ڪراچي کي 10 ڪروڙ گيلن وڌيڪ پاڻي فراهم ڪرڻ جو منصوبو مڪمل ٿي ويو
ڪراچي جي شهر لاءِ خوشخبري آهي ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي سنڌ حڪومت 100 MGD منصوبي تي ڪم جو آغاز ڪيو هو جيڪو مڪمل ٿي چڪو آهي. 12 سالن کانپوءِ ڪراچي ۾ اضافي پاڻي جو هي پهريون منصوبو آهي جيڪو مڪمل ٿيو آهي. ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن ڪراچي ۾ پاڻي جي لائف لائين آهي هتان 45 کان 50 ڪروڙ گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي. 12 سال اڳ ڪراچي ۾ ڪي-3 منصوبو مڪمل ڪيو ويو هو، ان کان بعد ۾ ڪوبه منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو. ڪي-4 منصوبو مسلسل تاخير جو شڪار رهيو آهي، پر هن منصوبي جي تڪميل کانپوءِ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ بهتري آئي آهي.