نئون

فريال ٽالپر پنهنجي خلاف مني لانڊرنگ جا ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست ڏيئي ڇڏي

فريال ٽالپر سندس خلاف ايف آءِ اي ۾ داخل ٿيل مني لانڊرنگ ڪيس کي ختم ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيئي ڇڏي. درخواست ۾ فريال ٽالپر چيو ته هن خلاف ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته 15-2014 ۾ فريال ٽالپر مني لانڊرنگ ذريعي 15 ڪروڙ رپيا زرداري گروپ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا. درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي ڪيس جي ايف آءِ آر ۾ 10 ملزمن جا نالا ڏنا هئا جنهن ۾ هن جو نالو ڏوهي طور نه ڏنو ويو هو، ان لاءِ پنهنجي موقف کان آگاهه ڪرڻ لاءِ فريال ٽالپر کي ايف آءِ اي سمن ڏئي گهرايو هو، پر هن چونڊن ۾ مصروف هئڻ ڪارڻ ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪئي هئي. جنهن بعد ايف آءِ اي فريال ٽالپر کي پٽيشن ۾ مفرور ڄاڻايو. جڏهن ته هوءَ پنهنجي تڪ ۾ مصروف هئي نه ڪي لڪي وئي هئي. جنهن ڪري هن مٿان لڳايل الزام کي ڪالعدم قرار ڏئي ختم ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته هن جو نالو جاچ لاءِ رکيو ويو آهي نه ڪي هن کي مجرم قرار ڏنو ويو آهي، ان ڪري اهڙي ڪيس کي ختم ڪيو وڃي. واضح رهي ته ايف آءِ اي پاران اسٽاڪ ايڪسچينج جي اڳوڻي چيئرمين حسين لوائي کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن تي الزام آهي ته هن ملڪ جي ٽن بينڪن ۾ 29 اڪائونٽ کولرايا هئا جنهن جو سڌو سنئون واسطو زرداري گروپ سان ٻڌايو ويو آهي. جنهن بعد ايف آءِ اي پاران فريال ٽالپر کي سمن ذريعي پڇا ڳاڇا لاءِ گهرايو ويو هو.