چنڊ جي مٽيءَ مان آڪسيجن تيار ڪرڻ وارو آزمائشي پلانٽ تيار

انسان چنڊ تي آباد ٿيڻ جو خواهشمند آهي ۽ ان ڏس ۾ يورپي ماهرن هڪ ننڍو پلانٽ ٺاهيو آهي جيڪو چنڊ جي مٽيءَ مان آڪسيجن ڌار ڪري سگهندو. واضح رهي ته چنڊ جي مٽيءَ کي قمري ريگولٿ به چيو وڃي ٿو. چنڊ تان آندل ڪيترن ئي نمونن جو هر دور ۾ غور سان اڀياس ڪيو ويو آهي، جيڪي اپالو مشن ذريعي زمين تي آندا ويا هئا. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته چنڊ جي پٿرن ۾ چاليهه کان پنجيتاليهه سيڪڙو آڪسيجن موجود هوندي آهي، پر اها آڪسيجن ساهه کڻڻ جي قابل ڪونهي. ڇو ته اها آڪسيجن ڌاتي مادن ۾ بند هوندي آهي. هاڻي خلائي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي سينٽر هڪ اهڙو ننڍڙو آزمائشي پلانٽ ٺاهيو آهي جيڪو قمري پٿر ريگولٿ مان استعمال جي قابل آڪسيجن کي ڌار ڪندو.
