ٻئي واقعي ملا ڪريسي جي جابراڻي اسٽرڪچر ڌوڏي وڌو. مهاسا اميني جي مٿي کان رئي لهڻ تي ايراني رياست ننگي ٿي وئي. تاريخ جي وحشتناڪ تشدد ملان ڪريسي رياست جا سمورا پردا هٽائي ڇڏيا، انهن جون انساني دعوائن واريون صورتون سڄي دنيا جي اڳيان آشڪار ٿي ويون، هزارين ماڻهو جن  ۾ ننڍڙا ٻار ۽ ٻارڙيون به شامل هيون، نام نهاد پوليس جي تشدد جون شڪار ٿيون، سينڪڙين فردن کي نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، جن ۾ اٽڪل سئو کن ٻارڙا شامل هئا. افغانستان ۾ به طالبائيزيشن ۽ تعليم و تمدن جي خلاف جنونين جي ڪڌي سوچ ۽ افغان عوام تي هڪ  نئين ڪاري باب جي شروعات اصل ۾ انهن رجعتي درندن جي جهالت جو اظهار آهي، جن جي باري ۾ سامراجي عالمي واپاري اڃان مختلف حوالن کان حساب ڪتاب ۾ مصروف آهن. باوجود نئين سامراجي معاشي بحران کين کي روڪي رکيو آهي. اهي رجعتي درنده ڪيستائين پنهنجي بک برداشت ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن انهن جي سامهون ڪو هڏو ڦٽو ڪيو وڃي. جهڙي ريت چين جي طرف اشارا مليا آهن ته انهن جي اندرين مروڙ ڪهڙو رنگ ڏيکاري ٿي اهو هڪ الڳ سوال آهي. باوجود ان جي هن وقت افغان عوام بک  ان حد تي پهچي چڪي آهي ته ٻارڙن جي کائڻ جي لاءِ صرف آفيم آهي، جيڪو سندن بک ته نٿو مٽائي سگهي، پر ڪي پل سمهاري سگهي ٿو. ايراني ملا ڪريسي کي به شايد مهاسا اميني يا ٻين عورتن کان مسئلو نه هجي ها. جيڪڏهن اهي هي نعرو نه هڻن ها ته هيءَ آخري ڀل آهي، اسان جو ته نشانو سمورو نظام آهي، باوجود ان جي اهو به سچ آهي ته جيڪڏهن عورت کي آزادي ۽ اختيار ڏنو وڃي ته سخت گير بنياد پرست رياستن جو سبب ڪهڙو رهجي ويندو، ان ڪري سستو سودو ته وري به انقلابي آوازن کي قتل تي وڃي پهچي ٿو.

افغان عوام پوئين تجربن کان گهڻو ڪجهه سکي چڪو آهي. طالبانن جي خلاف هڪ گڏيل نفرت ڏٺي وڃي ٿي. طالبان افغاني سماج کي هزارين سال پوئتي ڌڪڻ جا جيڪي وحشياڻا منصوبا رکن ٿا. اڄ جي دور ۾ انهن تي مڪمل عمل ڪرائڻ ڪڏهن به ممڪن ناهي، بغاوت ۽ مزاحمت دٻيل ضرور آهي، پر مئي ناهي. طالبان جو ڏاڍ جيترو ديوهيڪل ۽ ڳرو محسوس ٿئي ٿو، اندر کان اوترو ئي کوکلو آهي. انهن وٽ ايڪيهين صديءَ ۾ معاشري کي هلائڻ جو ڪو منصوبو يا لا عمل ناهي، صرف داٻو، رجعت، هٺ ۽ بربادي آهي. جڏهن ٻارڙن کي سمهارڻ جو آفيم به نه بچندو ته انهن جون رڙيون ۽ ڪيڪاٽ وڏن جي ڪنن ۾ به قيامت برپا ڪري ڇڏيندا. هڪ ڀيرو وري ماڻهو ثور انقلاب جي پراڻن ترانن کان چرپر وٺندا. خطي جي ٻين ملڪن ۾ انقلابي تبديليون ۽ تحريڪون ان سموري عمل کي سگھه ڏئي سگهن ٿيون. فضائن ۾ ڳاڙهي رنگ جي بهار وري ضرور نروار ٿيڻي آهي ۽ افغانستان تي ڇانيل طالبانن جي ڪاري ٻاٽ اونداهي پنهنجو موت پاڻ مري ويندي!.