پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

ڪنسورشم 39 ارب جي لاڳت سان ملير ايڪسپريس کي تعمير ڪندو

وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جي ٽيهين اجلاس جي صدارت ڪندي ملير ايڪسپريس وي جي تعمير ڪنسورشم کي تقريبن 39 ارب رپين ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه، وزير صحت ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو، چيئرمين ٽي اينڊ ڊي محمد وسيم، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا سومرو، پ پ يونٽ جو ايم ڊي خالد شيخ، اين اِي ڊي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر سروش لوڌي ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ملير ايڪسپريس وي جو منصوبو بلديات کاتي پ پ پ موڊ جي تحت شروع ڪيو هو، ان منصوبي جي حصول جي عمل کي انجام ڏيڻ لاءِ ٽيڪنيڪي ۽ مالي اويليوئيشن ڪميٽي TFEC تشڪيل ڏني وئي هئي. TFEC سنگل اسٽيٽ پروڪيورمينٽ جي عمل تحت بڊنگ دستاويزن جي منظوري ڏني هئي. مقامي ۽ بين الاقوامي اخبارن ۾ 31 جولاءِ 2019 تي هڪ اشتهار شايع ٿيو. ٽن ڪمپنين بڊ فائل ڪئي ۽ چئن ڪمپنين جي ڪنسورشم کي انهن جي گهٽ واڪ سبب ڪامياب واڪ ڏيندڙ قرار ڏنو ويو. هي ملير دريا سان گڏ 38.75 ڪلو ميٽر طويل ٿري لين ايڪسپريس هوندو جيڪو ڪورنگي ڪريڪ ايوينيو (DHA) کان شروع ٿيندو ۽ ڪراچي، حيدرآباد موٽروي ايم-9 تي ختم ٿيندو. ايڪسپريس وي تمام تيز رفتار رسائي ممڪن بڻائيندو جنهن سان مسافت گهٽ ٿي 25 منٽ رهجي ويندي، ان جا ڇهه انٽر چينج هوندا. وزيراعليٰ سنڌ چيو آهي ته منصوبي جي دائري ۾ ڊزائين، تعمير، ماليات ايڪسپريس هلائڻ ۽ بحالي جو احاطو ڪيو ويندو.