پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

سنڌ ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف آپريشن جي هدايت

وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪڻڪ جي مسئلي تي هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي آپريشن جي هدايت ڏني جنهن ۾ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار حصو وٺندا. جڏهن ته صوبي جي ٻين ضلعن ۾ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي زير نگراني ذخيرو ڪندڙن جي خلاف سخت آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت وٽ پنهنجي ڪڻڪ 7 لک ٽن هئي جنهن مان 4 لک ٽن جاري ڪري چڪا آهيون. صوبائي وزير هري رام اجلاس کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ پاسڪو جا 12 هزار ٿيلها پهچي چڪا آهن. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ڪراچي لاءِ هر مهيني هڪ لک 30 هزار ٽن ڪڻڪ جاري ڪئي ويندي آهي. 15 مارچ تائين خوراڪ کاتو ڪڻڪ جاري ڪندو آهي. ان حساب سان خوراڪ کاتي کي اڃان به ٻن مهينن لاءِ ڪڻڪ جي فراهمي يقيني بڻائڻي آهي. وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڏيندي چيو ته سنڌ جي گودامن ۾ 3 لک 35 هزار ٽن ڪڻڪ موجود آهي، اها ملن کي ڏيئي رقم وصول ڪريو. سنڌ حڪومت مختلف گودامن تي ڇاپو هڻي ڪڻڪ هٿ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اڄ کان ڪراچي ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف آپريشن شروع ڪيو پيو وڃي.